• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شاعري نثري نظم، فقير محمد سنڌي

فقير محمد سنڌي

سينيئر رڪن
نثري نظم.
فقير محمد سنڌي
مان کپڻ ٿو چاهيان .

مان کپڻ ٿو چاهيان،
ڇو جو!؟
مان دراوڙ آهيان.
ڀونءِ سَڄي جو وارث آهيان،
مان سنڌو سڀيتا جو وارث هان،
پيار امن جي نگري منهنجي،
هاڻ تنهن نگريء کي کپائڻ ٿو چاهيان،
موئن جو نگر منهنجي سڃاڻپ،
پنهنجي سڃاڻپ کپائڻ ٿو چاهيان،
منهنجي ايراضي سڄي سنڌو سڀيتا،
نگر نگر ڪوٽ قلعا، کپائڻ ٿو چاهيان
ڇو جو مان دراوڙ آهيان.
مون کي هر دور ۾ کپايو ويو آ،
ڪڏهن وري قبضي هيٺ رکيو ويو آ،
تنهن لاءِ...!
هاڻ.
ڀونءِ سَڄي کپائڻ ٿو چاهيان.
رنگ سمورا پنهنجي چمن جا،
هڙئي هاڻ کپائڻ ٿو چاهيان.
درس ڏنا رهبر جتي قوميت جا،
ان درسگاھ کي به کپائڻ ٿو،
چاهيان...!
هي مڪلي، ٽلٽي ، ڪينجهر ۽ منڇر،
سڀ جا سڀ کپائڻ ٿو چاهيان.
هي ٽينڊر منهنجي ضمير جو واڪ آ،
بي ضمير ٿي ضمير کپائڻ ٿو چاهيان.
هي سنڌو منهنجي ميراث آ،
هن سنڌو جو هر دودو ۽ دولھ کپائڻ،
ٿو چاهيان...!
 
Back
Top