• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مسئلن جو تخليقي عمل

ابوذر انصاري

سينيئر رڪن
مان ۽ منهنجي دوست نعيم نيشنل هاء وي جي ڪنڌي تي قائم هڪ هوٽل تي ويٺي چانهہ پئي پيتي سين. ۽ رکي رکي هاء وي تان گذرندڙ گاڏن کي بہ ڏسندا رهياسين. ايتري ۾ ڪيترين ئي بغير هيلمٽن جي موٽرسائيڪل سوارن کي گذرندي ڏسي نعيم چوڻ لڳو: ”نيشل هاء وي تي بغير هيلمٽ جي گاڏي هلائڻ بہ پنهنجي جان سان کيڏڻ برابر آ“
مان هن جي تائيد ۾ ڪنڌ ڌوڻيندي بي اختيار چيم: ” ۽ وري مفلس ماڻهو جو، شادي کان پوء، بغير هيلمٽ جي هوء گهڻي گاڏي هلائڻ گهڻن ئي جانن سان کيڏڻ جي مترادف آ...!“ انهيء وقت ٻنهي کان دٻيل ٽهڪ نڪتا.
کل تي ضبط آڻيندي نعيم ڳالهايو: " فلاسفي ٿي ويو آهين".
۽ سر سر سان ملائيندي وڌيڪ چوڻ لڳو: " دنيا آبادي گهٽائڻ جي چڪر ۾ آ، ۽ وري اسان وارا سنڌي چوندي" راڻا تومان راڄ ٿيندا..! ، راڻا تومان لک ٿيندا..!! " هڪ دفعو ٻيهر ٻنهي کان ٽهڪ ڇٽي ويا.

( ابوذر انصاري)
 
Back
Top