سانوري رنگ ۽ سٻاجهي سڀاءُ وارو شاعر جنهن جي شاعري ۾ ڳوڙها ڳالهائيندا آهن ۽ دل جي تاريخ لکبي آهي. جنهن جي ڪلا صديون سميٽي ڪروکيتر جو ڪرڀ سنڌو ڌارا جي ڪنارن تي محسوس ڪندي آهي. جنهن جي قلم جي ‘ڪرڻ ڦل’ مان غم جي گلابن جو عرق ٽپڪندو آهي. جنهن وٽ شاعري جي ٻولن سان ٻڌندڙ جي روح کي گرمائڻ جي سگهه آهي. جنهن جي شاعري کي واريءَ جي ڀٽن جي ديس ۾ ‘وهائو تاري’ جو ويس ڌارڻ اچي ٿو.جنهن جي شاعري مان معلوم ٿيندوآهي ته، درد کي لفظن ۾ ڪيئن لهرائي سگهجي ٿو. جنهن ڪوي سو دکن دردن، اڪيلاين ۽ اداسين مان گذري ڪوتا سان نڀايو آهي. روز جنهن جي روح ۾ پيار جو تاڙو تنواريندو آهي. محبت جا مور ٽهوڪندا آهن. هُو قرب جي مينهن ڦڙي جي لاءِ واجهائي شاعري سان رسول حمزا توف جي لفظن ۾ مخاطب ٿيندو آهي ته؛ “شاعري ڇا تون نٿي ڄاڻين ته آئون توکي ڪڏهن به ترڪ نٿو ڪري سگهان، ڇا آئون پنهنجي زندگي ۾ ايندڙ خوشين ۽ پنهنجي اکين ۾ اُٿلي ايندڙ ڳوڙهن جي درياه کان ڪيڏانهن ڀڄي سگهان ٿو؟” هن کي پتو آهي ته مومل کان سواءِ مينڌرو ڪجهه نه آهي. سارنگا جي سڪ بن سڏونت جو سارو پنڌ اڪارٿ آهي. ملير جي مٽي جي تانگهه سان مارئي ابديت پاتي آهي. سنڌي ٻولي جو هي سگهارو شاعر سائينداد ساند جنهن جي شاعري جي ٻي مجموعي ‘دل جي تاريخ’ جو مهاڳ لکندي مون واضع لفظن ۾ لکيو آهي ته؛‘سائين سائينداد ساند جي شاعري جو سرور من ۾ ماڻڻ کان اڳ ۾ سندس اباڻي خطي ٿر جي لوڪ شاعري جي حسناڪي جو لطف دل ۾ اُتارڻ ضروري آهي. جنهن ۾ وطن سان محبت ۽ بيپناهه جماليات جا جذبا سمايل آهن،جنهن جو پرتوو هن جي شاعري تي آهي. 1. اڄ صبح جو سوير تلاءُ جي ڀرسان ڏٺو، ته زمين جي ٽڪري کي ديوتا سجدو ڪري رهيا هئا،آئون حيران ٿي ويس، مون اُها جاءِ وڃي ڏٺي، معلوم ٿيو ته تون اسر ويل پاڻي ڀرڻ ويئي هئين تنهنجي پيرن تي جيڪا مهيندي لڳل هئي تنهن جا نشان اُتي هئا. ديوتا اُنهي پوتر زمين کي سجدو ڪري رهيا هئا. 2. رات امراڻي ۽ ڍاٽ جي پاسي وڄ جي چمڪاٽ جهڙي روشني ٿي،آئون پرديس ويل هئس، مون پرديس ۾ اها روشني ڏسندي ڀانيو وسڪارو ٿر تي وريو آهي. انهي مهل نڪتس، وچ رستي ۾ هڪ واٽهڙو گڏيو تنهن چيو ته مينهن ته نه وسيو آهي، ان وقت مون سوچيو ته تون شايد پينگهه لڏي هوندينءَ تنهنجي بدن تان پولڪو پري ٿيو هوندو، جنهن جي اُهاءُ سان اها چمڪاٽ ٿي آهي. 3. اي منهنجا پٽ اُٿ مٽي جي پڪار ٻڌ، هن قومي ويڙهه واري موقعي تي پري هٽندين ته منهنجي ٿڃ تو لاءِ زهر برابر آهي. 4. اي سکي مون کي ڪانئرن جو پاڙو ڪڏهن پسند نه آهي، آئون انهن جوڌن تان ٻلهار وڃان جيڪي سرن جو سودو ڪندا آهن. 5. ملڻ ڀلو آهي نه وڇڙڻ، ٻنهي کي ڇڏي ڏي، وڇڙندي مڇي مري ويندي آهي، ملڻ سان پتنگ موت جو کاڄ ٿيندو آهي.’ سنڌ جي ڪڙم قبيلن ۾ سوڍا قبيلو نامور قبيلو رهيو آهي. جنهن سچائي، سورهيائي ۽ سخاوت ۾ پاڻ ملهايو آهي. چارڻ ڪوي چوي ٿو ته؛ ڪڇوا جهالا ڪم ڌج، جگ سسوڏيا جو، مڇري ڪو جادم ملي، سوڍي سمهو نا ڪو. (ڪڇوا، جهالا، ڪم ڌج (هجن) يا جڳ جا (واکاڻيل) سسوڏيا نهار، مڇري جا جادم ملن، پر انهن مان ڪو به سوڍن جو ڪڏهن ڪو مٽ نه ٿو ٿي سگهي.) سنڌ جي سوڍن پٽن رحمڪي بازار جي رڻ ۾ دودي سومري تان گهورڻ کان وٺي ٽلٽي ميدان ۾ جونجهارڪو جهيڙو مچائڻ تائين پاڻ ملهايو آهي.هانسي سوڍي کان رڻمل سوڍي تائين تاريخ جا صفحا سچن سوڍن جي تاريخي ڪارنامن سان ڀريل آهن. سنڌ جي ڪلاسيڪل توڙي جديد ادب ۾ ‘سوڍا’ لاکيڻا ڪردار رهيا آهن. ساند قبيلو جنهن کي ٿري ٻولي ۾ ‘سائوند’ سڏيو ويندو آهي.سوڍا قبيلي جي پنجٽيهه شاخن مان هڪ شاخ آهي. چيو وڃي ٿو ته گجو راڻي کان ٽي پيڙهيون اڳ ۾ ساوند سوڍو ٿيو هو. جنهن جو اولاد ساوند/ساند سڏجي ٿو. نسل در نسل تلوار جي طاقت رکندڙ سوڍن جي قبيلي ۾ ساند نک جي سڃاڻپ سنڌ ۾‘تلوار ڌڻي’ کان وڌيڪ ‘قلم ڌڻي’ جي رهي آهي.ڪوتا جي ڪاڪ جي راڻن ۾ ماما جمن دربدر، حليم باغي ۽ سائينداد ساند کان وٺي حاجي ساند، انور ساند ۽ اسحاق ساند تائين ڪيترائي نامور نالا آهن. جن مڃتا جي مومل کي ماڻيو آهي. اسلام ڪوٽ لڳ ڳوٺ متاري ساند جي رهواسي محمد حسن ساند جي پنجن پٽن ۾ سائين سائينداد ننڍو پٽ آهي.سائينداد کان وڏن ڀائرن ۾ لونگ، امام بخش، پيرڏنو ۽ منڱيو شامل آهن.سائين سائينداد ساند جي جنم تاريخ اسڪول جي رڪارڊ مطابق پهرين مارچ 1960ع آهي. جڏهن ته اصل ۾ سال 1961ع آهي. سائينداد ساند پڙهائي ۾ ننڍپڻ کان وٺي ذهين رهيو آهي. پڙهائي جي لاءِ هن مختلف ڳوٺن جي اسڪولن جو سفر ڪيو.تن ۾ جوگلار، وينجهڻياري، اسلام ڪوٽ، جوڳي مڙهي، فضل ڀنڀرو ۽ نئون ڪوٽ شامل آهن. ميرپورخاص جي شاهه عبداللطيف ڪاليج مان فرسٽ ايئر جو امتحان ڏيئي انٽر جي لاءِ سچل ڪاليج حيدرآباد ۾ داخل ٿيو. ائين پڙهائي جو پنڌ ڪري سنڌ يونيورسٽي جي اولڊ ڪئمپس ۾ پهتو. هن پرائمري کان وٺي ايم اي سنڌي تائين هن سدائين نمبر کنيو.