ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
شبِ معراج جي مناسبت سان ( معراج: معجزهء عشق )

معراج شريف رب تعاليٰ جو حضور صلي الله عليه وسلم سان محبت جو اعليٰ ترين مثال آهي. ان مان حضور صلي الله عليه وسلم جن جو اهو ڪمال قرب ظاهر ٿئي ٿو جيڪو مخلوق الاهي ۾ فقط پاڻ ڪريم صه کانسواءِ ڪنهن کي به حاصل نه آهي. نبوت جي ٻارهين سال حضور صلي الله عليه وسلم معراج سان نوازيا ويا. قرآن پاڪ به شاهدي ڏني آهي ته، ”پاڪ آهي اها ذات، جنهن پنهنجي ٻانهي کي راتو رات مسجد الحرام کان مسجد اقصيٰ تائين جو سفر طئي ڪرايو. ( سوره بني اسرائيل) الله تعاليٰ قرآن ڪريم ۾ حضور صلي الله عليه وسلم سان تمام گهڻن جڳهن تي پنهنجي محبت ۽ قربت جون تمام گهڻيون فضيلتون بيان ڪيون آهن، پنهنجي حڪم کي حضور صلي الله عليه وسلم سان منسوب رکيو آهي. جيئن فرمايو ويو ته، جنهن رسول صه جو حڪم مڃيو، بيشڪ ان الله تعاليٰ جو حڪم مڃيو. جيڪو به رسول صه جي اطاعت ڪندو، اهو ئي مطيع هوندو (سوره نساءِ) الله ۽ رسول صه جي اطاعت ڪريو، جيئن توهان تي رحم ڪيو وڃي (سوره آل عمران) الله ۽ رسول صه جي اطاعت ڪريو (سوره الانفال).
سڀ کان پهريائين حضور صه جو نور مبارڪ پيدا ڪيو ( نوٽ هن ڳالهه تي عالمن جا مختلف نقته نظر آهن ۔۔۔ممتاز ) ويو، مقام محمود ۽ حوض ڪوثر عطا ٿيو. مطلب ته هر لحاظ کان حضور صلي الله عليه وسلم کي شان اوليت عطا ٿي. هن ڪائنات ۾ الله تعاليٰ جا انسانن جي مٿان تمام وڏا احسان ۽ انعام آهن. اهو رب تعاليٰ جو حسن عشق جو اعليٰ تعلق آهي جو ان پنهنجي وحدانيت جو اعلان پاڻ ڪريم صه کان ڪرايو.
حضرت محمد صلي الله عليه وسلم عشق الاهي ۾ ايتري ته ڪثرت سان عبادت ڪندا هئا، جو سندن قدم مبارڪ سڄي ويندا هئا.
هي عشق دا جلوا هر هر دا، سبحان الله ، سبحان الله
خود عاشق خود محبوب بڻا، سبحان الله، سبحان الله
حضور صلي الله عليه وسلم جن جو معراج دراصل انسانيت جو معراج آهي، جنهن ۾ الله تعالي! حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن کي عرش عظيم تي آڻي انسان جي رتبي کي بلندي ۽ ڪمال بخشيو. دنيا جي تاريخ جو جائزو وٺنداسين ته حقيقت پڌري ٿي پوندي ته مڪي جو هي يتيم ٻارڙو ۽ بادشاهيءَ ۾ به مسڪينيءَ جو شاندار مثال قائم ڪندڙ شهنشاهه اعظم حضرت محمد صلي الله عليه وسلم ئي دنيا جي واحد عظيم ۽ ڪامل هستي آهي ۽ سندن معراج انسانيت جو اجتماعي معراج آهي.
ما رميت اذ رميت احمد است
ديدن او ديدن خالق شد است (رومي)