شفيق الرحمان شاڪر پاڪستاني سياست جو ان کان وڏو ٻيو ڪهڙو الميو ٿي سگھي ٿو جو سياست جي اقتداري راند ۾ موجود رانديگرن جي چهرن تي سجايل مڪاريء جا نقاب هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ هٽندا ٿا وڃن ۽ سندن اصل چهرا دنيا سامهون اگھاڙا ٿيندا ٿا وڃن.اها ڳالهه ته طي ٿي چڪي آهي ته اصولن ۽ اخلاقيات نالي ڪنهن به شيء جو اڄوڪي ان سياست سان هاڻي پري جو به واسطو نه رهيو آهي. اصل مفاد ئي آهن جيڪي هر کڄندڙ وک جو فيصلو ڪن ٿا.ڇا حڪومت، ڇا اپوزيشن،ان سياسي حمام ۾ سڀ جا سڀ هڪجهڙا اگھاڙا آهن. اڃا به ڪي مت جا موڙها هوندا جيڪي هن جمهوريت ۽ هن نظام مان ڪنهن سڌاري يا ڪنهن خير جي اميد لڳايو ويٺا آهن ۽ ويٺا ئي رهندا پر هي نظام پنهنجي ذلت جي جنهن حد کي ڇهي رهيو آهي انهيء مان ڪنهن چڱائيء جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گھرڻ مثل آهي.جتي به کوٽجي ٿو ته رڳو گندگيء جا ڍير ئي ٻاهر نڪرن ٿا،جتي ٿو ڌڪ هڻجي ته رڳو بدبوء ئي ڦهلجي ٿي.جيڪي به پنا ٿا کولجن ته بد ديانتي،ٺڳي ۽ هوس جا داستان کلن ٿا. اڳوڻن حڪمرانن تي ان قسم جا الزام سڀ جا سڀ غلط به ناهن.سرڪاري خزاني جي ڦرلٽ کان هڪ ٻئي جي ڪردار ڪشيء تائين،هارس ٽريڊنگ کان عدالتون خريد ڪرڻ جي ڪوششن تائين سندن ڪيل ڪارناما سچ آهن پر هاڻوڪا حڪمران جيڪي پنهن جو پاڻ کي هن زمين تي پارسا .پاڪ ۽ پوتر سمجھڻ جا دعويدار آهن ۽ جن حڪومت ۾ اچڻ لاء عوام سان وعدا ئي اهي ڪيا هئا ته هو هن بدبودار نظام کي بدلائي ماڻهن کي هڪ اڇو اجرو ۽ شفاف نظام مهيا ڪندا جنهن ۾ اصولن ۽ اخلاقن جو جنازو نه نڪرندو،مثبت روايتن جي قبر نه کوٽبي ۽ قدرن کي گھٽو نه ڏنو ويندو اهي ”انقلابي“ پڻ ڪارن ڪرتوتن جي اهڙي شرمناڪ تاريخ لکي رهيا آهن جنهن تي سندن ڪنڌ شرم وچان جھڪن يا نه پر سندن حامين ۽ منجھائن تبديليء جي اميد رکندڙن جا ڪنڌ ضرور شرم کان جھڪي ويا آهن.آخرگذّريل حڪمرانن جو اهو ڪهڙو ڪارو ڪرتوت آهي جيڪو هاڻوڪن حڪمرانن به سرانجام نه ڏنو هجي.غريبن مٿان مهانگائيء جا بم ڪيرائڻ کان ماڻهن کي بيروزگار ڪرڻ تائين، قرض وٺڻ کان اهم سرڪاري عهدن تي پنهنجا ڪرپٽ ماڻهو مقرر ڪرڻ تائين، سياسي مخالفن جي ڪردار ڪشيء کان سياسي انتقام تائين،ميڊيا جي آزاديء تي ضرب لڳائڻ کان نيب کي سياسي مخالفن خلاف استعمال ڪرڻ تائين،اهي اهو ئي سڀ ڪجهه ڪري رهيا آهن جيڪي گذريل حڪمران ڪندا رهيا.تازو سينيٽ ۾ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻيء خلاف پيش ڪيل تحريڪ عدم اعتماد تي ٿيندڙ ووٽنگ دوران جيڪي تماشو پيش آيو انهيء عمران خان جي ميرٽ،شفافيت،جمهوريت پسندي ۽ تبديلين جي سمورين دعوائن جي پت وائکي ڪري ڇڏي آهي ۽ ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته اقتدار ۽ طاقت جي پنهنجي نفسيات ۽ پنهنجو نشو ۽ پنهنجا اصول ٿين ٿا.