ايم اي سنڌي فرسٽ ڪلاس مان پاس ڪيائين. سائينداد ساند پڙهائي جي ڏينهن جي ساروڻين ۾ اڪثر فضل ڀنڀري جو ذڪر ڪندو آهي. جتي فقير شير محمد بلالاڻي ۽ سائينداد ساند گڏ رهندا ۽ پڙهندا هئا. نامور ڪهاڻيڪار، ڊراما نويس عبدالقادر جوڻيجو ۽ پريم شيواڻي استاد هوندا هئا. جيڪي نصاب سان گڏ ڪهاڻين، شاعري ۽ مصوري جي موضوعن تي پڙهائيندا هئا. سائينداد ساند عبدالقادر جوڻيجي جو تذڪرو ڪندي ماضي ۾ ٽٻي هڻي ٻڌائيندو آهي ته، عبدالقادر هڪ استاد کان سنڌالاجي جي ڊائريڪٽر تائين ڪيئن سفر ڪيو آهي. عبدالقادر جوڻيجي جو چاچو رمضان وقت جو ڏاهو ماڻهو هو. رمضان جي ڳالهين ۾ تشبيهون منفرد هونديون هيون. عبدالقادر جوڻيجو به سائينداد ساند کي اهڙي ئي الفت سان ساريندو آهي. سائينداد ساند 1978ع کان 1986ع تائين سنڌ الاجي ۾ ملازم ٿي رهيو. جتي سائينداد ساند جي بقول ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ ميڊم مهتاب اڪبر راشدي کان لڪي شاعري جي فن تي ڪتاب پڙهندو هو. پر انهن ڪتابن مان حاصلات غير عملي هئي. سنڌ الاجي ۾ ماٺيڻو اوٺو هن سان گڏ ڪم ڪندو هو. ڄامشوري ۾ سائينداد ساند عبدالقادر جوڻيجي، امداد حسيني، ستيه پال سنتوش ڪامراڻي، الهڏتو وگهيي، نياز پنهور، قيس عالم ابڙي، ماٺيڻو اوٺي، ڊاڪٽر پرويز پٺاڻ، نصير مرزا جي سٿ ۾ رهيو. سائينداد ساند کي طارق عالم ابڙو جڏهن ياد ايندو آهي ته هُن جي لطيفن جون ڪهاڻيون مٺي ۾ دوستن کي ٻڌائي پاڻ کي سرچائيندو آهي. ۽ ماٺيڻو به سائينداد جي من تان ڪيئن اتري سگهي ٿو. جنهن جي وڇوڙي تي هن اکيون ابر جيان وسايون هيون. 22 سيپٽمپبر 1986ع تي ڊگري ڪاليج مٺي سنڌي جي مضمون جو ليڪچرار ٿي آيو.مٺي ڪاليج ۾ رهي هن ترقي ماڻي ليڪچرار مان پروفيسر جي عهدي تي پهچي مٺي ڪاليج جو پرنسيپال پڻ بڻيو. ڊگري ڪاليج مٺي جو نالو نامور راڳي صادق فقير جي نالي منسوب هن جي ايامڪاري دوران ٿيو. سائين سائينداد فيبروري 2017ع ۾ ڊگري ڪاليج ڏيپلو مان سرڪاري نوڪري تان رٽائر ڪيائين، پر هڪ استاد جي حثيت ۾ اڄ به شاگرد ساٿين جو غير رسمي ڪلاس وٺي علم ونڊي رهيو آهي. پروفيسر سائينداد ساند شعر چوڻ جي شروعات انٽر ۾ پڙهڻ دوران ڪئي هئي. ڪيترن سالن تائين شعر لکي پوءِ ٽوڙي ڇڏيندو هو. پر زندگي جو پهريون غزل هن کي پهرين پيار جيان ياد رهجي ويو؛ يادون جاڳيون، سپنا جاڳيا، اکين اندر ڳوڙها جاڳيا. ‘ڳوڙهن ڳالهايو’ هن جي شاعري جو پهريون مجموعو آهي. جنهن ۾ اهو غزل شامل آهي.هن غزل کي پهرين ڪريم فقير ڳايو. پوءِ ٻين راڳين ڳايو. پر ڪريم پاري ننگر جي پوري اداسي ميڙي اهڙي پُر سوز آلاپ ۾ ڳايو آهي جو ٻڌڻ سان محسوس ٿيندو آهي ته جين مندر ۾ سڏونت سارنگا ساري ڳائي رهيو آهي. سائينداد ساند جهڙي طرح پهرين ڪتاب ‘ڳوڙهن ڳالهايو’ جي ڇپائي جي لاءِ راضي نه هو. پر دوستن دليپ ڪوٺاري ۽ ٻين جي گهڻي اسرار آڏو ڪڇي نه سگهيو. اهڙي طرح ٻي شاعري