ڪاميابي حاصل ڪرڻ کان پهريان...!!!

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ امتياز علي رند طرفان آندل موضوعَ ‏26 آگسٽ 2019۔

  1. امتياز علي رند

    امتياز علي رند
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 آگسٽ 2019
    تحريرون:
    17
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ليکڪ :قاسم علي شاھ
    سنڌيڪار : امتياز علي رند

    اسان چاهيندا آهيون ته سڄي دنيا اسان جي صلاحيتن کي مڃي. اسان هر ميدان ۾ فتح جو جهنڊو لڳايو، هر خاص ۽ عام ۾ اسان جي شهرت هجي. ماڻهو اسان کي عزت ڏين، اسان معاشري جي لاءِ هڪ اهم فرد هجون. گهر کان وٺي شهر جا سڀئي ماڻهو اسان جي تعريف ڪن ۽ اسان جو نالو تاريخ جي ڪتابن ۾ محفوظ هجي پر انهن سڀني خواهشن کي حاصل ڪرڻ ناممڪن لڳندو آهي. آخر ان جو ڇا وجهه آهي جو اسان کي People Approval نه ملندو آهي. هي ڄاڻڻ جي لاءِ توهان پنهنجي دل تي هٿ رکو ۽ پنهنجي پاڻ کان پڇو ته ڇا توهان واقعي هن قابل آهيو ته سڄي دنيا توهان جي قدمن هيٺان هجي؟ يقين ڄاڻو ته جيڪڏهن توهان سچ ڳالهايو ته توهان جو جواب نه هوندو. هاڻي توھان پاڻ ئي ٻڌايو ته جيڪڏهن توهان پاڻ هن ڳالھ جو يقين نه ٿا رکو ته توهان ڪامياب ۽ شهرت وارا Renown هئڻ جي قابل آهيو ته توهان جي هي خواهش فقط خواهش ئي رهندي، ڪڏهن به حقيقت نه بڻجي سگهندي. ڇو ته ڪنهن به ڪارنامي جي حوالي سان هي يقين ته مان هي سرانجام نه ٿو ڏئي سگھان توهان کي هميشه ناڪام ڪندو آهي. جيڪڏهن توهان کي پاڻ تي يقين ناهي ته دنيا توهان تي ڪيئن يقين ڪندي. انهيءَ لاءِ چيو ويندو آهي ته Self Approval کان بغير People Approval حاصل نه ٿو ڪري سگهجي. توهان پنهنجي ذات Self کي قابل احترام نه سمجهندئو ته ڪو به ماڻهو توهان جي عزت نه ڪندو. توهان پاڻ کي منفرد نه ٿا مڃيو ته ماڻهن ۾ توهان جي انفراديت ڪڏهن به ظاهر نه ٿيندي. انهي لاءِ توهان پنهنجي اندر پنهنجن صلاحيتن، ڪم ۽ ڪاميابي جي حوالي سان پختو يقين هئڻ گهرجي. چيو ويندو آهي ته Believe it, Achieve it. ڪامياب ۽ ناڪام ماڻهن جا عقائد، نظريا ۽ Beliefs ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق هوندو آهي. اسان جا عقائد اسان جو لاشعوري انتخاب هوندا آهن. انهن کي بدلائڻ کان سواءِ ڪجھ به بدلائڻ ممڪن ناهي. هي هڪ ڏينهن ۾ ناهن بڻجندا پر ڪيترن ئي سالن جا واقعا ۽ تجربا انهن کي هڪ وڏي پهاڙ جي صورت ۾ مضبوط بڻائي ڇڏيندو آهي. جيڪڏهن توهان کي هي يقين آهي ته ڪاميابي محنت سان نه پر قسمت سان ملندي آهي ته توهان محنت جي لاءِ ڪڏھن به تيار نه ٿيندئو، قسمت جو انتظار ڪندي عمر وڃائي ڇڏيندئو ۽ هي هڪ يقين توهان کي ناڪام ڪري ڇڏيندو. اسان جا عقائد انهن ماڻهن سان مشابهت هوندا آهن جن کان اسان گهڻا متاثر هوندا آهيون. هڪ ڪامياب انسان جا عقائد گهڻا پختا ۽ پيداوار Productive هوندا آهن. انهي لاءِ اهي ٻين کان جلدي ڪاميابي جون منزلون طي ڪري ويندا آهن. عقائد کي Commanding power به چيو ويندو آهي ڇو ته هي توهان جي ذهني ۽ جذباتي حالت کي سنڀالڻ جا ذميوار ھوندا آھن. توهان جا عقائد بڻجڻ ۾ هيٺ ڏنل سببن جو عمل دخل هوندو آهي. 1 شروعاتي ماحول: ٻار جيڪو ڪجھ ڏسندو آهي ان تي يقين ڪندو آهي. هڪ ٻار وٽ صحيح انتخاب جي صلاحيت نه هوندي آهي، انهي لاءِ ان کي ڏنل ماحول ان جا نظريا ۽ عقائد بڻائڻ ۾ پنهنجو حصو وجهندو آهي. 2 والدين ۽ مٽ مائٽ: والدين جو ڪردار ٻار جي شخصيت ۽ نظرين جو لازمي جزو بڻجي ويندو آهي. بي شمار والدين پنهنجي ٻارن کي نااهل سمجهندا آهن. انهيءَ لاءِ اهي هر هر ان کي احمق، بيوقوف، نالائق ۽ نا سمجھ چئي ڪري ان جي اندر هي يقين پختو ڪري ڇڏيندا آهيون ته اهو احمق ۽ نالائق ئي آهي. والدين کي گهرجي ته ٻار کي محبت ڏين ۽ تنقيد جو نشانو نه بڻائن. 3 ميڊيا: توهان جيڪو ڪجھ هر هر ٻڌندا آهيو ان تي توھان جو يقين پختو ٿي ويندو آهي. ميڊيا توهان جا عقائد بڻائڻ وارو وڏو ذريعو آهي. افسوسناڪ ڳالھ هي آهي ته اسان جي ملڪ جو ميڊيا صرف تفريح مهيا ڪري رهيو آهي يا سياسي تبصرا جنهن جي ڪري نوجوانن جي شخصيت سازي جو عمل نه ٿي رهيو آهي. ميڊيا جي شعبي به اصل مشن کي ٽارگيٽ نه بڻايو آهي، جنهن ۾ نوجوانن جي Personal Development ۽ ڪاميابي جي نظرين ۽ افڪار جو پرچار شامل آهي. 4 دوست احباب: توهان جي ويجها ماڻهو توهان جي نظرين ۽ عقائد تي گهڻو اثرانداز ٿيندا آهن ڇو ته توهان جو انهن سان اعتماد جو رشتو جڙيل هوندو آهي انهي لاءِ توهان انهن جي ڳالهين کي جاچڻ کان بغير صحيح مڃيندا آهيو. 5 اشتهار: توهان جي ذات سان متعلق لاتعداد فرسودہ ۽ بيهوده عقائد انهن اشتهارن سبب بڻجي ويندا آهن جن کي توهان روز پڙهندا آهيو. انهن جو بهترين مثال نيم حڪيم ۽ عامل بابن جا اشتهار آهن. جيڪي هر اخبار ۽ ديوار جي زينت بڻيل هوندا آهن ۽ انهن جي تباھ ڪاري هي آهي ته اسان جي ملڪ جو هر نوجوان پاڻ کي ڪمزور سمجهندو آهي ۽ هر ٻئين عورت جو هن ڳالھ تي يقين هوندو آهي ته مون تي جادو ڪيو ويو آهي. 6 واقعا تجربا ۽ حادثا: اسان جي زندگي جي سڀني واقعن تي اسان جو اختيار ناهي هوندو. اهو واقعو جنهن کي توھان پنهنجي اکين آڏو ٿيندي ڏسندا آهيو يا ڪنهن جي زباني ٻڌندا آهيو ان جي نتيجي تي توهان جو يقين پختو ٿي ويندو آهي. 7 استاد: توهان جي ڪاميابي ۾ تمام گهڻو ڪردار توهان جا استاد، گرو، مرشد، رهبر ۽ Mentor نڀائيندا آهن. ڇو ته توهان جنهن کي Ideal مڃيندا آهيو ان جي ٻڌايل ڳالھ توهان جي لاءِ سند جي حيثيت رکندي آهي. منهنجو ذاتي تجربو آهي ته جيڪڏهن استاد نالائق ٻار ۾ فقط هي يقين پيدا ڪري ڇڏي ته اهو لائق ٿي سگهي ٿو ته ٻار جي تقدير بدلجي ويندي آهي. ماڻهو گهڻو ڪري بينائي جي بجاءِ اعتماد ۽ يقين جي سهاري تي هلندا آهن توھان جو يقين ئي روشني ڏيکارڻ وارو نه هجي ته تاريڪي توهان جو مقدر بڻجي سگهي ٿي. اڄ جي دور جي خوش قسمتي ڏسو ته ماهرن جي ريسرچ هن نتيجي تي پهتي آهي جو توهان پنهنجي عقائد، نظرين ۽ Beliefs جو شعوري انتخاب ڪري سگهو ٿا. ڪاميابي ۽ خوشحالي حاصل ڪرڻ کان پهريان توهان کي انهن بهترين نظرين ۽ عقائد جو انتخاب ڪرڻو پوندو جيڪي توهان جي ڪاميابي کي يقيني بڻائن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو