حفظ الله ڪاڪا
سينيئر رڪن
ڌرتي جيڪا ڪنهن خزان جي دور ۾ گهڻي تتل هئي، راهون ۽ پيچرا سڀ راهه ويندڙن جي قدمن کي ٽامي جيان لُوهي ڇڏيندا هئا، سينگار ڪنهن جي وني لاءِ گهڙين کان پلن ۾ بدلجي ويو هو، ڪنهن جي به حياتي جي ڪا قيمت ڪو قدر نه هو، ڏيهه جي هر ڪنڊ ۾ خزان جي موسم جو راڄ هو. هر طرف دونهاٽيل هوائن جو شور هوندو هو، ڪنهن کي ڪا ڪل نه هئي ته هن ديس ۾ شايد ان موسم ۾ ڪا تبديلي ايندي... ها پر ائين ٿيو.... هن ديس آمريت جي جهول مان نجات ماڻي ۽ ملڪ جون واڳون گهڻِي انتظار کان پوءِ عوام جي چونڊيل نمائندن جي هٿ ۾ آيون، ملڪ ۾ نئين سر بهار جون هوائن جهومڻ لڳيون. هر طرف خوشي ۽ سازگار ماحول نظر پئي آيو. عوام جي ووٽن سان اقتدار ۾ آيل عوامي نمائندن به هي نعرو لڳايو ته...
خزان جا خيما اکوڙي ساٿي، وطن ۾ نئين سر بهار آڻيون؛
مُدام موجون پسڻ جي خاطر، مندائتا ڪي ملهار آڻيون؛
وسن ۽ وهسن وطن جا وانگي، سُکن جا تن لئي انبار آڻيون؛
هلن جي هي بيقرار مارو، انهن جي لئي قرار آڻيون؛
واقعي موجودا سرڪار جي نمائندن ۽ ايوانِ صدر ۾ ويٺل عوامي نمائندي ان نعري کي حقيقي روپ ڏيڻ لاءِ وسان ڪين گهٽائيو آهي، اڳ جتي گولين جي دونهي ۾ بيگناهه شهرين جا روح جسم کان ڌار ڪيا ويندا هئا، اڄ ماٺار جي موسم ڇانيل آهي، اڳ جتي عوام جو رت وهائي اندر جي آگ اجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي هئي، اڄ اتي هنن چونڊيل نمائندن اندر ۾ آگ ٻارڻ ئي ڇڏي ڏني آهي. آمريت جي هنج ۾ پلجندڙ وقت جي حاڪمن ته صوبن ۾ تفاوت وجهي صوبن کي ننڍ وڏائي جي بنياد تي ورهائي ڇڏيو هو، ها، جن کي ننڍن صوبن جي نالو ڏنو ويو انهن سان ناانصافين ۽ حق تلفين ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي وئي. پر موجودا جمهوري حڪومت سمورن صوبن کي برابر ڪري پنهنجا حق ڏنا آهن، اڻبرابري واري رجحان کي ختم ڪرڻ لاءِ عوامي نمائندا اڃا تائين به ڪوششون جاري رکيو ويٺا آهن. آمريت جي دور ۾ آئين کي ٽوڙي پنهنجا قانون نافذ ڪيا ويا، پر موجودا سرڪار آئين کي پنهنجي اصل شڪل ۾ گڏيل اتفاق راءِ سان بحال ڪيو.
اهڙي بازوڪ عملن باوجود ته تنقيد جي ڪٽهڙي ۾ويٺلن، موجودا سرڪار خلاف اجائي واويلا شروع ڪري ڇڏي آهي، جمهوري حڪومت کي ناڪام ڪرڻ لاءِ ته هر دور ۾ سازشون ڪيون ويون، پوءِ ڀلي اها ذوالفقار علي ڀٽو هجي يا شهيد محترمه بينظير ڀٽو ڇو نه، پر سازشي ۽ ملڪ دشمن عنصرن سدائين پ پ حڪومت کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
جمهوري حڪومت پاران عوام سان ناانصافيون ڪندڙ ويڪوئن جي فطرت تي احساس ملامت ڪئي، جن جي ضمير جي عدالت به چاندي جي چمڪ جيان وڪجي چڪي هئي. هر پل ملڪ جي شهرين مٿان وار هجن ته ان ملڪ جو عوام آپگهات کان سواءِ ٻيو ڇا سوچي پيو سگهي. اڳ ديس ۾ سياسي تڪرارن سبب رڳو فتنن جي باهه ٻريل هوندي هئي، رڳو انساني رت جا پوڄاري مسافرن جا گلا دٻائڻ لاءِ آتا هوندا هئا، پر پاڪستان ۾ اقتدار تي ويٺل موجود سرڪار هڪ نئي مفاهمت واري سياست کي جنم ڏئي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ وارين ريتن کي وساري ديس واسين لاءِ ماحول کي بهاريون ڏنيون آهن. عوام جي ڀلائي لاءِ بيتاب رهندڙ سرڪار خلاف وک وک تي ڪنڊا وڇايا ويا آهن، تنهن هوندي به عوامي سرڪار ڏهڪاءَ جا عوام مٿان وهايل واءَ روڪڻ کان نه پئي ڪيٻائي. ديس جي هر راهه مان گذرندڙ گهٽيءَ ۾ سرڪار جي سمتن خلاف واويلا جا وار ڪيا پيا وڃن، چونڊيل نمائندن خلاف نااهلي جهڙا ناروا سُرڙاءِ اُچاريا پيا وڃن، پر هيل هنن عوام کي تنها ڪري ديس مان ڌڪجڻ بدران سنگ اڙائڻ جو اٽل ارادو ڪيو آهي. گهڻا ئي هيلا هلائي عوام سان سندن پرت ڇنڻ جي ڪوششون جاري آهن پر هيل مقابلي جي موسم آهي، ۽ هو ڪنهن به صورت ۾ عوام کي تنها ڇڏڻ جي ڳالهه نه ٿا ڪن. سندن ساز ۽ آواز ۾ هي ٻول آهن ته....
انهن جي سورن ڦٽن جون ڦڪيون، ڪريون ته بلڪل شتاب ڪريون!
اٿو ڙي! ساٿي مٿير مانجھي، گھٽيءَ گھٽيءَ کي گلاب ڪريون!
حفظ الله ڪاڪا
ڪلفٽن ڪراچي.