حمل ڍنڍ کي سڪائي ڪاڇي ۽ جاگير واسين جو معاشي قتل بند ٿيڻ گهرجي

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏3 آگسٽ 2019۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    ڪامريڊ منان چانڊيو

    تازو حمل ڍنڍ متعلق هڪ دوست جو آريٽڪل شايع آھي، جنهن ۾ هن حمل ڍنڍ جي عروج ۽ زوال جي سببن تي سٺي ڄاڻ ڏني آھي. پر پوءِ به ڪجھ حقيقتون رهجي ويون آھن ڪوشش ڪري اهي عوام تائين آڻيون پيا، جيڪڏھن ڪٿي ورجاءُ ٿئي ته ان لاءِ اڳ واٽ معزرت ڪيون ٿا. ٽي چار ڏينهن اڳ گهر کان قاضي غفار لائبريري ڏانهن اچي رهيو هيس ته رستي ۾ هڪ ڪاڇي واسي مليو، مون کيس پڇو ته تازين پوندڙ برساتن ۾ اوهانجا ٻنا ڀريا يا نه ڀريا، ان ويچاري مسڪين ماڻهو اداس چهري ۽ ڏکاري لهجي ۾ وراڻيو ته ڪامريڊ ٻنا ڪئين ڀرجن، ڀوتارن ته مختلف نئين جهڙوڪ دلان، مزاراڻي، ڍورو ۽ ٻين کي وڏا ۽ مضبوط بند ٻڌرائي ڇڏيا آهن، انهن ۾ هن وقت ڏهه کان ٻارنهن فٽ پاڻي ڇوليون هڻي رهيو آهي، پر هيٺ هڪ ڦڙو به پاڻي به نٿو وهي. عجيب اتفاق جي ڳالهه ته مان لائبريري اڃان مس پهتس ته لائبريري سان لڳو لڳ هڪ پراڻن ڪپڙن، بوٽن ۽ ٻئي نيلامي سامان جي دوڪان تان ٻه پوڙهيون عورتون ڪجهه غريباڻو سامان وٺڻ آيون، دوڪان مالڪ انهن عورتن کي مون ڏانهن اشاري ڪندي چيو ته هي آهي ڪامريڊ منان جيڪو غريبن سان ٿيندڙ ڏاڍائن تي لکندو ۽ آواز اٿاريندو آهي، اهي لفظ ٻڌڻ کان پوءِ مون عورتن کي چيو ته امان حمل ڍنڍ جي پاڻي تي مڇين ۽ پکين جي شڪار تي اوهان ۽ اوهان جهڙن ٻين سوين هزارين ميربحرن ۽ علائقي واسين جو گذر سفر ٿيندو آهي، ته پوءِ اها ڍنڍ هن وقت ڪنهن ۽ ڇو سڪائي ڇڏي آهي؟ ان تي انهن عورتن جهيڻي آواز ۾ چيو ته ابا وڏن ڀوتارن جي مهربانيون آهن، مون کين چيو ته پريس ڪلب تي هلي صحافين کي اصل حقيقت ٻڌايو، جواب ۾ چيائين ته ابا اسانکي پاڻ ۽ گهرڀاتي مارائڻا ڪون آهن جو سردارن خلاف هڪ لفظ به زبان مان ڪڍون. خير ويچاريون عورتون ڪجهه سامان هڙ ۾ ٻڌي واپس هليون ويون. پوءِ مون گهري سوچ ۾ وڪوڙجي ويس ته آخرڪار ڀوتارن کي اهڙا منفي ڪم ڪرڻ سان ڪهڙو فائدو، يا وري ڪهڙو دلي سڪون ملي ٿو جو هو پنهنجي ووٽرن، برادري، ۽ راڄ وارن لئه هٿرادو نموني ڏڪار برپا ڪري ماڻهن، مال، ۽ آبي جهنگلي جيوت کي پاڻي لپ لئه تڙپائي رهيا آهن. ڇا اهڙي غلط عمل تي کين ضمير ملامت نٿو ڪري. ڀوتارن جي اهڙي غير انساني، غيرقانوني ۽ غير سنجيده حرڪت ڪرڻ جا ڪهڙا ذاتي ۽ انا وارا مقصد ۽ مفاد آهن، انهن جي گهرائي ۾ وڃڻ يا اصل حقيقت عوام اڳيان پڌري ڪرڻ کان اڳ اهو ڏٺو وڃي ته دنيا جي انهن ملڪن جتي حقيقي جهموريت قائم ٿيل هوندي آهي، جتان جا ووٽر ۽ چونڊيل عيوضي پنهنجي قانوني، آئيني، جهموري ۽ انساني حقن کان بخوبي واقف هوندا آهن، جتي ووٽ سرداري، ڀوتاري، ميري، پيري، لالچ،لوڀ، دڙڪي دهمان جي