اتي ضمير نالي ڪنهن به شيء جو گذر نٿو ٿئي،پنهن جا مفاد ۽ مقصد حاصل ڪرڻ لاء ڪنهن به حد تائين ذلت جي اونهي کڏ ۾ڪري سگھجي ٿو ۽ سالن کان سانڍيل پنهن جن اصولن جو پنهنجي هٿن سان ئي پاڻ جنازو ڪڍي سگھجي ٿو.انهيء نام نهاد جيت جو جشن ملهائڻ مهل انهن کي ڪجهه ته خيال ڪرڻ گھربو هو پر نه.ڪجهه ته سندن ضمير کي ضرب لڳڻ گھربي هئي پر نه.رڳو پندرهن منٽ پهرين جيڪي چوهٺ هئا اهي پل ۾ پنجاهه ڪيئن بڻيا ان سوال جتي هاڻوڪن حڪمرانن جي سموري ساک تي پاڻي ڦيري ڇڏيو آهي اتي اپوزيشن جي انهن جمهوريت پسند ديوانن جي نرڙ تي به پشيمانيء جو پگھر ضرور آندو آهي ته جڏهن سينيٽ جهڙي هڪ مقدس ۽ اعليٰ اداري ۾ مفاد پرست،خوشامدڙيا ۽ ذاتي وفادار ۽ نوڪر ڀرتي ڪيا ويندا ته پوء اصول ايئن ئي منهن مٿو پٽيندي رهجي ويندا.اهي چوڏهن ضمير فروش جيڪي به آهن پر پنهنجو، پنهنجي پارٽي ۽ جمهوريت جو منهن ڪارو ڪرڻ بعد اڄ به اپوزيشن جي صفن ۾ باعزت طور تي موجود آهن.سندن پارٽي قيادت کي خبر آهي ته اهي ڪير آهن پر کين ڪجهه به نه چيو ويندو جو انهن کي ئي آئنده به جمهوريت جي اها خدمت جاري رکڻي آهي.حڪمران ڀلي فتح جو جشن ملهائين پر ڪهڙي فتح؟ اصولن،قدرن ۽ اخلاق جي لاش تي حاصل ڪيل فتح؟افسوس جو حڪمرانن ڪڏهن به ماضيء کان سبق ناهي سکيو. انهن کان اڳ به ڪي حڪمران هئا جن انهيء ئي گندگيء سان پنهن جا هٿ گندا ڪيا،طاقت،ڏاڍ ،اختيار ۽ پئسي جي زور تي ماڻهن جا ضمير خريد ڪيا يا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي،اڄ اهي سڀ تاريخ جي ڪٻاڙ خاني ۾ دفن ٿي چڪا آهن.تاريخ جا پنهن جا فيصلا هوندا آهن ۽ انهن فيصلن تي ڪنهن جو به اختيار نٿو هلي.اصولن ۽ بي اصولين جي ان سموري راند ۾ سڀ کان وڏو نقصان رڳو عمران خان جو ئي ٿيو آهي،طاقت حاصل ڪرڻ ۽ ان کي قائم رکڻ جي ان عمل ۾هڪ هڪ ٿي هر اصول ۽ هر قدر سندس ساٿ ڇڏيندو ٿو وڃي،سندس سچن ساٿين جي چهرن تي ڇانيل مايوسي ء جا ڪڪر اڄ شايد عمران خان کي نظر نه ايندا هجن پر وقت ٻڌائيندو ته اقتدار جي ان بي حس راند ۾ هو سڀ ڪجهه وڃائي چڪو آهي.هن جي اکين تي چڙهيل اقتداري چشمي مان هن کي جيڪا پنهنجي جيت نظر اچي ٿي سا حقيقت ۾ هن جي اهڙي هار آهي جنهن جو بعد ۾ ڪو پورائو ڪري نه سگھبو.سينيٽ ۾ ٿيل تازي تماشي ان ڳالهه کي وڌيڪ پختو ڪري ڇڏيو آهي ته جيستائين عوام صحيح قيادت چونڊي انهن ايوانن ۾ نٿو موڪلي تيستائين انهن مڪار ماڻهن مان قوم جي جان نه ڇٽندي جيڪي معمولي ذاتي فائدي لاء پنهنجو ضمير گروي رکندي دير نٿا ڪن ،ڏوهاري اهي به آهن جيڪي ضمير وڪڻن ٿا پر وڌيڪ ڏوهاري اهي آهن جيڪي ضمير خريد ڪرڻ لاء بازار ون سجائين ٿا.پي ٽي آئي جي تبديلي پسند حڪومت کي ضمير فروشيء جي صورت ۾ حاصل ٿيندڙ اها عظيم فتح مبارڪ هجي ۽ اپوزيشن کي پنهنجي ئي پوکيل پک جي نتيجي ۾ حاصل ٿيل پنهن جي هار تي ماتم ڪرڻ گھرجي!