جي مجموعي ‘دل جي تاريخ’ جي لاءِ پڙ ڪڍي بيهي رهيو هو. پوءِ دليپ دوشي لوهاڻو ۽ آئون ڪنهن ريت هن کي راضي ڪري ويا هئاسين. شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت تي هن روئي روئي بيت لکيا هئا. جيڪي سندس مجموعي ‘سنڌ ڪرو کيتر جيان’ ۾ شامل آهن. صرف اهو ڪتاب ڇپرائڻ جي لاءِ شاعر پاڻ آماده هو، اميشا پبليڪشن پاران دوست واشديو جاني ڇپرايو آهي. ’دل جي تاريخ’۽ ‘سنڌ، ڪرو کيتر جيان’ جا مهاڳ مون لکيا آهن. ‘سنڌ ڪرو کيتر جيان’ مجموعي ۾ پنجاهه کن بيت، هڪ وائي ۽ شهيد راڻي جي يادگار تصويرن تي مشتمل آهي. آئون هن ڪتاب جو مهاڳ لکندي وڏي ڪرڀ مان گذريو هوس. ڌرتي جي دامن ۾، سُتي منهنجي ڀيڻ، ---ا-- دنيا بڻجي نيڻ، روئي تنهن کي روز ٿي. راڻي تنهنجي رت مان، جُڙيا جيالا، ڀالا ئي ڀالا، سنڌ ڪُروکيتر جيان. سائينداد ساند ڪلهه ڪاليج جي هاسٽل جي ڪمري ۾ تنهائي سان ڳالهيون ڪندي سگريٽ تي سگريٽ دکائي رات آڌي ڌاري شاعري سرجندو هو. هاڻي گدام ڪالوني جي ڀر سان پنهنجي ڀرئي گهر ۾ سج اڀرڻ جي پهرين لالاڻ تي شعر لکي ٿو. پر اندر جون اڪيلايون، زماني جون تلخيون، ڳوڙها ۽ غم ساڳي ريت ساٿ آهن. هن ڪڏهن اهو الڪو نه ڪيو آهي ته ڪير نقاد بڻجي شاعري کي فٽ پٽي سان ماپي رهيو آهي ته ڪير نظرياتي نقطه نظر سان بال پين کڻي شاعري جي سٽن کي انڊر لائين ڪري رهيو آهي. هن پنهنجي جذبن جو فطري ۽ بي ساخته اظهار ڪيو آهي. هن جي زندگي جي پوري سچائي شاعري ۾ آهي. منهنجي هڪ دوست شاعري تي ڳالهائيندي مون کان سوال ڪيو ته؛ ڇا شاعري شاعر جي آتم ڪٿا هوندي آهي ؟مون بي اختياري سائين سائينداد ساند جي شاعري مان ڪجهه شعر ٻڌائيندي چيو ته، سائين سائينداد زندگي جا راز ائين سليا آهن. دل جي درري کولي نيڻ نهار کان وٺي تصورن جي ترورن تائين خوبصورتي جي تلاش ڪندي جيڪي رومانوي رنگ پسيا آهن. سوچ ۽ لوچ ۾ فڪر ۽ نفسيات جا جيڪي نوان نقطا نوٽ ڪيا آهن. تن کي شاعري ۾ پيش ڪيو آهي. 80۽ 90 جي وچ وارو عرصو صادق فقير ۽ ڪريم فقير جي اڀرڻ جو وقت هو، سائينداد ساند جي شاعري کي پهرين انهن راڳين ڳايو آهي، پوءِ پوري سنڌ جي گلوڪارن جي ڳلي مان هن جي شاعري گونجي آهي. فوزيه سومرو جي آلاپن ۾ سائينداد ساند جي شاعري ڏاڍي مقبول رهي آهي؛ خاص طور ’ڪنهن هٿ هلايا ته ڳوڙها ڳڙي پيا’ ‘ڪوته اهڙو هجي، ڳوڙها منهنجا اگهي’، ‘مرڪندي مرڪندي جي تون مون سان ملين غم منهنجا خوشي ۾ بدلجي وڃن’، ‘وڇڙي وڃين ٿو تون پر ياد ڪندين ڏاڍو’ جي ڪلامن جا ٻول آهن. صادق فقير جيان سائينداد ساند جي انهن ٻولن ‘ٽوليءَ مان ئي ٽاريو