• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

غزل

جان زريناڻي

سينيئر رڪن
غزل

اڃا وِھنجَ بـرسـات ۾ ڪجھ ٿڌو ٿي
مٺا ڪنھن مُلاقات ۾ ڪجھ ٿڌو ٿي

سـڄڻ سـاھَ ۾ ٿو رھي يار منھنجي
اڙي سور سڪرات ۾ ڪجھ ٿڌو ٿي

رکي رات ڀر جا رُساما ٻي پاسي
پرين پرچَ پرڀات ۾ ڪجھ ٿڌو ٿي

ٻُڙي کي ٻُڙي سان ، ڪَبي ضربَ ڪھڙي
اَجـــائـي اِضافات ۾ ڪـجھ ٿڌو ٿي

زمــانـو تہ آھــستہ آھــستہ سِکندو
اڙي جــان جذبات ۾ ڪجھ ٿڌو ٿي

جان زريناڻي
 
Back
Top