ماضيء جو آئينو ؛ اندلس ،مسلمان، علم ۽ سائنس.

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏3 آگسٽ 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    يورپ کنڊ جي ڏاکڻي اولهه ڪناري تي موجودجزيري جهڙو آئيبيريا جيڪو ڪوهستان پيرينيز سبب باقي کنڊ کان گھڻو ڪٽيل آهي ۽ اڄ ڪلهه اسپين ۽ پرتگال نالي ٻن رياستن تي ٻڌل آهي.مسلمانن ان تي اٽڪل اٺ سو سال حڪومت ڪئي.اسلامي تاريخ ۾ ان ملڪ کي اندلس جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.اندلس جيڪو ڪڏهن پنهنجي پکيڙ ۾ وڌندو هاڻوڪي اسپين ۽ پرتگال سان گڏوگڏ فرانس جي ڏاکڻن علائقن اربونا، پرپگنان،قرقشونا ۽ تولوشا وغيره تائين وڃي پهتو هو،زوال جي دور ۾ ان جون حدون ڏکڻ اوڀر ۾ سڪڙي رڳو غرناطا تائين محدود ٿي وييون.اندلس جي تاريخ جتي اسان کي عروج ۽ زوال جا داستان ٻڌائي ٿي اتي قرون وسطيٰ ۾ مسلمان سائنسدانن جي عظيم ڪارنامن تان به پردو هٽائي ٿي ۽ ان حقيقت کان واقف ڪري ٿي ته هاڻوڪي سائنسي ترقِڀ جي بنيادن ۾ دراصل مسلمان سائنسدانن جو ئي هٿ آهي ۽ اسلامي اسپين جا سائنسدان بغداد جي مسلمان سائنسدانن کان ڪنهن به طرح پوئتي نه هئا.وليد بن عبدالملڪ جي دور خلافت يعني 705ع کان 715ع ۾ موسيٰ بن نصر کي اتر آفريڪا جي گورنري ڏني ويئي.ان دور ۾ اسپين جي سياسي ۽ معاشي حالت نهايت ئي خراب هئي.عيش پسند حڪمرانن غريب عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو هو.يهودين جي حالت سڀني کان بري هئي.ظلم ۽ بربريت جي ان نظام کان تنگ ٿي وڏي انگ ۾ ماڻهن هجرت ڪري موسيٰ بن نصر جي زير انتظام اتر آفريڪا ۾ پناهه وٺڻ شروع ڪري ڏني جتي اسلامي نظام حڪومت هيٺ ماڻهو پر امن زندگي گذاري رهيا هئا.جڏهن معاملو حد کان وڌيو ته موسيٰ بن نصر اسپين جي مظلوم ماڻهن کي حڪمرانن جي ڏاڍ ۽ ظلم کان نجات ڏيارڻ لاء باقائدي اسپين تي حملي جي منصوبا بندي جوڙي.موسيٰ بن نصر 711ع مطابق 92 هه مشهور بربر جرنيل طارق بن زياد کي ست هزار فوج ڏيئي اسپين تي حملي لاء موڪليو.اسلامي لشڪر جبل الطارق تي پڙاء ڪيو جتي طارق جو مقابلو اسپين جي حڪمران راڊرڪ جي هڪ لک فوج سان ٿيو.ٽي ڏينهن ڇتي لڙائي هلندي رهي پر فتح جا آثار نظر نه آيا.چوٿين ڏينهن طارق بن زياد فوج سامهون تاريخي تقرير ڪئي،جنهن جاشروعاتي لفظ اهي هئا ته ؛ ”اي ماڻهو! ڀڄڻ جي جاء ڪٿي آهي؟اوهان جي پويان سمنڊ ۽ سامهون دشمن آهي ۽ بخدا اوهان لاء صبر ۽ ثابت قدميء سواء ٻيو ڪو چارو ناهي.“ ڪتاب نزهت المشتاق مطابق ان تقرير کان اڳ طارق سمنڊ تي بيٺل پنهنجون ٻيڙيون ساڙي ڇڏيون هيون ته جيئن فتح کان سواء زندهه بچي نڪرڻ سوا باقي سڀ رستا بند ٿي وڃن.مسلمان فوج بهادريء سان وڙهي ۽ 19 جولائي 711ع تي وادي لکا جي هنڌ هسپانوي فوج کي شڪست ڏني جنهن ۾ گاٿ بادشاهه فرار ٿيندي دريا ۾ ٻڏي مري ويو.ان بعد آڪٽوبر 711ع ۾ اسلامي اندلس جو مشهور شهر قرطبا مغيث روميء هٿان فتح ٿيو ۽ ٻيا شهر به هڪ ٻئي پويان تيزيء سان فتح ٿيندا ويا.بعد ۾ جون 712ع ۾ موسيٰ بن نصر پاڻ ارڙهن هزار فوج وٺي اندلس طرف اڳتي وڌيو ۽ اشليبيا ۽ ماردا فتح ڪيائين. طارق بن زياد جي فتحن ۾آخري فتح خيخون شهر جي هئي.انهيء دوران موسيٰ بن نصر کي خليفي وليد بن عبدالملڪ طرفان اهو پيغام وصول ٿيو ته هو ۽ طارق بن زياد ان مهم کي اتي ئي ڇڏي دمشق هليا اچن.موسيٰ بن نصير ۽ طارق بن زياد جي واپسيء بعد 714ع کان 756ع تائين ٽيتاليهه سالن ۾ ملڪ سياسي لحاظ کان عدم استحڪام جو شڪار رهيو.ان دوران ڪل ٻاويهه گورنر بدليا.بنو اميه جي 40 هه کان 132هه تائين اسلامي دنيا تي حڪمراني ڪرڻ بعد جڏهن بنو عباس جي اقتدار جو دورشروع ٿيو ته شاهي خاندان جي ماڻهن کي چونڊي چونڊي قتل ڪرڻ شروع ڪيو ويو ته اموي خاندان جا رڳو ڪجهه ماڻهو ئي جان بچائي سگھيا.انهن بچي نڪرڻ وارن ۾ بشام بن عبدالملڪ جو ويهه سالا پوٽو عبدالرحمان بن معاويه به هو جنهنجي ماء قيوط افريڪا جي بربري قبيلي سان تعلق رکندي هئي.عبدالرحمان عباسين جي ظلم کان بچڻ لاء آفريڪا جو رخ ڪيو،هو پنجن سالن بعد اندلس جي ڪناري پهتو جتي اموي دور جون فوجون موجود هيون.ڪجهه ئي عرصي ۾ عبدالرحمان انهن ۾ پنهنجو اهڙو اثر پيدا ڪيو جو انهن کيس پنهنجو ڪمانڊر بنائي ورتو.اها فوج اتر طرف هلي ۽ ڪجهه ئي سالن ۾ سڄو اندلس هن جي قبضي هيٺ اچي ويو.تاريخ کيس عبدالرحمان داخل جي نالي سان ياد ڪري ٿي.هن اندلس تي لڳ ڀڳ ٻٽيهه سال حڪومت ڪئي جنهن کان پوء سندس پٽ بشام تخت تي ويٺو.ان جي دور ۾ مسلمانن فرانس جا ڪيترائي شهر فتح ڪيا.822ع ۾ عبدالرحمان ٻيو تخت تي ويٺو.هن جي ٽيهه سالا دور حڪومت ۾ ملڪ انتظامي طور تي مضبوط ٿيو،علمن ۽ فنن ترقي ڪئي،سائنسي علمن جو نئون دور شروع ٿيو ۽ واپار به پري پري تائين پکڙيو.اهو دور تعمير ۽ دولت جي گھڻائيڀ جو دور هو.ٻئي طرف اهو ئي دور آهي جڏهن يورپ ۾ اسلام خلاف باقائدي مسيحي تحريڪ جي شروعات ٿي جنهن بعد ۾ صدين تائين مسلمانن کي جنگين ۾ الجھائي رکيو.اسلامي اسپين جي تاريخ ۾ سڀ کان عظيم حڪمران عبدالرحمان ٽيون هو جنهن ايڪويهن سالن جي عمر ۾ سندس پيء عبدالله جي وفات بعد اقتدار سنڀاليو.اهو اهڙو دور هو جو اندلس ۾ مسلمانن جو زوال شروع ٿي چڪو هو ۽ صليبي تحريڪ زور وٺي چڪي هئي ،هن هر قسم جون بغاوتون دٻائي داخلي بدامني ۽ ٻاهرين سازشن کي ڪچلي امن بحال ڪيو.هو اندلس جو پهريون حڪمران هو جنهن الناصرالدين الله جي لقب سان پنهنجي خلافت جو اعلان ڪيو.هن پنهنجي اوڻوجاهه سالا دور حڪومت ۾ نه رڳو ڪيترين ئي عيسائي رياستن کي پنهنجو مطيع ڪيو پر ملڪ کي عظيم اسلامي تهذيب جو مرڪز بنائي ڇڏيو.سندس دور ۾ علمن ۽ فنن کي عروج مليو جنهن سان اندلس پنهنجي دور جي هڪ عظيم فلاحي رياست بڻجي اڀريو.عبدالرحمان ٽئين بعد سلطنت جو انتظام ٽڙڻ پکڙڻ شروع ٿي ويو ۽ پوء پورو اندلس گھرو ويڙهه جو شڪار ٿي ويو.1031ع ۾ انتشار ايترو وڌيو جو اندلس مان اموي خلافت جو خاتمو اچي ويو.جنهن بعد پورو ملڪ ننڍين ننڍين رياستن ۾ ورهائجي ويو ۽ هر علائقي ۾ ڪنهن سردار حڪومت شروع ڪري ڏني.تاريخ انهن سردارن کي ملوڪ الطوائف جي نالي سان ياد ڪري ٿي.اتر آفريڪا جي بربري خاندان ۽ تحريڪ مرابطين جي زير انتظام قائم حڪومت جي ٽئين حڪمران يوسف بن تاشفين جو دور حڪومت يعني 1091ع کان 1196ع تائين اتر آفريڪا جي بهترين دورن مان هڪ آهي.جڏهن اندلس انارڪيء جي ور چڙهيل هو ته 1086ع ۾ يوسف بن تاشفين هڪ سو جهازن جي قافلي ٻارهن هزار فوج وٺي آفريڪا جي بندرگاهه سبتا کان اندلس روانو ٿيو ۽ عيسائين کي آڻ مڃڻي پيئي.يوسف بن تاشفين ته الفانسو کي شڪست ڏيئي واپد آفريڪا هليو ويو پر اندلس جا سردار ايترو بگڙيل هئا جوانهن جو پاڻ ۾ اتحاد نه رهي سگھيوجنهن ڪري ٻيهر امن امان جو مسئلو پيدا ٿيو.سو يوسف بن تاشفين ڪجهه سالن بعد 1091ع ۾ اندلس کي سندس آفريڪي رياست ۾ ضم ڪري ڇڏيو.اتان ئي نرابطين جي دور جي شروعات ٿي.جيڪو دور رڳو 54 سال قائم رهڻ بعد ختم ٿي ويو. 1120ع ۾ مراڪش کان هڪ موحدون تحريڪ جي شروعات ٿي جنهنجو باني ابو عبدالله محمد بن تومرت هو.مهديت جي دعويٰ تي ٻڌل سندس تحريڪ ٿوري عرصي ۾ گھڻو مقبول ٿي ويئي جنهنجي نتيجي مرابطين جي حڪومت ختم ٿي ويئي.موهدون جي دور حڪومت ۾ تعمير ۽ ترقيء جو زبردست ڪم ٿيو.1214ع ۾ موحدون جي آخري حڪمران ابو عبدالله محمد الناصر ارغون جي گڏيل جنگ ۾ شڪست کاڌي جنهنجي نتيجي ۾ اندلس هڪ ڀيرو وري گھرو ويڙهه جو شڪار ٿي ويو.

    اندلس جي تمدني زندگيء ۾ ان جي جليل القدر سائنسدانن جو هٿ هو.قرون وسطيٰ جون ڪيتريون ئي نامور شخصيتون اندلس سان ئي تعلق رکنديون هيون.عظيم مفسر قرآن امام قرطبي،مشهور عالم سياح ابن بطوطه ۽ ابن جبير،سرجريء جو باني ۽ اکين جي بيماردين جو ماهر ابوالقاسم زهراوي،معروف فلسفي ۽ طبيب ابن باجه،فلسفي وحدت الوجود ابن عربي،عظيم فلسفي ۽ طبيب ابن رشد،عظيم ماهرين فلڪيات ابو اسحاقزرقاني ۽ ابو اسحاق البطرو،تاريخ ۽ عمرانيات جو امام ابن خلدون،نامور طبيب يونس الحراني،معروف جاگرافي دان شريف ادريسي،هوائي جهاز جو موجد عباس بن فرناس،نامور طبيب ابن الهيثيم،ماهر فلڪيات نصيرالگين طوسي ۽ ٻيون ڪيتريون ئي اهم علمي ۽ ادبي شخصيتن جو تعلق اسپين جي عظيم سرزمين سان ئي هو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو