شفيق الرحمان شاڪر اها جولائي جي هڪ گرم منجهند هئي.يونيورسٽي جي بس ۾ سوار سمورا مسافر پنهن جي پنهن جي شعبن جا ماهر ۽ اعليٰ دماغ جا مالڪ هئا پر سڀني جو گرميء سبب برو حال هو.ڪو حڪومت کي پٽي رهيو هو ته ڪنهن جي زبان تي ماڻهن جون شڪايتون هيون.ها،جيڪر ڪو گاڏيء ۾ پرسڪون نظر اچي رهيو هو ته اهو رڳو بس جو ڊرائيور هو جيڪو نهايت خوشي ۽ اطمينان سان گاڏي هلائي رهيو هو.بس ۾ سوار هڪ ماهر نفسيات ”ڊينيل گولمين” اهو منظر ڏسي رهيو هو.ان مشاهدي جي نتيجي ۾ هن دنيا کي ذهانت جو هڪ نئون قسم ”جذباتي ذهانت“ متعارف ڪرايو.ڊينيل گولمين 1995ع ۾ اهو تصور پيش ڪيو ته انسان جي ڪاميابيء لاء دماغي ذهانت کان وڌيڪ اهم جذباتي ذهانت هوندي آهي.هن اهو تصور ان بس ڊرائيور کان ورتو جيڪو بس ۾ موجود ٻين اسڪالرز ۽ پروفيسرن جيتروذهين ته نه هو پر سندس جذبات تي ڪنٽرول سڀني کان سٺو هو.هن پنهنجي ڪتاب ۾ ٻه دعوائون ڪيون.پهرين اها ته ڪنهن شخص جي ڪاميابيء ۾ سندس آئي ڪيو يعني دماغي ذهانت جو ڪردار رڳو پندرهن کان ويهه سيڪڙو ٿئي ٿوجڏهن ته اي ڪيو يعني جذباتي ذهانت جو ڪردار اسي کان پنجاسي سيڪڙو هوندو آهي.ٻي دعويٰ اها ته دماغي ذهانت جي ابتڙ جذباتي ذهانت کي بهتر بنائي سگھجي ٿو.ڊينيل گولمين جذباتي ذهانت کي بهتر بنائڻ لاء چار طريقا يا مرحلا به ٻڌايا.پهريون؛ پنهنجي ذهانت کان واقفيت يا خود شناسي.جيئن حضرت علي رضه جو قول آهي ته جنهن پنهنجو پاڻ کي سڃاتو تنهن خدا کي سڃاتو.پنهنجي جذبات جي درياء کي صحيح رخ ۾ وهائڻ لاء سڀ کان پهرين اسان کي پنهنجن خوبين ۽ خامين جو صحيح علم هئڻ گھرجي.اوهان کي ڪهڙي ڳالهه تي ڪاوڙ اچي ٿي،ڪهڙي شيء اوهان کي خوش ڪري ٿي،ڪهڙي ڳالهه اوهان کي پريشان يا غمگين ڪري ٿي.ڪهڙن ڪهڙن موقعن تي اوهان کي ناڪاميء کي منهن ڏيڻو پيو۽ ڪٿي ڪٿي اوهان کي ڪاميابي ملي.پنهنجو پاڻ کي ڄاڻڻ لاء انهن سوالن جا جواب ڳولهي اوهان کي پنهنجي ڊائريء ۾ لکڻا پوندا.پوء ڪو وقت ايندو جو اوهين گھڻي حد تائين پنهنجي ذات کي ڄاڻي چڪا هوندا.اهو پهريون مرحلو ”پاڻ سڃاڻڻ “ سڏجي ٿو.ٻيو مرحلو پنهنجي ذات جي تنظيم ۽ ترتيب جي صلاحيت آهي.انسان کي پنهنجي ذات جو ادراڪ حاصل ٿي وڃي، پنهن جن خامين ۽ خوبين جو علم حاصل ٿي وڃي ته اها ان جي وڏي خوش قسمتي آهي.جيئن هڪ حديث پاڪ جو مفهوم آهي ته جڏهن ڪنهن ماڻهو تي الله جو ڪرم ٿيندو آهي ته ان کي سندس عيب نظر اچڻ شروع ٿي ويندا آهن.جنهن کي پنهنجون برايون نظر اچڻ شروع ٿي وڃن ته پوء هو انهن جي سڌاري جي به ڪوشش ڪندو آهي.جيڪر اسان دنيا کي بدلائڻ گھرون ٿا ته پوء سڀ کان پهرين اسان کي پنهنجو پاڻ کي بدلائڻو پوندو.جيڪي اسان پنهنجي لاء پسند ڪيون ٿا ٻين لاء به اهو ئي پسند ڪيون.ڪڏهن به ٻئي جا محتاج نه بڻجون بلڪ پنهنجي خداداد صلاحتين تي اعتماد ڪيون.زندگيء جي تجربن مان سدائين ڪجهه سکڻ جي ڪوشش ڪيون.ڪڏهن به ڪنهن ڳالهه يا ڄاڻ کي حتمي ۽ آخري نه سمجھون.سدائين تبديليء جي گنجائش رکون.ڏينهن ۽ رات ۾ ڪجهه وقت ضرور رکون جيڪو نج اسان جي پنهنجي ذات جي لاء هجي،جنهن ۾ پنهنجو پاڻ سان ڳالهه ٻولهه ڪجي،پنهنجو پاڻ کان سوال جواب ڪجن،پنهنجن سٺن ڪمن تي پاڻ کي شاباس ۽ برن ڪمن تي محاسبو ڪجي.پنهنجن احساسن،جذبن،خواهشن ۽ عادتن کي هڪ وڏي مقصد لاء هڪ خاص طرف ۾ لڳائي ڇڏڻ ئي ”ذات جي تنظيم“ سڏائي ٿو.ان کي سادي انداز ۾ سمجھڻ لاء واصف علي واصف جو هڪڙو قول آهي ته ”ڪاوڙ عظيم ماڻهن کي ٺاهي وڃي ٿي جڏهن ته ننڍن ماڻهن کي کائي وڃي ٿي.“ يعني جذبات کي دٻائڻ سان اهي لاوي جي صورت اختيار ڪري وٺن ٿا پوء ڪنهن ٻئي طرف وهي نقصان ڪن ٿا جڏهن ته انهن جي صحيح رخ ۾ استعمال ٿيڻ سان انسان جي وقار ۾ اضافو ٿئي ٿو. ٽيون مرحلو ٻين سان همدردي ۽ ٻين جي دل جوئي ڪرڻ آهي.ڊينيل گولمين جي چوڻ مطابق ” سچي همدردي اها ناهي ته اوهان کي ٻين جي درد جو احساس هجي بلڪه ان درد کي دور ڪرڻ جي تدبير به ڪيو.“ همدردي ۽ دل جوئي مان مراد اها آهي ته انسان پنهنجو پاڻ کي ٻئي جي جاء تي رکي سوچي،ٻين جي درد کي محسوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪري.اهو آهي ته ڏاڍو ڏکيو ڪم پر رڳو ايترو سوچڻ سان اسان جا اڌ کان مٿي مسئلا حل ٿي سگھن ٿا ڇو ته اسان جي ترجيح ۽ گھڻي ۾ گھڻو ڌيان ان ڳالهه تي هوندو آهي ته اسان ڇا سوچي رهيا آهيون، اسان جي لاء ڇا مناسب آهي،اسان جا جذبا ڇا چئي رهيا آهن پر جيڪر اسان ان سان گڏوگڏ ٻين جي جذبن ۽ احساسن جو خيال رکڻ به شروع ڪري ڏيون ته اها خوبي اسان کي ٻين کان ممتاز بنائي ڇڏيندي.جذباتي طور تي ذهين ماڻهن ۾ اها خوبي پوري پوري ڀريل هوندي آهي.دنيا ۾ جيترا به ڪامياب ۽ نامور ماڻهو گذريا آهن انهن سڀني ۾ اها عادت ساڳي هئي جو اهي پاڻ سان ڳنڍيل ماڻهن جي جذبن کي سمجھندا هئا ۽ انهن کي گڏ کڻي هلندا هئا.چوثون مرحلو آهي ماڻهن سان بهتر لاڳاپا پيدا ڪرڻ.جذباتي ذهانت حاصل ڪرڻ لاء پنهنجي جذبات کي سمجھڻ،پنهنجن جذبن کي صحيح طرف ۾ لڳائڻ ۽ پوء ٻين جي جذبن کي سمجھڻ ۽ سمجھي ڪري انهن سان بهتر لاڳاپا قائم ڪرڻ به اهم مرحلو سمجھيو ويندو آهي.جذباتي طور تي ذهين ماڻهو ٻين سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ.اٿڻ ويهڻ ۽ سٺا لاڳاپا قائم ڪرڻ چڱيء ريت ڄاڻندا آهن.انهيء کي ”سماجي ذهانت“ به ڇيو وڃي ٿو.جهڙيء طرح شهرت ۽ دولت ڪمائي وڃي ٿي اهڙيء طرح اسان کي عزت به ڪمائڻي پوندي آهي.جيڪر اوهان ٻين سان سٺا لاڳاپا قائم ڪرڻ نٿا ڄاڻو ته پوء اوهان ڪڏهن به سٺا منتظم،سٺا استاد يا سٺا واپاري بڻجي نٿا سگھو توڙي اوهان ڪيترا به تعليم يافتا ۽ پنهنجي فن ۾ ڪيترا به ماهر ڇو نه هجو.سماجي ذهانت سکڻ لاء معروف مصنف ”ڊيل ڪارنيگي“ جي ڪتابن مان فائدو حاصل ڪري سگھجي ٿو.ياد رکڻ گھرجي ته انسان هن ڪائنات جي ذهين ترين مخلوق آهي ۽ ذهانت جا ڪيترائي قسم هن وقت تائن دريافت ٿي چڪا آهن جن مان جذباتي ذهانت به هڪ قسم آهي.انسان دنيا ۾ پنهنجن جذبن جو اظهار ڪرڻ گھري ٿو.ماء جو پنهنجي ٻار کي پيار مان چمي ڏيڻ،ماڻهوء جو ڪاوڙ وچان ڙڙيون ڪرڻ ۽ ٻارن جو وڇن جي خوف کان لڪي وڃڻ جذبن جو اظهار ئي ته آهي.جذبا انسان جي اندر لڪيل توانائي آهي جيڪا ڪٿان نه ڪٿان نڪرڻ لاء آتي رهي ٿي.هاڻي اهو اسان جو ڪم آهي ته اسان انهن جذبن کي آزاد ڇڏڻ بدران انهن کان مثبت ڪم وٺڻ سکون.اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪريون ته ڪهڙي جذبي کي ڪٿي استعمال ڪرڻ بهتر آهي ۽ ڪٿي نقصانڪار آهي.زندگيء جي ننڍن ننڍن مسئلن جو مثبت رد عمل ڏيڻ سکجي،ان طرح جزبا فائدو ڏيڻ لڳن ٿا.شخصيت ۾ اعتماد اچي ٿو ۽ زندگيء جي مسئلن سان منهن ڏيڻ ۾ آساني پيدا ٿئي ٿي.