غزل

جان زريناڻي

سينيئر رڪن
پـيـر تـي ڏيـندو ، پير اچي ٿو
دل ! ڪمري ۾ ، ڪير اچي ٿو؟

پنـھنجي ڀـاڱي ، پاءُ نہ پڻڪِي
جـو بہ اچي ٿو ، سير اچي ٿو

دشــمـن آيــو ، ازل کان اڳ ۾
دلــبـر ڇـا لئہ ؟ ، دير اچي ٿو

صـاف شفاف تہ ، شيخ اياز آ
ڌاري ! ڌوئـــي ، مير اچي ٿو

ســـھـڻو آهـي ، سنڌي ھوندو
ٻــھـراڙي جــو، شـير اچي ٿو

شـيـطـانَ! اڃــان ڀـي ساڳي جاء
پر حـاجـي ٿـي ، زير اچي ٿو

ٽور ٽُري ٿو «جان» بہ اِئن جئن
ڪاھيندو جمشير° اچي ٿو

جان زريناڻي

° جمشير
منھنجي والد صاحب
 
Back
Top