ٿا، دل پٿر جي ڌاريو ٿا،’ ‘دل کي ڌوڏيندڙ هي گهڙي آهي’ کي ڪير ڳائي نه سگهيو آهي. صادق فقير سائينداد ساند جي غزل ‘جڏهن گهيري وڃي غم ڪو، تڏهن مون ڏي هلي اچجان’ جي هڪ بند ۾ ‘منهنجي مٺي جانان’ جا لفظ اهڙي مٺڙي آلاپ ۾ آلاپيندو هو، جو ٻڌڻ سان اهي لفظ ڪوئل جي ڪوڪ وانگر من ۾ پيهي ويندا هئا. پيارو رجب فقير به سائينداد ساند کي روح سان ڳائي رهيو آهي. سائينداد ساند کي استاد حسين فقير پڻ غضب جو ڳائيندو هو.سائين سائينداد استاد حسين فقير کان راڳ ۽ موسيقي سکڻ جي لاءِ نئين هارمونيم ورتي. استاد هاسٽل جي روم تي سيکارڻ جو عمل شروع ڪيو هو، پوءِ اهو سلسلو ڪيترا ڏينهن هليو؟سائين راڳ ۽ موسيقي جي مانڊاڻ کي ڪيترو سکي سگهيو ؟انهي ڳالهه جو مون کي پتو نه آهي پر مون سُر ۽ ساز سان هن جي پُراڻي پريت کي ويراوير وڌ ڀيرا ڏٺو آهي. منهنجي سائين سائينداد ساند سان پهرين ملاقات ڪڏهن ٿي؟ چٽي طرح ياد نه آهي.پر اها ڳالهه ياد آهي ته 1997ع ۾ صادق فقير ۽ ڪجهه ٻين ساٿين پاران مٺي جي سراڻ ڪالوني ۾ جڏهن ‘وسڪاري جي آجيان’جو ڏهاڙو ملهايو ويو هو، تڏهن ان پروگرام ۾ مون هڪ ‘وائي’ پڙهي هئي ان تي سائين وڏو داد ڏيئي اتساهيو هو. ڪاليج ۾ داخلا جي پهرين ڏينهن تي سائين سائينداد ڪلاس ۾ اچي شاهه لطيف بابت اسان کان سوال پڇيا هئا. صحيح جواب ڏيندڙن ۾ آئون به شامل هوس. ڪاليج جي پڙهائي دوران ڪلاس روم کان سائين سائينداد جي هاسٽل جي ڪمري تائين علم، ادب، شاعري، ۽ زندگي جي مختلف قدرن تي روز ڪچهريون ٿينديون رهيون.ڪڏهن ڪڏهن آڌي اسر جو پتو نه پوندو هو. هڪ سرد سياري ۾ ڪچهري ڪري سائين جي ڪمري مان اٿياسين مون وٽ ڪوٽ نه جرسي. سائين سائينداد ساند پنهنجي اجرڪ ڏني، اوڍي گهر آيس. اجرڪ ڀلي هئي. اهڙي اجرڪ ان وقت خريد ڪرڻ منهنجي وس ۾ نه هئي. ٻي ڏينهن شام جو سائين کي اجرڪ واپس ڏيڻ کان اڳ ۾ اجرڪ ڪلهن ۾ وجهي شهر مان ٻه چار چڪر لڳايا هئا. سائين سان جڏهن به ملبو آهي، ساڳيو مان مرتبو، عزت احترام، ساڳي حجت ڀريو انداز رهندو آهي.سائين تمام گهڻي حساس طبيعت جو مالڪ آهي.زماني سازي جي دستور وڌيڪ دل جي چوڻ تي هلندو آهي. پنهنجي شاگردن جو خاص خيال رکندو آهي. سائين سائينداد ساند چوندو آهي ته ماڻهو ‘ڊي ڪلاس’ رهي سگهي ٿو پر ‘ڊي گريڊ’ ٿي ڪڏهن نه، ان ڪري سائيداد ساند ‘انسلٽ’ ڪڏهن برداشت نه ڪندو آهي.هن وٽ فنڪارانه انا آهي. ڪاليج ۾ ان وقت جو پرنسيپال سائين ريجهو ڪرشناڻي هوندو هو. ڇا ڳالهه ڪجي سائي ڪرشناڻي صاحب جي! گريٽ ماڻهو هو. منهنجو تمام گهڻو خيال رکندو هو. اسان ڪجهه شاگرد دوستن سائين ڪرشناڻي صاحب کي ڪارونجهر جو سير ڪرائڻ جو عرض ڪيو. سائين سائينداد اسان جي مڪمل طرفداري ڪئي. اسان سان گڏ هليو. پارڪر جو پورو پٽ گهمياسين. مون سائين جي لائبريري جا اڪثر ڪتاب پڙهيا آهن. سائين جي ويجهڙائپ جي ڪري ڪاليج جي زماني ۾ ڪاليج جي لائبريري جا ڪتاب پڙهڻ جو وڏو موقعو مليو. ٿر ۾ جديد ادب ۽ ترقي پسند فڪر جو وڏو ترجمان رهيو آهي. ‘ٿر سيمنار’ کان پوءِ ترت مٺي ۾ سائين سائينداد ساند سان رهاڻ جو وڏو پروگرام ٿيو. اهو پروگرام سائين جي شاگردن ڊاڪٽر لال لهاڻي، ڊاڪٽر سريش مکي، ڊاڪٽر ڪشور کتري، واشديو جاني ۽ ٻين رکيو هو. اهو فوزيه سومرو جي عروج جو زمانو هو.ان پروگرام جي رڪارڊنگ پپو ڪوٽڪ وٽ سنڀالي رکيل آهي. سائينداد نثر تمام ٿورو لکيو آهي پر خوبصورت لکيو آهي. ڪتاب ‘خيالن جا پکي’ سائينداد ريڊيو اسڪرپٽ، تقريرن ۽ انٽريوز جو مجموعو آهي. سائينداد جو ريڊيو پروگرام مشهور ۽ مقبول رهيو. سائينداد ساند جو لکيل هڪ ڪتاب‘ ٿر جي ادبي تاريخ’ اڻ ڇپيل آهي. سائين سائينداد هڪ روزاني اخبار ۾ ڪالم لکڻ جو سلسلو شروع ڪيو هو پر ڪجهه ڪالمن کان پوءِ ڇڏي ڏنائين. سائينداد ساند جڏهن ڪاليج جو پرنسيپل ٿيو ته مون پنهنجن ساٿين شهاب نهڙيو ۽ ناشاد سمون سان گڏجي آجياڻي جو مٺي پريس ۾ پروگرام ڪرايو. سائين سائينداد پروگرام جي لاءِ راضي نه هو پر پنهنجي شاگرد ۽ دوست جي هجت کي جواب ڏيئي نه سگهيو. سائين جو ڀاءُ امام بخش راڄ نيتي جو رڄ مڙس هو. امام بخش جڏهن مٺي سائينداد ساند سان ملڻ ايندو هو ته سٺي ڪچهري ٿي پوندي هئي. راڄ ڀاڳ جا قصا، ڪهاڻيون، ٿر جي سماجي معاشي صورتحال تي تذڪرو ٿيندو هو. ڳجهارتن ۽ بيتن جي ڏي وٺ به ڪڏهن ڪڏهن سرس ٿي پوندي هئي. مون لکڻ هاءِ اسڪول ۾ پڙهائي دوران لکڻ شروع ڪيو هو. پر شاعري جي بحروزن بابت سکيا سائينداد ساند ورتي.ان کان اڳ ۾ تاج جويي جي ڪتاب ‘سنڌي گيت’ کي پڙهي ڇند وڌيا تي شعر سرجڻ جي جستجو ڪندو هوس.پر آئون ڏڏ جو نه بحر وزن کي ڀرپ ۾ ڀري سگهيس نه ڇند وڌيا کي. منهنجي نامور ڪهاڻيڪار ۽ ناول نويس علي بابا سائين پهرين ملاقات سائينداد ساند جي وليمي دعوت ۾ ٿي هئي. سهڻي شاعرحسن درس، نصير مرزا، ساغر سميجي ۽ بخشڻ مهراڻوي سان به سائينداد ساند ملايو. سائين سائينداد ساند بلبل کورواهي جو تمام وڏو احترام ڪندو آهي. بلبل کورواهي جي شاعري هن کي پنهنجي شاعري جيان ياد آهي. بلبل سان مکا ميلو به سائين سائينداد جي طفيل ٿيو. حيدرآباد جي هڪ اخباري دفتر ۾ ڪم ڪرڻ دوران جڏهن مهان ڏاهي ابراهيم جو انٽرويو ڪرڻ جو موقعو مليو. تڏهن جويي صاحب خوش خيريت کان پوءِ پهرين سائين سائينداد ساند جي شاعري بابت ڳالهه ڪئي هئي. آئون ايم اي سنڌي جي زباني امتحان ۾ مون کان گهڻو سائينداد ساند جي شاعري ۽ شخصيت متلعق پڇيو ويو. سائين سائينداد منهنجو تمام گهڻو خيال رکندو آهي. سائين مون سان ملهايل شام جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو ته، ‘آئون پنهنجي زندگي جي چئن ڪرڻن مان هڪ ڪرڻو ڀارو دوستي جو سمجهندو آهي.’ سچ ته اها سائين جي وڏائي آهي. آئون ته ايترو لهان نٿو. ڏک سک ۾ اسين هڪ ٻي جي هڪ هڪل تي گڏ ٿيا آهيون، مرڻي پرڻي جي ريتن رسمن ۾ ڀائرن جيان شرڪت ڪئي آهي. مون جڏهن هفتوار ٿر نيوز اخبار ڪڍي تڏهن به سائين سائينداد جو مڪمل ساٿ رهيو. مسلسل پنج سال ‘ ٿر نيوز جي سفر ۾ سائين اسان جي رهنمائي ڪئي. ‘ماٿاري ماٿي موريڙو ٻولي، مانرو هينئڙو هچڪولي’ جهڙي شاهڪار لوڪ گيت جو سرجڻهار پروفيسر سائينداد ساند ٿر ۾ گهري نگاهه ۽ اعليٰ حوصلي سان زندگي جا قدر طئه ڪري رهيو آهي. سائين سائينداد ڄامشوري جي دور کان وٺي سنڌي ادبي سنگت جو سرگرم ڪارڪن رهيو آهي. مٺي ۾ ڪيتري وقت تائين مٺي شاخ جي گڏجاڻي سائين جي هاسٽل واري روم تي ٿيندي رهي. سائين شاخ جو مختلف وقتن تي سيڪريٽري پڻ رهيو آهي. سائين سائينداد ساند کي ڏسي مون کي سدائين غالب جو شعر ياد ايندو آهي ته؛ نه جانوُ نيڪ هون يا بد هون، پر صحبت مخالف هي! جو گل هون تو هون صحرا مين، جو خس هون تو هون گلشن مين،. صحرا جي دامن ۾ ٽڙيل گل جهڙو شاعر خوشبوءِ جيان اڪيلو آهي. پنهنجي مٽي تي منفرد آهي.هن لڙڪن جو عرق لفظن ۾ آڻي ڪوتا کي پياري رهيوآهي. 1998ع جي زماني ۾ سائين جي شاعري جو مسودو هاسٽل جي ڪمري مان چوري ٿي ويو. جنهن جو ارمان هن کي اڄ به آهي. آخري حصو؛ مون سائين سائينداد ساند جي شاعري تي اڳ ۾ ڪافي لکيو آهي. خيالن جا پکي ۾ نثر جو جائزو پيش ڪري چڪو آهيان. هن خاڪي ۾ سائين جي شخصيت ۽ شاعري تي لکندي دهراءٌ کان بچڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن خاڪي سان ڪيترو نڀائي سگهيو آهيان اهو پڙهندڙ فيصلو ڪري سگهن ٿا. مون سائين جي شاعري ۽ شخصيت کي جيئن محسوس ڪيو آهي. ائين لکيو آهي. ڪافي ڳالهيون رهن ٿيون. انهن جو تذڪرو ڪنهن ٻي ڀيري ڪبو . ڪنهن دور ۾ سائينداد ساند پنهنجو هي غزل بار بار ٻڌندو هو. رات گذري وڃي ته ڏاڍو سٺو، ياد وسري ته ڏاڍو سٺو. اڄڪلهه نجي ڪچهري ۾ پنهنجي دوست خالق درس کي حسن درس جا ٻول ترنم ۾ ٻڌائڻ جي بار بار فرمائش ڪندو آهي. هڪ ڏيک يادگيري هڪ شام جو تصور، کڙندڙ گلاب آهي هڪ نام جو تصور.