تبصرو; عاشق چانڊيو جڏھن کان ادب ڏانھن لاڙو ٿيو تـ ڪرشن چندر جو نالو ٻڌنڌا پئي آياسين ۽ امر جليل جي ڪتابن ۾ بـ ان جو ذڪر پڙھيو خاص ڪري "غدار" ناول جو ذڪر امرجليل گھڻو ڪيو آھي.تڏھن کان ڪرشن کي پڙھڻ جو شوق ٿي پيو ھو ۽ کيس پڙھڻ لاء دل آتي ھئي. ھڪ ڏينھن دوست ڪرشن چندر جو ناول "محبت بـ قيامت بـ "خريد ڪيو ۽ مون جڏھن ھن کي اھو ڪتاب ڏٺو مون کيس کسي ورتو تـ پھريان مان چندر کي پڙھان پوء تون پڙھنجانس.مون کيس ڪتاب ورتو ۽ پڙھڻ شروع ڪيو.ڇا تـ ڪرشن جي لکڻ جو انداز آھي,تعريف بـ حق تي ٿي رھي آھي.سڀ کان پھريان اسان وٽ جڏھن محبت جو نالو ايندو آھي تـ اسان ان ۾ جنس جو بـ تصور ڪري وٺندا آھيون ڇاڪاڻ تـ اسان وٽ اھو تصور گھڻو ٿي ويو آھي ۽ اسان وٽ محبت نالو ئي ٻن جسمن جي ملڻ جو ٿي ويو آھي.حالانڪ محبت جو تصور ان کان گھڻو مٿي آھي پر اسين سمجھي نـ سگھيا آھيون.تنھن ڪري مونکي بـ اھو خيال اچڻ لڳو تـ ھي محبت بـ ايئن ھوندي پر جڏھن مان ڪتاب پڙھڻ ويٺس ۽ محبت بابت ڪرشن چندر جا جڏھن ھي خيال پڙھيم تـ "جيستائين تصويرون نـ ٿيون ملن تيستائين احساس بـ نـ ٿا ملن.امنگون ۽ ارمان نـ ٿا ملن تـ محبت بـ نـ ٿي ملي,صرف ٻن جسمن جي ملڻ سان ھڙ حاصل ڪجھ بـ نـ آھي."جڏھن مون ھي خيال پڙھيا تـ مون محسوس ڪيو تـ چندر وٽ محبت جو حقيقي تصور آھي.اسان وٽ بـ ماضي ۾ محبت جو اھو ئي تصور ھو پر ھاڻي اسان جديديت پسند ٿي ويا آھيون ۽ گھڻن پراڻن شين کي وساري ڇڏيو آھي.ان تصور جو مثال سسئي پنھون آھي,سھڻي ميھار آھي.انھن محبت جي ان تصور کي حقيقي روپ ڏيڻ لاء پنھنجيون جانيون بـ وڃائي ڇڏيون.بھرحال ڪرشن چندر جو ھي ناول شاندار آھي,ھڪ اھڙي مزيدار ڪھاڻي آھي جيڪا ھڪ ئي ساھي ۾ پڙھڻ تي دل گھري ٿي.ھن ناول جو جو متن ھي آھي تـ "مکيـ ڪردار ڪنھن شھر ۾ اخبار جو ايڊيٽر ھو ۽ اخبار بند ٿيڻ تي ھو ڳوٺ وڃي رھيو ھو,ھن سان گڏ آڀا بـ ان اخبار جي سب ايڊيٽر ھئي اھا کيس ڳوٺ وڃڻ کان جھلي رھي ڇاڪاڻ تـ ھن کي ھن سان محبت ھئي پر ھو نـ رڪيو ۽ ريل گاڏي ۾ سفر ڪرڻ لڳو اتي ھڪ ٿلھو شخص بـ ھو جيڪو ٿلھو ھئڻ سبب سڀ ڪم ڪردار(ڪردار جو نالو ناھي بلڪ مان آھي)کان ڪرائيندو ھو ۽ اتي ھڪ فوجي بـ ھو جيڪو ڳوٺ شھپارا شادي ڪرڻ ٿي ويو ھو اھو کيس ٿلھي شخص جي ڪم ڪرڻ کان جھلي پيو پر ھن کي مٿس ترس ايندو ھو ڇاڪاڻ تـ ھو ٿلھي ھئڻ سبب ڪو ڪم سولائي سان نـ پئي ڪري سگھيو تنھن ڪري ڪردار سڀ ڪم ڪندو پئي آيو ۽ ايستائين ڪندو آيو جيستائين ان جي زال نـ آئي.ڳالھين ڳالھين ۾ ٿلھي شخص ڪنھن رن زال جي زمين جي ڳالھ ڪئي جيڪا ڪنھن پھاڙي ۽ جھنگلي علائقي ۾ ھئي ۽ ھؤ رن زال ھئڻ ڪري وڪڻي رھي ھئي.زمين تـ ڀلي ھئي پر ڪو خريد نـ پيو ڪري ڇاڪاڻ تـ جھنگ ھو تڏھن تمام سستي وڪڻجي رھي ھئي.ھن (ڪردار) کي زمين خريدڻ جو شوق ٿيو ۽ ھن رستو پڇڻ چاھيو تـ فوجي چيو تـ رستو توکي مان ٻڌائيندس ڇاڪاڻ تـ ھن جو ڳوٺ بـ ان رستي ڏانھن ھيو ۽ ھو ٻئي گڏجي ڳوٺ ويا.فوجي جي ڳوٺ پھچڻ شرط سندس جي شادي جي موقعي تي دھلن وڄڻ بجاء تنھائي ھئي ڇاڪاڻ تـ ھن جي ٿيڻ واري زال ڪنھن سان ڀڄي وئي ھئي ۽ فوجي پھچڻ شرط ئي گھران نڪري ويو ۽ ھو اتي رھي پيو ڇاڪاڻ تـ ھو اجنبي ھو ۽ صبح ٿيندي ئي زمين ڏسڻ لاء ھليو ويو ۽ ڀلجي ويو پر ڪنھن جھرڻي تان جتي ڪو ماڻھو ملي ويس ھن ان کان ان ھنڌ جو ڏس پڇيو ۽ تمام ڏکيائي سان اتي پھتو ڇاڪاڻ تـ جابلو علائقو ھو ۽ ندي بـ ھئي.اتي کيس ھڪ ڇوڪري ھندوري تي لڏي رھي ھئي ۽ ٻير کائي رھي ھئي ۽ ڏاڍيان کلي بـ پئي جنھن جو نالو ريکا ھو.جيڪا پنھنجي ماء ڏانھن گڏجاڻي تي آئي ھئي,ھن کي ڏسندي ئي ھن جا ٿڪ لھي ويا ۽ کيس مخاطب ٿيو ۽ ٻڌايو تـ ھو زمين ڏسڻ آيو آھي.ھؤ حويلي ڏانھن وٺي وئي,جتي ھو ان جي ماء سان مليو ۽ زمين بابت ڳالھ ڪئي ۽ ھن صبح جو زمين ڏسڻ لاء چيو ۽ھن کي مھمان جو ڪمرو کولي ڏنو ويو جتي رات جو ڪنھن ان تي حملو ڪيو,پر ان سان وڙھي ھو جان ڇڏائي ويو ۽ صبح ڪنھن سان ڳالھ بـ نـ ڪئي ۽صبح جو ريکا ۽ ھو زمين ڏسڻ لاء ويا جتي پھچڻ شرط مينھن کين ورايو ۽ ھو مينھن کان لڪي شڪارگاھ ۾ اچي ڪنھن جڳھ تي مينھن کان لڪا.اتي مينھن تمام گھڻو پئي وسيو ڇاڪاڻ تـ ھڪ پھاڙي علائقو ھو ۽ تمام گھڻا وڻ ھئا.(پاڻ نـ وڻ پوکيون نـ وري ڪو مينھن ئي وسن,مينھن لاء اصل سڪي مئا آھيون.)اتي انھن تي بندوق جو حملو ٿيو جن ۾ ھنن پاڻ بچائي ورتو ۽ لڪي ويا پر جڏھن قاتل اندر آيو تـ ھو ان سان وڙھي پيو ۽ ريفل کسي اڇلائي,ھو اھو راتوڪي حملي وارو ماڻھو لڳو ڇاڪاڻ تـ ھن جي جسم مان اھا ئي ڀنگ جي ڌپ اچي رھي ھئي ۽ ھو (حملو ڪندڙ) ريکا جي زمين جو ئي ڪمدار نڪتو.ھتي اڳ ۾ بـ ٻـ ٻيا خون ٿي چڪا ھئا.ھڪ ريکا جو پئ ۽ ٻيو سندس چاچو جيڪي ڪنھن تي ثابت نـ ٿي سگھيا ھئا اھي خون بـ ان باسيا.جڏھن ھو گھر آيا ھنن ان رن زال سان ڳالھ ڪئي ھن ريکا کي ساڻ وٺي ھن کي پنھنجي مڙس وٽ ڇڏڻ لاء موڪليو ۽ چيو تـ ھو ان ڪمدار کي ختم ڪري پاڻ پوليس وٽ ھلي ويندي.ھو ريکا کي ساڻ ڪري جيرآباد ڏانھن نڪتو واپسي تي بـ ھنن کي مينھن ورايو ھو۽ ندي تار پئي وھي جنھن ڪري ھو اتي ترسيا ندي جو پاڻي گھٽ ٿيڻ تي ھو ان ۾ لٿا ۽ ڪنارو پار ڪيائون پر ڏکيائي پيش آئي ڇاڪاڻ تـ پاڻي جو وھڪرو تمام تيز ھو ۽ ھو ٻڏندي ٻڏندي بچيا ۽ مس اھو علائقو ٽپي ويا ڇاڪاڻ تـ پويان حملي آور جا ماڻھو ھئا.جيرآباد ويندي وري ھو جڏھن ريل تي وڃي رھيا ھئا تـ اتي وري ڌاڙيلن اغوا ڪري ورتو ۽ ھن اجنبي جيڪو زمين ڏسڻ لاء آيو ھو ان ڌاڙيلن کي ڀنگو ڏئي کيس آزاد ڪرايو ڇاڪاڻ تـ گھڻو وقت گڏ رھڻ ڪري ھن کي ريکا سان محبت ٿي وئي ھئي.اتي کيس اھو فوجي بـ مليو ۽ ھن ان ڀڄي ويل زال کي ۽ سندس مڙس کي پڪڙي وڌو ھو ۽ مارڻ جي ڪوشش ڪئي ھئائين پر ماري نـ سگھيو ھو,ڇاڪاڻ تـ ھن کي پنھنجي ٿيندڙ زال سان محبت ھئي.اتان آزاد ٿي ھو جڏھن جيرآباد جي ويجھو آيا تـ ريکا ھن کي موٽڻ لاء چيو ڇاڪاڻ تـ ھن جو مڙس وڏو ظالم ھو ۽ جيڪر ھنن کي ڪوئي ڏسي وٺي ھان تـ مارائي ڇڏي ھان ۽ پوء ريکا ھن سان واعدو ڪيو تـ ھؤ ٽن ڏينھن کان بعد وري ان زمين تي ويندي ۽ ھو بـ اتي اچي ملي.ٽن ڏينھن کانپوء جڏھن ھو اتي واپس ويو تـ ان ھنڌ تي ڪا حويلي نـ ھئي,ڪا ٻير نـ ھئي جنھن جا ٻير ان دفعي ريکا کائي رھي ھئي اتي ھڪ پوڙھو ريڊار بيٺو ھو ۽ ھن جڏھن ھن کان ان بابت پڇيو تـ ھن چيو تـ حويلي ھئي پر اھا اسان جي پچپن ۾ ھئي ۽ جڏھن ھن ريکا بابت پڇيو تـ ھتي ڪا ڇوڪري بـ پنھنجي ماء ڏانھن ايندي ھئي تنھن تي ريڊار ٻڌايو تـ ھا ھوندي ھئي پر ھن کي پنھنجي مڙس ستي ڪري ڇڏيو ڇاڪاڻ تـ ھن کي ڌاڙيلن اغوا ڪيو ھو ۽ اتي ڪنھن اجنبي پنجويھ ھزار ڀنگو ڏئي آزاد ڪرايو ھو جنھن تي کيس مڙس ڪاري ڪري ستي ڪري ڇڏيو اھو ٻڌي ھو غرق ٿي ويو ڇاڪاڻ تـ ھي سڀ ٽي ڏينھن اول جي ڳالھ ھئي ۽ پوڙھو چئي رھيو ھو تـ اسان جي بچپن ۾ ايئن ٿيو ھو ۽ ٻيو تـ ھن ڪڏھن ان سان جسماني لاڳاپا نـ رکيا جڏھن بـ ھو کيس پيار ڪرڻ گھرندو ھو تـ ھو چوندي "مونکي ٽڪو نـ لائجان بابو" ۽ ھو چپ ٿر ويندو تڏھب رڙيون ڪرڻ لڳو پر پوڙھو وٺي آيو ۽ پوء ھو آڀا ڏي ھليو ويو." ھن ناول ۾ ايڏي تـ گھرائي آھي جو مونکي ھتي متن پيش ڪرڻ ۾ تمام گھڻي ڏکيائي پيش آئي آھي ۽ پوء بـ شايد ايترو نڀائي نـ سگھيو آھيان.ھن ناول ۾ تمام گھڻا عڪس چٽيل آھن.جيئن محبت جو عڪس چٽيل آھي تـ تمام گھڻو وقت گڏ گذاريندي بـ ھنن جسماني خواھشن کي مات ڏني آھي جيتوڻيڪ ريکا جو مڙس بـ ظالم آھي ۽ ھو گھڻو وحشين وانگر ماريندو ھو پر پوء بـ ھن جي زبان تي "مونکي ٽڪو نـ لائجان بابو" جا لفظ ھوندا ھئا,شايد انھن جذبن کي روڪڻ ئي قيامت ھئي جيڪا ڪتاب جو عنوان بڻي تـ "محبت بـ قيامت بـ".ان کان علاوھ جديديت جو عڪس بـ چٽيل آھي تـ ريل ۾ ھنن کي ٻـ مرد ملن ٿا جيڪي پاڻ ۾ زال مڙس آھن.ھو حيرت منجھان پڇي ٿو تـ ھي قدرت جي خلاف آھي جيتوڻيڪ توھان جنسي پورائي ڪري سگھو ٿا پر خاندان نـ ٿا بڻائي سگھو.جنھن تي ھو چون ٿا عورت ۽ مرد جي شادي جي رسم ھاڻي پراڻي ٿي چڪي آھي ۽ خاندان ڪير ٿو بنائڻ چاھي صاحب,ٻار ڪنھن کي گھرجن?ھن جھان ۾ اڳ ئي انساني آبادي وڌي وئي آھي.دوزخ ۾ پوي خاندان,اسان کي اسان جي جنسي آزادي گھرجي." ھتي دنيا جي جديديت جو عڪس چٽيو ويو آھي تـ دنيا ڪيتري جديد ٿيڻ پئي چاھي,ھي جديدت جو خيال سال اڳ بـ موجود ھو.ھن ناول ۾ ڪارنھن وارو سلسلو بـ بيان ڪيل آھي تـ ڪيئن بنا ثبوتن جي ھن ريکا کي ڪاري جو الزام ڏئي ستي ڪري ڇڏيو.ان کان علاوھ ٻيون بـ گھڻيون ڳالھيون اٿس ڪھڙيون لکي ڪھڙيون لکجن.ھي ناول آھي تـ ڪچي بائنڊنگ ۾ ۽ ننڍڙو آھي پر تمام وڏيون ڳالھيون اٿس.ھي ناول نئون نياپو طرفان شايع ٿيل آھي ۽ 144 صفحن تي مشتمل آھي.
جڏهن سنڌسلامت ڪتاب گهر جي ويب ايپليڪيشن تي ڪم ڪيو پئي ته سليمان وساڻ مونکي هي ناول اپلوڊ ڪرڻ لاءِ ڏنو هئو. اپلوڊ ڪرڻ کان پوءِ پڙهيم ته هڪ ئي ويهڪ ۾ ناول پڙهي پورو ڪيم. واقعي بهترين ناول آهي.