بنياد تي نه پر سياسي پارٽين جي عوامي منشور ۽ اميدوارن جي بهتر ڪارڪردگي جي سونهري اصولن موجب ڏنا ۽ ورتا ويندا آهن، ته پوءِ هر چونڊيل عيوضي اهو ڪنهن پارليامينٽ جو ميمبر هجي يا مقامي ڪائونسلز جو، اهو پنهنجي تڪ واسين توڙي ووٽرن آڏو هر ننڍي وڏي مسئلي جي حل لئه سوسيڪڙو جوابده هوندو آهي. اها حقيقت آهي ته ڪو به چونڊيل نمائيندو پنهنجي ووٽرن جي جائز مسئلي جي حل لئه مناسب فورم تي آواز نٿو اٿاري ته ووٽر ڪنهن به ڀري محفل يا عوامي ويهڪ ۾ کائنس سخت پڇاڻي ڪرڻ جا مجاز آهن. اهڙين ڳالهين يا جمهوري ۽ عوامي قدرن جو اسان وٽ ڪو به خيال نه رکيو ويندو آهي.افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته هڪ طرف اسان وارا چونڊيل همراھ پنهنجي فرضن جي ادائگي کان غافل ۽ ڪاهل هوندا آھن، ٻئي طرف ووٽر وري پنهنجي ووٽ جي اهميت يا طاقت کان بيخبر ۽ لاتعلق بنيل هوندا آھن. ظاهر آھي ته جڏھن اهڙي جمهوري عوامي ۽ سُرت جي ابتڙ صورتحال هوندي ته پوءِ عوام عذابن واري زندگي گذارڻ تي مجبور هوندو يا کڻي ايئن چئجي ته جيڪي فرد عوام جا مسئلا حل ڪرڻ جا ذميوار هجن اهي عوام لاءِ خود مسئلا پيدا ڪندا هجن ته ان کان وڌيڪ ٻيو الميو ڪهڙي ٿي سگهي ٿو!خيرن سان قمبر شھدادڪوٽ ضلعي جي ٻن صوبائي تڪن پي ايس پندرنهن قمبر ۽ پي ايس سترنهن وارھ تان چونڊيل چانڊيا نواب گهراڻي جا ٻه اهم فرد هر هڪ نواب سردار خان چانڊيو ۽ سندس پيارو ۽ دل بند ڀاءُ نوابزاده برهان خان چانڊيو ايم پي اي آھن. اهي عوام جا عيوضي پنهنجي ووٽرن تڪ واسين سان پيش ڪيئن ٿا اچن انهن جو رويو ۽ ظاهري عمل عوامي نوعيت وارو آھي يا آقا ۽ غلام وارو. همراھ عوام جا جائز مسئلا حل ڪن ٿا يا وري ڄاڻي واڻي پورهيت عوام لاءِ مصيبتن جا طوفان پيدا ڪن ٿا. ان جي ٿورڙي جهلڪ بيان ڪرڻ کان پهريون ڏسبو ته سنڌي قوم ۽ عوام جي خوش قسمتي چئجي يا بدقسمتي چئجي ته اتر سنڌ کان وچولي ۽ ڏکڻ سنڌ جي چونڊيل نمائندن ۾ اڪثريت قبيلائي سردارن، ڀوتارن، جاگيردارن، پيرن، ميرن ۽ زميندارن جي آهي. انڪري لفظ ''خوش قسمتي'' ان لاءِ لکي رهيا آھيون ته انهن حضرات جو ذاتي ۽ موجوده سماجي ريتن رسمن جي حساب کان تمام وڏو اثرائتو اثر آھي. جيڪڏھن هو ايمانداري سان پنهنجون صلاحيتون ڪتب آڻين ته عوام کي چڱو خاصو رليف ملي سگهي ٿو. هتي لفظ ''بدقسمتي ان لاءِ استعمال ڪري رهيا آھيون ته جهڙي ريت مذڪوره معزز ماڻھو پنهنجي قبيلي جا سردار، ڀوتار ۽ فرقي جا روحاني رهبر آھن. ساڳئي طرح چونڊيل عيوضي پڻ. چوڻ جو مطلب ته سياسي سماجي نقطي نگاھ کان مٿن ٻه ذميواريون عائد ٿين ٿيون پر افسوس ته هو ٻنهي معيارن تي ٽڪي برابر به پورا ڪو نه ٿا رهن. عوام جا جائز ڪم ڪار ڪرڻ ته پنهنجي جاءِ تي پر عام ماڻھن سان وڏو ويل اهو آھي ته هو چونڊيل عيوضين جي بنگلن تي وڃن ٿا يا وري اهي حضرات مسڪينن جي ڪکن تي ڇٺي ڇهمائي اچن ٿا ته ٻنهي حالت ۾ عام ماڻھو هٿ ادب ۾ ٻڌي بيهن ٿا. يعني حاڪم ۽ محڪوم وارو قصو هلي رهيو آھي. جڏھن اهڙي طبقاتي متڀيد يا ننڍ وڏائي واري دقيانوسي سوچ ۽ روايت قائم هوندي ته پوءِ يقينن پورهيت عوام لاءِ هر روز نت نوان ڳنڀير مامرا اڳ کان به وڌيڪ پيچيده ۽ پيدا ٿيندا ويندا. اهو سمورو ڪار وهنوار ڪنهن به صورت ۾ قبولڻ جهڙو ڪونهي نه وري چونڊيل عيوضين کي جڳائي ٿي. خير پاڻ حمل ڍنڍ جي سڪي ٺُوٺ ٿي وڃڻ ۾ اتان جي پااثر ڀوتارن جو هٿ هئڻ جي وارتا ٻڌائيندي ڪٿان جو ڪٿي وڃي پهتاسين، پر ڇا ڪجي ته سمورن ڀوتارن جا افعال هڪ جهڙا ئي آھن. بهرحال حمل ڍنڍ بابت ڪيتريون ئي حقيقتون، عشقيه داستان، زرمه جنگي قصا يا وري ڏند ڪٿائون مشھور ٿيل آھن. مثال طور تي جنهن زماني ۾ سنڌو درياھ انسانن جي قيد و بند ۾ ڪو نه هو ته مذڪوره ڍنڍ نه پر ساروھ دريا سڏبو هيو، يا ايئن کڻي چئجي ته سانوڻي واري مند ۾ اصل ۽ وڏي سنڌو درياھ مان هڪ ڇاڙھ يا واهڙ نڪري ڪشمور کان شروع ٿي ساروھ کان ٿيندو وڃي منڇر ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪندو هيو، جڏھن درياھ بادشاھ کي پنجوڙ وڌا ويا ته ساروھ درياھ مختلف ڍنڍن واري شڪل اختيار ڪري ورتي جهڙوڪ ٺوڙهڪي، ريٻاري، بڊام، ڪاڇڙي، ڍنڍون سڏجڻ لڳيون. جيئن ته اهي سموريون ڍنڍون هڪ ٻئي سان ڳنڍليون هيون انڪري انهن جو گڏيل نالو حمل ڍنڍ ٿي ويو. ڇاڪاڻ ته ان دور ۾ حمل نالي سان هڪڙو پنهنجي حساب سان وڏو ۽ تاريخي شھر ڍنڍن سان لڳو لڳ هيو. ٻئي ڳالھ ته ان ڍنڍ جي اڃان به وڏي ۽ حقيقت هئي ته شاعرن جي سرتاج ڀٽائي گهوٽ جي هڪ سورمي پُنري بڊاماڻي جو اباڻو ماڳ به اتي ئي هيو. ان کانسواءِ اها به حقيقت آھي ته سنڌ تي جڏھن عوام دوست حڪمران ڄام نندو خان جي حڪمراني هئي ته ان وقت ارغون لشڪر ڪشي ڪري ساڳئي ئي ڍنڍ واري علائقي مان ڦُرلُٽ ۽ مارا ماري ڪري ويندا هئا. هنن جي ظلمن جو شڪار جتي سنڌي قوم جي ٻين قبيلن ۽ برادرين جا ماڻھو ٿيندا هئا اتي چانڊيا به ٿيندا هيا. ڌارين جي يلغار کي روڪڻ لاءِ ڄام نظام الدين عرف نندي خان پنهنجي پياري ۽ بهادر سنڌ پرست گورنر دولھ درياھ خان کي فوج ڏئي ارغونن سان قومي ويڙھ وڙھڻ لاءِ ٺٽو کان موڪليو، اها عوامي فوج پنهنجي سپھ سالار سميت تاريخي حمل ڍنڍ جي ڪناري تي هڪ ڪئمپ قائم ڪئي، هتي اهو به واضح ڪندا هلون ته ٺٽي جي حڪمران کي ڪن ماڻھن چيو ته هن علائقي جي عوام سان ارغونن جي ظلمن زيادتين کانسواءِ چانڊيو قبيلي وارا به بيواجبيون ڪري رهيا آھن، ان دانهن جي اصل حقيقت معلوم ڪرڻ لاءِ دولھ درياھ خان چانڊيا قبيلي جي سردار اسحاق خان ڏانهن ماڻھو موڪلي کيس حاضر ٿي وضاحت پيش ڪرڻ لاءِ گهرايو، ان نياپي جي پوئواري ڪندي چانڊيا نواب گهراڻي جي هڪ نوجوان فرد سريمڻ خان چانڊيو پنهنجي برادري جا نيڪ فرد ساڻ ڪري دولهه درياهه خان سان مليو، ۽ پنهنجي قبيلي مٿان فساد پکيڙڻ واري لڳل الزام کي ڪوڙو ثابت ڪيو. سريمڻ خان جي اهڙي نيڪ جذبي ۽ خوداعتمادي واري اعليٰ گڻ کان دولهه درياهه خان تمام گهڻو متاثر ٿيو ۽ سندس ئي ڪمانڊ هيٺ ارغونن کي سيکت ڏئڻ لئه فوجي دستا ترتيب ڏنا،جن ارغونن کي شڪست ڏني. ان ڪاميابي کان پوءِ دولهه درياهه خان سريمڻ خان کي پنهنجي قبيلي ۽ برادري سميت( نو لکي) جاگير انعام ڏني. ان جاگير جي پيدا مان ست حصا آباد ڪندڙ آبادگار ۽ هاري کڻندا هيا، باقي فقط اٺون حصو سرداري ۽ پڳ طور سردار گهراڻي وٽ جمع ٿيندو هيو، ان گڏ ٿيندڙ اناج يا رقم وري قبيلي ۽ علائقي بي ماڻهن تي ڏکي وقت ۾ خرچ ڪئي وئيندي هئي. افسوس ته جڏهن سنڌ تي انگريز سامراج قابض ٿيو ته تنهن وقت جي چانڊين جي سردار ولي محمد چانڊيو پنهنجي قوم، ڌرتي ۽ قبيلي سان غداري ڪري وڃي انگريز سامراج جو سلامي ٿيو، پوءِ ان ڏينهن کان وٺي برادري واري جاگير هڪ فرد جي حوالي ٿي وئي، نه صرف اهي لکين ايڪڙ زمين وقت جي ڀوتارن جي حوالي ٿي وئي پر هنن پنهنجي قبيلي وارن کي غلامي واري حيثيت ڏيندا رهيا.1958ع ڌاري حڪومت پاڪستان ملڪ جي ٻين جاگيرن وانگي چانڊڪا جاگير به ضبط ڪري مقامي ماڻهن کي زرعي (اصلاحات ايڪٽ) تحت پهريون 64 ۽ پوءِ 16ايڪڙ في هاري کي الاٽ ڪئي. هن وقت موجوده نواب ڀائر جيڪي ٻئي ايم پي ايز آهن اهي ڪنهن به صورت ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر خاص ڪري ڪاڇي واري پٽي پنهنجي ناجائز قبضي هيٺ آڻڻ گهرن ٿا، جنهن جي شروعات هنن روينيو عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري جعلي کاتن تي هزارين ايڪڙ زمين الاٽ ڪرائي ڇڏي آهي، اهڙي ريت حمل ڍنڍ کي مختلف طريقن سان سڪائي اتان جي قديمي رهواسين کي بکيو، اڃيو رکي لڏائڻ تي مجبور ڪري رهيا آهن،جنهن جو واضح ثبوت اهو آهي ته هڪ طرف حمل ڍنڍ کي سيراب ڪندڙ پاڻي قمبر غيبي ديرو روڊ وٽ غير قانوني طريقي سان وڏا بند ٻڌي بند ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف برساتي نئين،ڍورن جي پاڻي کي به ڊئمن جي بهاني بند ڪيو ويو آهي، ٽئين طرف (آر بي او ڊي)سم نالي کي حمل ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪرائڻ بدران منڇر ڏانهن غير ضروري طور وهايو پيو وڃي. اسين آخر ۾ ملڪ جي اعليٰ عدالتن، ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪيون ٿا ته تاريخي حمل ڍنڍ کي هٿ وٺي ڀڙڀانگ بنائي هزارين لکين ڪاڇي واسين ۽ ميربحرن کي فاقاڪشي جي ور چاڙهيندڙ ڀوتارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري حمل ڍنڍ جي بند ڪيل پاڻي کي کولرايو وڃي، ان کان سواءِ مختلف جعلي شاخن ۽ ڊيمن جي تعمير تي جيڪا ڪروڙين روپيا ڀوتارن ڪميشن ورتي آهي ان جو به کائن حساب ڪتاب ورتو وڃي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو