ماضيء جو آئينو؛ فرعون جي لاش جو محفوظ رهڻ.

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏15 آگسٽ 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    فرعون حضرت موسيٰ عليه السلام ۽ سندس قوم بني اسرائيل تي تمام گھڻا ظلم ڪيا هئا.’اصل ۾ ”فرعون“ ان وقت جي مصري بادشاهن جو لقب هو.جيڪو به بادشاه بڻجندو هو تنهن کي فرعون چيو ويندو هو.ڊاڪٽر مورس جي تحقيق موجب بني اسرائيل تي ظلم ۽ ستم ڪندڙ بادشاه جو نالو ”رعمسس ٻيو” هو.بائيبل جي بيان مطابق هن بني اسرائيل کان بيگار ذريعي ڪيترائي شهر اڏراياهئا جن مان هڪڙي جو نالو”رعمسس“ رکيو ويو هو.جديد تحقيق موجب اهو شهر تيونس ۽ قطر جي ان علائقي ۾ هو جيڪو نيل دريا جي اڀرندي ڊيلٽا ۾ موجود آهي.رعمسس جي وفات بعد سندس جانشين مرنفتاح مقرر ٿيو.انهيء جي حڪمرانيء واري دور ۾ الله تعاليٰ حضرت موسيٰ عليه السلام کي بني اسرائيل سميت شهر ڇڏڻ جو حڪم ڏنو.جڏهن حضرت موسيٰ عليه السلام بني اسرائيلين کي پاڻ سان گڏ وٺي نيل دريا پار ڪري رهيو هو ته مرنفتاح به سندن پيڇو ڪندي لشڪر سميت نيل دريا ۾ لهي پيو پر الله تعاليٰ بني اسرائيل کي دريا پار ڪرائڻ بعد دريا جي پاڻيء کي جاري ڪري ڇڏيو ۽ فرعون کي سندس لشڪر سميت دريا ۾ ٻوڙي ڇڏيو.ان سڄي واقعي کي الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ هن طرح بيان فرمايو آهي؛

    ” ۽ اسان بني اسرائيل کي سمنڊ مان لنگھائي وٺي وياسين پوء فرعون ۽ سندس لشڪر ظلم ۽ زيادتيء جي ارادي سان انهن جي پويان هليو ايستائين جو جڏهن فرعون ٻڏڻ لڳو ته پڪاري اٿيو ته مون مڃي ورتو ته حقيقي خدا کان سواء ٻيو ڪو خدا ناهي جنهن تي بني اسرائيل ايمان آندوآهي۽ آئون به آڻ مڃڻ وارن مان آهيان.(جواب ڏنو ويو) هاڻي ٿو ايمان آڻين جڏهن ته ان کان اڳ تون کليل نافرماني ڪندو رهيو آهين ۽ فساد پيدا ڪندڙن مان آهين.هاڻي ته اسان رڳو تنهنجي لاش کي ئي بچائينداسين ته جيئن توکي پويان ايندڙ نسلن لاء عبرت بڻائجي توڙي جو ڪيترائي انسان اهڙا آهن جيڪي اسان جي نشانين کان لاپرواهي اختيار ڪن ٿا،“

    انهن آيتن ۾ الله تبارڪ وتعاليٰ هڪ پيشن گوئي فرمائي آهي ته اسان فرعون جي لاش کي محفوظ رکنداسين ته جيئن بعد ۾ ايندڙ ماڻهن لاء اهو عبرت جو نشان بڻجي.پنهنجو پاڻ کي خدا سڏائيندڙ جي لاش کي ڏسي ايندڙ نسل سبق حاصل ڪن.سو الله تعاليٰ جو فرمان سچ ثابت ٿيو ۽ سندس ممي وارو جسم 1898ع ۾ نيل دريا جي ويجھو تبسيا واري هنڌ شاهن جي واديء مان اوريت دريافت ڪيوهو جتان ان کي قاهرا موڪليو ويو. ايلٽ سمٿ 8 جولائي 1907ع تي سندس جسم جي غلافن کي لاٿو ته انهيء لاش تي لوڻ جو هڪ تهه ڄميل مليوجيڪو سندس کاري پاڻيء ۾ غرق ٿيڻ جو ثبوت هو.ان وقت اها ممي محفوظ رکڻ لاء تسلي بخش حالت ۾ هئي توڙي جو ان جا ڪيترائي حصا ڀڄي ۽ ٽٽي چڪا هئا.ان وقت کان اها ممي قاهره جي عجائب گھر ۾ سياحن لاء سجيل آهي.ان جو مٿو ۽ ڳچي کليل آهي ۽ باقي جسم کي هڪ ڪپڙي ۾ لڪائي رکيو ويو آهي.محمد احمد عدوي لکي ٿو ته ان نعش جي نڪ جي سامهون وارو حصو غائب آهي ڄڻ ته ڪنهن حيوان کائي ڇڏيو هجي.شايد سامونڊي مڇيء انهيء تي حملو ڪيو هجي پوء هن جو لاش خدائي فيصلي موجب ڪناري تي اڇلائي ڇڏيو ويوته جيئن دنيا لاء عبرت بڻجي.

