ڪامريڊ منان چانڊيو آذادي هڪ قدرتي نعمت آھي. اها انفرادي هجي يا اجتمائي، آذادي هر صورت ۾ ھر هڪ قوم، قبيلي، برادري، کي ملڻ گهرجي. آزادي جسماني هجي، ذھني هجي يا روحاني، اها انسان جو پيدائشي، قانوني، اخلاقي حق آھي. آزادي ڪنهن کان به کسڻ ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه ڪالھ ھئي، نه اڄ آھي نه آئينده ٿيندي. ان فطرتي آذادي تي ضرب ڪڏھن هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ تي، هڪ قوم کان ٻئي قوم تي، ڪڏھن هڪ قبيلي، برادري يا هڪ فرد کان ٻئي فرد تائين لڳندي پئي اچي. جڏھن ڪنهن به ملڪ، قوم، قبيلي، برادري ۽ فرد کان جبري آزادي کسي وئي آھي ته متاثر ڌرين وقت بوقت پنهنجي مالي، افرادي يا ذھني قوت جي آڌار تي واپس وٺڻ جا جتن صدين کان وٺي ڪندا پيا اچن. ان آذادي جي حاصلات لاءِ ھن وقت ڪشميري عوام غاصب هندوستاني حڪمرانن سان منهان منهن ٿي پنهنجي سرن جا نذرانه ڏئي رهيا آھن. اڄ ڪالھ پاڪ هند وچ ۾ ڪشمير واري مامري تي تڪرار چوٽان چوٽ تي پهتل آھي، ٻن پاڙيسري ملڪن جيڪي ايٽمي طاقت پڻ آھن انهن جا تعلقات هونئن به گذريل ستن ڏھاڪن کان وٺي ڪشيده رهندا پيا اچن. ڌرين درميان ڪڏھن سفارتي ميدان تي ڏند چڪ، ڪڏھن سرحدن تي معمولي قسم جون جهڙپون، ته وري ڪڏھن باقاعده جنگ جا طبل به وڄندا رهندا آھن. گذريل 72 سالن دوران جيڪي ٽي جنگون ڌرين ۾ لڳيون انهن مان 1971ع واري لڙائي پاڪستان جو ٻه اڌ ٿيڻ وارو افسوسناڪ الميو نمايا هيو. ان ويڙھ ۾ جتي ڌرين جا هزارين فوجي جوان ۽ عام شھري بي وقتي موت جي منهن ۾ ھليا ويا، اهي اهڙا گهرا گهاوَ هيا جيڪي اڃان تائين ڏکندا رهن ٿا. ٻن پاڙيسري ملڪن ۾ برابري ۽ ڀائپي واري بنيادن تي هڪ ٻئي جي زميني ۽ نظرياتي سرحدن جو احترام ڪرڻ يا جيئو ۽ جيئڻ ڏيو واري بين الاقوامي واري اصول بدران وڙھو، ماريو، مرو، شڪست قبول ڪيو يا سوڀ حاصل ڪريو وارا جارحانه ۽ غاصبانه رويا توڙي عمل ڇو ٿي رهيا آھن؟ انهن ڳنڀير مامرن پويان ڪنهن جا هٿ يا مزوم مقصد آھن، اهي اهڙا سوال آھن جن جا جواب ڌرين وٽ الڳ الڳ نوعيت جا آھن، ڪنهن اڳرائي ڪئي، ڪير صبر ۽ تحمل کان ڪم وٺي ٿو اهي به هڪ سنجيده ۽ منجهل سوال آھي. پر اها حقيقت آھي ته هڪ صدي تائين انگريز برصغير خصوصن هند سنڌ تان پنهنجي غير قانوني قائم ڪيل بيٺڪيت ختم ڪري جڏھن واپس ٿي رهيو هو ته ڄاڻي واڻي ٻن آزاد ٿيندڙ ملڪن وچ ۾ ڪشمير وارو تڪرار پيدا ڪيو، يا ان کي اڻ نبريل ڇڏي ڏنو. بس پوءِ ان ڏينهن کان وٺي اڄ تائين اهو اختلاف گهٽجڻ بدران وڌڻ يا سلجهڻ بدران الجهندو پيو اچي. ايئن به ڪونهي ته ستن ڏھاڪن واري عرصي دوران پاڪ هند وچ ۾ رڳو ويڙھ ويڙھان يا ڄُنڊا پٽ ٿيندي رهي آھي. پر ان عرصي دوران ڪڏھن ڪرڪيٽ ڊپلوميسي، ڪڏھن مونا بس سروس، ڪڏھن سمجهوتا ٽرين سروس، ڪڏھن واگها بارڊر تي خير سگالي طور هڪ ٻئي سان هٿ ملائڻ، ڪڏھن هڪ ٻئي جا جنگي جاسوسي ۽ عام قيدي هڪ ٻئي جي حوالي ڪرڻ جهڙا خير سگالي جهڙا دوستاڻه رويا رکڻ يا جذبا ڏسڻ ۾ آيا، پر اصل مامرا ڪشميري ڌرتي تي قبضو ڪرڻ ۽ اتان جي مسلمان ماڻھن جي آزادي واري عوام کي ڀارت پاران گولي ۽ ڏنڊي جي زور تي بند ڪرڻ جهڙا ظالمانه هٿ ڪنڊا استعمال ٿيندا پيا اچن جنهن کي حڪومت پاڪستان اکيون پوري نظرانداز نٿي ڪري سگهي. پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ ڪشميري تڪرار جيڪو هن وقت نئون ۽ تڪراري رخ اختيار ڪري ويو آھي اهو ان وقت ڏسڻ ۾ آيو جڏھن ڪپتان صاحب آمريڪا بهادر جي نيم سياسي پاڳل صدر ٽرمپ جي دعوت تي پنهنجي پر ۾ ڪامياب دورو ڪري واپس وطن وري اها بشارت ڏني ته سندس شاندار سفارتي لاڳاپن، ڪوششن لاڪاميابين جي بدولت آمريڪا ڪشميري تڪرار حل ڪرائڻ لاءِ ٽياڪڙي يا سالسي جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو آھي. ڪپتان صاحب عرف عمران احمد نيازي جي اهڙي حڪومتي، سياسي ۽ سفارتي ٻٽاڪ کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ھن جا وزير باتدبير ڳڻ ڳائي ۽ وڄائي رهيا هئا ته ٽرمپ جهڙي ٽرڙي طبعيت سان مشاهبت رکندڙ هندستاتي وزيراعظم مودي ڪشمير واري خصوصي ۽ آئيني حيثيت ختم ڪري واديءَ کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪري ڀارت جو باقاعده اٽوٽ حصو بنائي ڇڏيو. مودي جي اهڙي وائڙائپ واري منفي قدم کانپوءِ ھڪ طرف ٻنهي ملڪن جي جاگرفيائي سرحدن تي ڇڪتاڻ وڌي وئي ته ٻئي پاسي سفارتي سطح تي پرڏيهي ملڪن جي راءِ يا حمايت پنهنجي حق ۾ هموار ڪرڻ جا ساٺ سنئوڻ شروع ٿي ويا، ٽئين طرف ملڪ جي گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس ۾ حزب اقتدار ۽ حزب اختلاف جي ھمراهن وچ ۾ لفظي جنگ يا وٺ وٺان وارو گرم ماحول پيدا ٿي اڃان هلي رهيو هيو، ته حيرت ان ڳالھ جي ٿي ته جنهن وقت پاڪستان ۽ ھندستان وچ ۾ ڪشميري تڪرار تي ڪنهن وقت به وڏو خنام ٿيڻ جا امڪان يا گهنڊ وڃي رهيا هئا ته ٺيڪ تنهن وقت عمراني سرڪار جي چرچ تي نيب جيڪا گذريل ٻن سالن کان وٺي وڻ گهوڙو ٻڌڻ ڪونه ٿي ڏئي ان وڏي ڦڙتي جو ثبوت ڏيندي ميان محمد نواز شريف جي نياڻي مريم نواز جيڪا نواز ليگ جي نائب صدر پڻ آھي، کي ان وقت گرفتار ڪري ورتو جڏھن هو پنهنجي باندي بنايل والد سان ڪوٽ لکپت جيل ۾ ملاقات ڪرڻ آئي هئي. هن جي اوچتو گرفتاري جيڪا هڪ منصوبي بندي تحت عمل ۾ آئي اها خبر جيئن عام ٿي پارليامينٽ جي ديوارن تائين پڙاڏا ڪندي پهتي ته پ پ جي نوجوان چيئرمين انتهائي جذبات ۾ اچي حڪومت خلاف لفظي تيرن جي وڏ ڦُڙي برسات وسائي ڇڏي. نه صرف هن حڪمرانن کي سياسي بيغيرت ڪوٺيو پر هنن جي مشاهبت فوجي جنرل ضياءِ الحق جي آمرانه دور حڪومت سان ڪئي. ڪيڏي نه عجيب اتفاق جي ڳالھ چئجي ته جتي مريم نواز شريف نيب عملدارن سان گرفتاري وقت اکيون اکين ۾ ملائي جرئتمندي ۽ خود اعتمادي جو مظاهرو ڪري رهي هئي، اتي وري پارليامينٽ جي ايوان ۾ بلاول ڀٽو پنهنجي سياسي ۽ پارلياماني ڪيريئر جي سڀ کان وڌيڪ جذباتي ۽ اثرائتي تقرير ڪري حڪمران ڌُر سان لاڳاپيل پارليامينٽرين تي ڪامياب سياسي وار ڪري ڄڻ ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ سرخرو ٿي سياسي ميدان کٽي هڪ فاتح جي صورت ۾ سامهون اچي رهيو هيو. هتي اهو سوال ناهي ته گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس دوران مخالف ڌر، سرڪاري ڌر کي ناڪ آئوٽ ڪري واڄٽ وڃائي ڇڏيا، يا وري حڪومتي ڌر وارن پنهنجو موقف اثرائتو پيش ڪري مخالفن تي برتري حاصل ڪري ورتي، پر اصل ڳالهه اها آ ته حڪومت ۽ مخالف ڌر گهٽ ۾ گهٽ موجوده ملڪي صورتحال ۽ درپيش سنگين مسئلن جي نوعيت کي سمجهي هم آهنگي جو عملي ثبوت ڏيئي اهڙو ماحول پيدا ڪن جو پرڏيهي سطع تي ملڪ جي ساک ۽ حمايت نه صرف برقرار ۽ بحال رهي پر ان کان به ٻه قدم اڳتي وڌي دنيا ۽ مودي تي اهو واضح ڪن ته ملڪ جي آذادي، خودمختياري ۽ وقار کي بلند رکڻ لئه ڪا به ڪسر ڪون ڇڏبي. اسين جڏهن ڪشميرن تي ڀارتي بربريت ۽ وحشيت جي سخت مذمت ڪندي ظلمن جو شڪار بنيل ڪشميرين سان گڏ بيهڻ جو وچن هڪ دفعو ٻيهر ورجايو ٿا ته پوءِ هتان جي طاقتور قوتن ۽ وقت جي حڪمرانن ۽ اسٽيبلشمينٽ کي اهو به ڏسڻ ۽ محسوس ڪرڻ گهرجي ته سياسي ۽ نظرياتي اختلافن جي بنياد تي پنهنجي ئي ماڻهن سان اهڙو ورتاءُ نه ڪيو وڃي جهڙو ڀارتي حڪمران ڪشميرين سان ڪري رهيا آهن، تڏهن ئي ڪشميرين سان ملڪي حڪمرانن ۽ ماڻهن جي همدردي ۽ محبت ساڀيان ٿيندي. هڪ عام چوڻي آهي ته اول پنهنجا معامرا احسن نموني سنڀالڻ گهرجن پوءِ ٻاهرين جي سار لهجي.