ليکڪ: قاسم علي شاھ سنڌيڪار: امتياز علي رند ان جو انداز تجسس سان ڀريل هو لفظن ۾ شدت ۽ ڳالهائڻ ۾ تيزائپ هئي. هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪرڻ کان پوءِ ان هڪ عجيب سوال ڪيو ته سر توهان ڇا ٿا ڪرڻ چاهيون؟ مان به لاپرواهي مان چيم ته ڪجه خاص نه ان ٻيهر جلدي سان چيو ته نه سر ڪجه ته آهي جو توهان پنهنجي ڪالمن جي اندر ڪاميابي جا لڪيل راز ٻڌائڻ لڳندا آهيون، ڪڏهن اخلاقيات کي نئي انداز ۾ بيان ڪندا آهيو ته ڪڏهن وري تقديرساز فيصلا ڪرڻ تي مجبور ڪندا آهيو. هي سڀ توهان ڇو لکي رهيا آهيو؟ مان چيم ته هي ڳالهيون ۽ هي راز اوهان تائين پهچائڻ جي لاء ته مان انهن کي ڪالمن ۾ شامل ڪندو آهيان ان جنوني انداز ۾ چيو ته سر هي ڳالهيون اسان جي قوم کي ڪيئن سڌارينديون، اسان وٽ هيٺان کان مٿان تائين ڪم بگڙيل آهي هتي ته انقلاب اچڻ گهرجي. ڇو ته انقلاب ئي هن قوم جو علاج آهي. نوجوان جي دليل وڏي واضع ۽ جذبات سان ڀريل هئي. مان چند لمحن جو وقفو ڪرڻ کان پوء پنهنجي سوچ کي ان نوجوان جي نااميدي جي ختم ڪرڻ جي لاء راغب ڪيم هاڻي مون کي ڳالهائڻ جي جلدي به هئي ۽ منهنجي جذبات ۾ شدت به هئي ڇو ته مون کي ان نوجوان جي برين واشنگ (Brain Washing) ڪرڻي هئي پوء مان خاموشي کي ٽوڙي چيم، پٽ چوندا آهن ته جهنگل ۾ باهه لڳي وئي ۽ ايتري خوفناڪ باهه کي ڏسي ڪري سڀئي جانور جهنگل کان ٻاھر نڪرڻ لڳا. ۽ جهنگل ۾ هڪ وڻ تي جهرڪيءَ جو آکيرو هيو. جهرڪي جڏهن باهه ڏٺي ته جلدي سان اڏي ڪري جهنگل جي ويجهو هڪ موجود ندي جي ڪناري تي پهتي. ان پنهنجي چهنب ۾ پاڻي جا ڪجھ قطرا کيا ۽ جهنگل جي باهه تي وجهڻ شروع ڪيائين. هي عمل ان ڪيترائي دفعا ڪيو. ان محل جهنگل جي بادشاهه شينهن جي نظر ان تي پئجي وئي. شينهن چيو ته اي جهرڪي تنهنجون هي ڪجھ پاڻي جون بوندون ڪٿان جهنگل جي باهه کي وسائي سگھنديون. جهرڪي چيو ته بادشاهه سلامت توهان جو سوال ايترو اهم ناهي ته ڪجھ پاڻي جون بوندون ڪٿان جهنگل جي باهه وسائينديون؟ پر سوال ان بادشاهه ڪل ڪائنات جو اهم هوندو جيڪو مون کان آخرت جي ڏينهن پچندو ته اي جهرڪي جڏهن سڄو جهنگل باهه ۾ سڙي رهيو هو ته تو ان جهنگل جي باهه کي وسائڻ جي لاء ڇا ڪيو؟ تڏهن مان انتهائي ادب ۽ احترام سان پنهنجي حقيقي مالڪ کي هي ٻڌائي سگهنديس ته اي منهنجا مالڪ ڪل ڪائنات! جڏهن جهنگل سڙي رهيو هو ته مان بچائڻ جي لاء پنهنجي حيثيت جي مطابق ڪجھ بوندو پاڻيء جو وڌيون هيون ۽ منهنجو مالڪ خوش ٿي ڪري فقط ايترو چوندو ته وڃ جهرڪي مان توسان اڄ راضي آهيان. بس پٽ مان ان جهرڪيءَ وانگر پنهنجو حصو وجهي رهيو آهيان ته جيئن آخرت جي ڏينهن حساب ڪتاب جو وارو اچي ته مون کان پڇيو وڃي ته اسان تو کي قلم جي مس سان روشني ڦهلائڻ جي طاقت ڏني ۽ تنهنجي آواز کي ٻين تائين پهچائڻ جي قابل بنايوسين ته ٻڌائي تو ان سان ڇا ڇا ڪيو؟ ان وقت مان پنهنجي حقير ڪوشش کي پيش خدمت ڪندس ۽ منهنجو مالڪ ايترو ته غفور رحيم آهي جو اهو جهرڪي جي چند بوندن وانگر منهنجي هن حقير ڪاوش کي به قبول ڪندو. پٽ ڳالهه کٽڻ ۽ هارائڻ جي ناهي هوندي، ڳالهه فقط قبول ٿيڻ جي هوندي آهي. خدا جيڪڏهن جهرڪيءَ جي ٻچي کي همٿ ڏئي ته اهو شهباز جون اکيون به ڦاڙي ڇڏيندو آهي. اهو چاهي ته فقط هڪ ڪک سان وڏي صاحب بينا جي بينائي کسي سگهي ٿو. مالڪ ڪل ڪائنات ته هڪ حقير مڇر جي مدد سان نمرود جهڙي شهنشاهه کي ذلت جو موت ڏئي سگهي ٿو ۽ اهوئي پنهنجي حڪمت ڏيکارڻ تي اچي ته ڪمزور مڪڙي جي ڄاري جي مدد سان پنهنجي محبوب جي حفاظت ڪري سگهي ٿو. ڪهڙي خبر ڪنهن عبادت گذار جي تڪبر واري عبادت قبول نه ٿئي ۽ ڪنهن گنهگار جي عاجزي ۽ ندامت جا ٻه ڪريل ڳوڙها ان کي ڀلا ۽ سٺا لڳن، ۽ اهو ان کي بخشي ڇڏي. ايماندار تاجر آخرت جي ڏينهن شهيد، صديق ۽ نبين جي صف ۾ بيٺو هوندو.(حديث) پٽ ڇا خبر ته! منهنجي هي ننڍڙي ڪاوش ڪنهن کي سڀاڻي ايماندار تاجر بنائي ڇڏي ۽ جڏهن اهو ان عظمت وارن انسانن جي صف ۾ بيهي ته اهو خدا تعالى کي هي چوي ته مالڪ مونکي ايماندار تاجر بنائڻ وارو ذريعو فلاڻي شخص جي تحرير هئي. مالڪ ان کي به هن صف ۾ بيهاريو. ۽ شايد ان وقت منهنجي هن ڪوشش جو صلو مون کي ملي وڃي. هي ڳالهه اهم ناهي ته ڪنهن عمل جو جلدي نتيجو ڇا آهي. اهو ڪيترو مشهور ۽ مقبول ٿي ويندو آهي. ڳالهه اهم هي آهي ته ان عمل جي نيت ڇا آهي. جيڪڏهن سٺي آهي ته مالڪ عمل کان پهريان نيت کي ڏسي ڪري ان کي ان جو بدلو ڏيندو آهي. ان جي لاءِ جيڪڏهن اڄ ملڪ مشڪلاتن ۾ ڦاٿل آهي ته هي ڏسو ته ڪير پنهنجي حيثيت ۽ طاقت جي مطابق ان جي بهتري جي لاء پنهنجو حصو وجهي ٿو. ۽ حصو ڪنهن هم وطن جي لاء دعا ڪرڻ جي وجهه سان ٿي سگهي ٿو. ڪنهن جي تحرير جي مدد سان به ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن جي تقرير جي مدد سان به. نااميدي جي دور ۾ اميد ويرهائڻ به پنهنجو حصو وجهڻ جي مترادف آهي. نااميد ٿيڻ ته ڪفر آهي ان لاءِ جيڪو ڪجهه ٿي سگهي پٽ توهان به ڪيو. الله تعالي جي جي لاء ان جي نبي جي لاء هن ملڪ جي لاء ۽ پنهنجي اچڻ واري نسلن جي بهتري ۽ خوشحالي جي لاء به پنهنجو حصو وجهو. ڀلي اهو فقط ڪنهن جي ڏک کي محسوس ڪندي ٻه ڳوڙهائي ڇو نه هجن ڪهڙي خبر اهي ئي توهان جي بخشش جو سبب بڻجي وڃن.