    جون 1974ع ۾ ڊاڪٽر مورس مصري حڪمرانن جي اجازت سان فرعون جي جسم جي انهن حصن جو جائزو ورتو جيڪو ان وقت تائين ڍڪيل هئا ۽ انهن جون تصويرون ٺاهيون.پوء هڪ اعليٰ قسم جي شعاعي مصوريء ذريعي ڊاڪٽر ايل ميلجي مميء جو مطالعو ڪيو۽ ڊاڪٽر مصطفيٰ منيالويسيني جي اندروني حصن جو جائزو ورتو.اهو اندروني جائزي جو پهريون مثال هو جيڪو ڪنهن مميء تي ٿيو.ان ترڪيب سان جسم جي ڪجهه اندرين حصن جا اهم تفصيل سامهون آيا ۽ اهڙيون تصويرون به ڪڍيون وييون.پروفيسر سيڪالدي،پروفيسر مگنو ۽ ڊاڪٽر دوريگون سان گڏجي انهن ننڍن ننڍن جزن جو خوردبينيء سان مطالعو ڪيوجيڪي پنهن جو پاڻهي ممي کان جدا ٿي چڪا هئا. ان تحقيقات سان حاصل ٿيندڙ نتيجن ان مفروضن کي مضبوطي بخشي جيڪي فرعون جي لاش کي محفوظ بنائڻ جي باري ۾ قائم ڪيا ويا هئا.ان کوجنا جي نتيجن مطابق فرعون جو لاش گھڻو عرصو پاڻيء ۾ نه رهيو هو جيڪر لاش ڪجهه وڌيڪ وقت پاڻيء ۾ ٻڏل رهي ها ته ان هي حالت خراب ٿي سگھي ٿي.ايستائين جو پاڻيء کان ٻاهر به گھڻو عرصو ايئن پيل رهي ته به خراب ٿي وڃي ها.ان ڳالهه تي به تحقيقات جاري رکي ويئي ته ڇا ان لاش جو موت پاڻيء ۾ ٻڏڻ سبب ٿيو يا ڪي ٻيا سبب هئا؟ سو وڌيڪ جاچ لاء لاش کي پيرس نيو ويو جتي ”ليگل اڊنٽٽي فڪيشن ليبارٽري“ جي مينيجر سيڪالڊي ۽ ڊاڪٽر ڊريگون مشاهدن بعد ٻڌايو ته ان لاش جي فوري موت جو سبب اهو سخت ڌڪ هو جيڪو سندس کوپريء جي اڳئين حصي کي رسيو هو ڇو ته ان جي کوپريء جي محراب واري حصي ۾ گھڻي خلا موجود آهي.اها سموري کوجنا آسماني ڪتابن ۾ موجود فرعون جي ٻڏي مرڻ واري واقي جي تصديق ڪري ٿي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته فرعون کي دريائي لهرن پنهنجي پڪڙ ۾ ورتو هو. جيئن ته انهن نتيجن مان ظاهر آهي ته الله تعاليٰ فرعون جي لاش کي محفوظ رکڻ لاء خاص بندوبست ڪيو هو جنهن سبب اهو هزارين سالن تائين زماني جي اثرن کان محفوظ رهيو ۽ نيٺ ان کي اوڻهين صديء ۾ دريافت ڪيو ويو جيڪو قيامت تائين ايندڙ نسلن لاء عبرت جو سامان بڻجي رهندو.وڌيڪ اهو ته الله تعاليٰ جو اهو فرمان ته . اسان فرعون جي لاش کي عبرت جو سامان بنائڻ لاء محفوظ ڪري ڇڏينداسين“ رڳو قرآن مجيد ۾ موجود آهي ۽ ٻئي ڪنهن به آسماني ڪتاب ۾ اهو اعلان نه ڪيو ويو هو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو