عرفان منان نديون، درياهه، سمنڊ، ڍنڍون ۽ ڍورا سونهن ۽ تفريح جي علامت هجڻ سان گڏو گڏ آبي جيوت جو گهر پڻ هوندا آهن، سڌريل ملڪن ۾ انهن جي سٺي طرح سار سنڀال لڌي ويندي آهي، انهن کي صاف سٿرو رکڻ لئه پڻ سٺو بندوبست ڪيل هوندو آهي. اتان جون حڪومتون انهن جي جياپي لئه ڪافي بجيٽون خرچ ڪنديون آهن. پر اسان وٺ وري ان جي ابتڙ ڪم ٿيندو پيو اچي، اسان وٽ انهن جي بهتري لئه ڪي به خاص ته ڇا پر عام به بندوبست به ڪيل نه آهن، جنهن ڪري اهڙن حسين منظرن جو ڏيک ڏيندڙ تفريح گاهه ڏسندي ڏسندي تباهي جي ور چڙهندا رهن ٿا ، اهي پاڻ تباهه ناهن ٿيندا پر هٿ سان تباهه ڪيا ويندا آهن. اهڙو حال تاريخي حمل ڍنڍ سان ڪيو ويو آ، ان جو هٿ سان پاڻي بند ڪري کيس سڪايو ويو آ. جنهن سبب آبي ۽ جهنگلي جيوت جا ڪي آثار به نه بچيا آهن. حمل ڍنڍ ضلعي قنبر شھدادڪوٽ جي ھڪ وڏي ۽ تاريخي ڍنڍ آھي ۽ سنڌ جي ٻين وڏين ڍنڍن ۾ شمار ٿي ٿئي. حمل ڍنڍ ھن وقت بلڪل سڪي ٺوٺ ٿي وئي آ، حمل ڍنڍ علائقي جي سونھن ھئي ۽ ھن علائقي جي ماڻهن جو تفريح گاهه ھجڻ سان گڏوگڏ روزگار جو به اھم وسيلو هئي. موجوده صورتحال ۾ حمل ڍنڍ جي خوبصورتي ۽ جواني ماضي واري نه رهي آهي. ماضي ۾ حمل ڍنڍ مان مرندڙ مڇي ۽ پکين تي هزارين غريب ماڻهن جو روزگار هوندو هيو ۽ هزارين ماڻهن جون چلهيون ٻرنديون هيون، جنهن ڪري جاگير جي علائقي جي رهواسين ۾ خوشحالي اچي وئي هئي، پر 2015 ۾ ايم پي اي سردار چانڊيو ڪروڙين روپين جا فنڊ منظور ڪرائي ھڪ اھڙي جعلي سلطان واهه تعمير ڪرائڻ جو چئي حمل ڍنڍ ۾ پوندڙ مختلف ڊرينن جي پاڻي کي غيرقانوني طريقي سان قنبر، غيبي روڊ تي وڏا بند ٻڌي روڪي ڇڏيو. جنھن جي نتيجي ۾ حمل ڍنڍ ۾ گھربل مقدار ۾ پاڻي نه پوڻ ڪري قنبر، وارهه، ميهڙ، فريدآباد، ڪي اين شاهه ۽ جوھي تعلقن جي ڪاڇي واري پوري پٽي جيڪا لکين ايڪڙن تي مشتمل آھي، اتي سرءُ جي مند وارا فصل ڪڻڪ، جَوَ، سرنھن، ڄانڀو، توري، وڏڦ، سوئا، گوار وغيره گذريل 5 سالن کان وٺي پوکجي نه سگھيا آهن. ٻيو ته پاڻي نه هجڻ ڪري ڪاڇي جي ماڻهن جي چوپائي مال جو چارو پيدا نه ٿيڻ ڪري سندن ڍور ڍڳا مري رهيا آهن ۽ هو پاڻ فاقاڪشي جو شڪار ٿي ويا آهن. حمل ڍنڍ جڏهن مڪمل ڀريل هوندي هئي ۽ تارو تار وهندي هئي ته انهن جي پوٺن ۽ آئٺن تي ڪنڊين جا وڏا وڻ ھوندا هئا، ان کان سواءِ ڪرڙ، ٻٻر ۽ ٻيريون به هونديون هيون، جن جي پنن ۽ شنڱر تي ڪاڇي ۾ رھندڙ سوين ڳوٺن جي هزارين مالوند ماڻهن جي رڍن ۽ ٻڪرين جا ڌڻ ۽ اٺن جا وڳ پلبا هئا. ان کان علاوہ انھن وڻن ۾ سوين پکين جا مختلف قسم اچي واهيرا ڪري آنا ۽ بچا ڏيندا هئا.۽ ِ ان ايريا ۾ وڏا وڏا سر، ڪانھن، ڊڀ ۽ ٻين مختلف قسمن جا گاهه ۽ ٻوٽا ٿيندا هئا، جن کي ھڪ طرف علائقي واسين جو چوپايو مال شوق سان کائيندو ھو ۽ ٻئي طرف ان گاهه ۾ جھنگلي جيوت جهڙوڪ گدڙ، لومڙ، بگھڙ، مرون، سيڙهه، ھرڻ، ڳوهه، نانگ، نور وغيره پڻ وڏي تعداد ۾ رھندا هئا. جڏھن جابلو نئيون ۽ برساتي وھڪرا اچي حمل ڍنڍ ۾ پوندا هئا ته پوءِ اتي ڪيچ لڳي ويندا هئا ۽ چوپائي مال جا اھڙا ته چارا پيدا ٿيندا هئا، جو قنبر، نصيرآباد، ڏوڪري، باڊهه جي علائقن جا مالوند ماڻهو پنھنجو چوپايو مال ڪاھي اچي اتي رھندا هئا، جنھن کي سنڌي ٻولي ۾ (سانگ) چئبو آھي. ان کان سواءِ حمل ڍنڍ ۾ گڏ ٿيل پاڻي تي نار ۽ ھرلا رکي مٿين سطح جي زمين تي اناج ۽ تيلي ٻجن وارا فصل پوکي جھجھو ڏوڪڙ ڪمائي سگھبو ھو. پر هاڻي جڏهن ان حمل ڍنڍ کي هٿرادو طرح سڪائي ان جو پاڻي بند ڪيو ويو ته آ اتان جون سموريون حسناڪيون ختم به ٿي ويون آهن. نه اهو پاڻي رهيو آ جنهن جي اجري سيني تي ٻيڙيون ۽ بتيلا قطارون ٺاهي ڪونجن جيان هلندا رهندا هيا، نه اهي پکي رهيا آهن جيڪي ڏوراهين ڏيهه کان ڍنڍ جي پاڻي تي ڇڪجي ايندا هيا ۽ خوشي مان ترندا ۽ هڪ ٻئي سان چهنبون ملائي پيار منجهان پرڙا هڻندا هيا، نه اها مڇي رهي آ جنهن تي هزارين گهرن جي چلهه ٻرندي هئي، هاڻي ته هن ڍنڍ جي سموري سونهن ختم ٿي وئي آهي. ھن وقت حمل ڍنڍ مرڻ ڪڌيءَ تي اچي پھتي آھي. مسلسل پاڻي نه پوڻ ڪري ڍنڍ ۾ باقي بچيل مڇي جو ٻيجارو به ختم ٿي چڪو آھي. ھزارين ماڻھو بي روزگار بنجي چڪا آھن، حمل ڍنڍ کي ڀريندڙ برساتي نئيون جھڙوڪ دلان نئن، مزاراڻي نئن، ٻوري سالاري نئن کي وڏا بند ٻڌي تر جي مها ڀوتار بند ڪرائي اهو پاڻي پنهنجي ٺاهيل ڊيمن ۾ ڇڏي ڏنو آھي. ڀوتار سائين جو ڪيڏي عجيب غريب سوچ ۽ ناقابل عمل منصوبو آهي ته نئن کي ان لئه بند ٻڌي ننڊا ڊيم ٺاهيا ويا آهن ته اهو پاڻي زمين ۾ آهستي آهستي جذب ٿي ويندو ۽ پوءِ جر مٺو ٿي ويندو،ِ آبادگار ٽيوب ويل هڻائي ٻارهو ئي آبادي ڪندا، هاڻي ڪير سمجهائي ڀوتار سائين کي ته جيسيتائين جر مٺو ٿئي ۽ هر هڪ آبادگار ڏهه کان پندرنهن لک خرچ ڪرڻ جا بندوبست ڪري تيسيتائين انهن نئن جي پاڻي تي جيڪا صدين کان وٺي ٻنن جي شڪل ۾ سوين هزارين ايڪڙ زمين آباد ٿيندي رهندي هئي اها ته بنجر بنجي وئي آ. هتي نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها به آهي ته جيڪي به برساتي نئون نالا آهن انهن تي جيڪا به آبادي ٿيندي آهي ان پاڻي جي ونڊ ورڇ علائقي جا آبادگار پاڻ ۾ ويهي صلاح ڪري ڪندا هيا. بيان ڪيل ڊيمن ۾ جيڪو به پاڻي گڏ ٿي رهيو آهي ان مان هڪ روپيو جو فائدو به علائقي واسين کي نه ٿيندو، اهو پاڻي فقط ڀوتار ذاتي خواهش جي پورائي لئه ڪم آڻي ٿو. ڪاڇي واسين ۽ حمل ڍنڍ جي پاڻي تي گذر سفر ڪندڙ آبادگارن ۽ عام ماڻهن سان وڏو ويل اهو به ڪيو ويو آهي ته جڏهن آبادگارن پنهنجي هڙان وڙان لکين روپيا خرچ ڪري ايف پي بند سان لڳو لڳ اوڀر طرف آر بي او ڊي سم جو پاڻي حمل ڍنڍ ۾ وهائڻ شروع ڪيو ته ڀوتار اهو پاڻي اهو چئي کولرائي ڇڏيو ته هي غيرقانوني آهي، جڏهن ساڳيو ئي ڀوتار وارهه قنبر تعلقي جي ڪيترن ئي سم نالن ۾ وارهه بئراج ۽ ان مان نڪرندڙ مختلف شاخن ۾ ڳجها ۽ غيرقانوني لول لڳرائي انهن وسيلي پاڻي سم نالين ۾ ڇوڙ ڪري ان مان ڪيترائي وڏا وڏا واثر کوٽائي ننڍن آبادگارن کان زمينن جو ٺيڪو ۽ ڪڻتو وٺي رهيو آهي، هتي اهم ڳالهه اها به آهي ته ڀوتار سائين سم نالن مان واٽر ڪڍائي ۽ يا هيٺان ڳنڍا ڏياري ساليانو ڪروڙين روپيا مفت ۾ حاصل ڪري ته اهو عمل قانوني ٿي ويو، پر جيڪڏهن مسڪين ماڻهو ۽ آبادگار پنهنجي جياپي لئه پاڻي جو ڦڙو حمل ڍنڍ ۾ وهائي ان پاڻي مان ان جي لپ حاصل ڪرڻ جي اميد رکن ٿا ته اها به علائقي جو معزز ڀوتار ۽ چونڊيل عيوضي برداشت نٿو ڪري. پاڻي جي عالمي قانون مطابق اھو وڏو جرم آھي ته ڪنھن ڍنڍ کي ائين ھٿ سان سڪايو ۽ تباهه ڪيو وڃي، جيڪڏهن ائين ڪير به ڪندا هجن ته انھن جي خلاف عالمي قانون مطابق قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي آھي ۽ ٿيل نقصان جو ازالو به ڪيو ويندو آھي، پر اسانجي ٺهيل قانون جا سمورا فقرا ۽ شقون صرف غريبن تي لاڳو ٿينديون آھن، باقي بااثر، ڀوتارن، نوابن، رئيسن ۽ وڏيرن تي قانون جو ھڪ به فقرو لاڳو نه ٿيندو آھي. اسين آخر ۾ اھو مطالبو ڪيون ٿا ته حمل ڍنڍ جو غيرقانوني طور بند ڪيل پاڻي کوليو وڃي. ھٿ سان بند ڪيل سموريون جابلي نئيون کوليون وڃن ته جئين ھن ڍنڍ جي رونق ٻيھر بحال ٿئي، ھزارين غريب ماڻھن جون چلھيون ٻيھر ٻرن، آبي جهنگلي جيوت کي ٻيهر جئيدان ملي ۽ علائقي جي ختم ٿي ويل سونھن به بحال ٿئي.