غزل فقير محمد سنڌي سڄڻ توکي ساري پڪاريندا آهيون، سڄي رات روئي گذاريندا آهيون. مڃان ٿو ته اسان ڏي تون اچڻو نه آهين، مگر پو به رستا نهاريندا آهيون. ڪٿي به مزو ڪونه توکان سوا آ، توکي ساھ سان گڏ سنڀاريندا آهيون. اوهان جي جدائي وڌو آھ جهوري، ڏئي آٿتون جيءُ جيئاريندا آهيون. جڏهن کان مليا نيڻ آهن اي سنڌي، تڏهن کان اوهان جا سڏائيندا آھيون.