غزل

'شاعري' فورم ۾ جان زريناڻي طرفان آندل موضوعَ ‏2 آگسٽ 2019۔

  1. جان زريناڻي

    جان زريناڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 فيبروري 2012
    تحريرون:
    229
    ورتل پسنديدگيون:
    534
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    ڌنڌو:
    زراعيت ، بلوچ ڪيبل يارو لنڊ
    ماڳ:
    ڳوٺ محمد جان زريناڻي لڳ پير پکڙوئي لعل
    عشق اوھان ۾ ، اوتي ويندس
    مان ڀي ڏسجانءِ ، توتي ويندس

    تنھنجي پيار جي ، گنگا! پائي
    غم لاھي ھڪ ، غوطي ويندس

    تصويرون جوڙي تصور جون
    ساھ وجھي ، ھر بوتي ويندس

    تنھنجو فيض فصل ڀي لٔڻندس
    پنھنجو پيار بہ پوکي ويندس

    جڳ پٔڇندو جو، جان اوھان لئہ
    ساٿ کڻي سو ، توکي ويندس
    جان زريناڻي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو