سوبيا
سينيئر رڪن
خانپور انڊس هاءِ وي تي مسافر ڪوچ ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر، عورت سميت 3 ڄڻا فوت، 15 زخمي.
تفصيل موجب شڪارپور جي تعلقي خانپور انڊس هاءِ وي تي رحيم آباد لاڙو جي هنڌ تي مسافر ڪوچ ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ محمد مجيد، جهانگير ۽ مسمات رضوانه فوت ٿي ويا. جڏهن ته حادثي ۾ 15 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا.
حادثي کان پوءِ ويجهو رهندڙ ڳوٺاڻن ۽ پوليس زخمين کي ڪوچ مان ڪڍي تعلقه اسپتال خانپور ۽ شڪارپور منتقل ڪيو. ان موقعي تي سول اسپتال ۽ تعلقه اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي. زخمين کي طبي امداد ڏني پئي وڃي.
اسپتال ذريعن موجب 15 زخمين مان چئن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جن کي سکر منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب مسافر ڪوچ سکر کان ڪراچي وڃي رهي هئي ته حادثو پيش آيو.