راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ تيز برساتن کان پوءِ رين ايمرجنسي لاڳو، لئي نالي ۾ چاڙهه

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ سوبيا طرفان آندل موضوعَ ‏7 آگسٽ 2019۔

  1. سوبيا

    سوبيا
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏25 جولائي 2019
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    Media
    ماڳ:
    Pakistan
    [​IMG]
    اسلام آباد: (اربع 07 آگسٽ 2019ع) پنجاب جي مختلف شهرن ۾ تيز برساتن جو سلسلو جاري آهي جڏهن ته
    اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ رين ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.

    مينيجنگ ڊائريڪٽر(ايم ڊي) واسا محمد تنوير موجب اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ رات دير سان 77 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي جنهن سبب جاڙن شهرن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. تيز برساتن سبب راولپنڊي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جو وڏو بريڪ ڊائون ٿيو آهي جتي رات جو 12 بجي کان بجلي جي فراهمي معطل آهي.

    آئيسڪو جي ترجمان جو چوڻ آهي ته متاثر علائقن ۾ بجلي جي بحالي جو ڪم جاري آهي. عملي سڄي رات ڪم ڪيو ۽ تقريبن 90 سيڪڙو متاثر علائقن جي بجلي بحال ڪئي وئي آهي. لئي نالي راولپنڊي ۾ به تيز برساتن کان پوءِ ٻوڏ اچي وئي آهي ۽ هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. واسا موجب گوال منڊي ۾ لئي نالي جي سطح 10 فٽ جڏهن ته ڪٽاريان جي هنڌ تي پاڻي جي سطح 15.7 فٽ بلند ٿي وئي آهي. ايم ڊي واسا ٻڌايو ته جاويد ڪالوني، جامع مسجد روڊ، آريه محلي ۾ واسا جي مشينري جو ڪم جاري آهي ۽ ڪميٽي چوڪ انڊر پاس مان به پاڻي ڪڍي ڪليئر ڪيو ويو آهي.

    ايم ڊي واسا جو چوڻ آهي ته پاڻي جي نيڪالي جو عمل جاري آهي. جلد شهرين جون پريشانيون ختم ڪيون وينديون. ٻئي طرف مورگاهه ۾ زبون حال بڻيل گهر جي ڇت ڪرڻ سبب عورت سميت 3 ڄڻا پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته هڪ شخص جي ڳولا جاري آهي. موسميات کاتي موجب روالپنڊي ڊويزن ۾ اڄ به تيز برساتن جو امڪان آهي جڏهن ته مري، منڊي بهاوالدين سميت آزاد ڪشمير جي مختلف شهرن ۾ برساتن جو سلسلو جاري آهي.

    Sindhi News
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو