محمد بخش ڏاهري اهو زمانو گذري ويو آهي، جڏهن ڪنهن ڳوٺ، شهر وستي واهڻ مان ڪنهن استاد جي گذرڻ وقت ماڻهو ڪم ڪاريون ڦٽا ڪري رستي تان گذرندڙ استاد کي جهڪي وڃي ملندا هئا. هاڻي اهي جهونا استاد به ڪي چند بچيا آهن، جيڪي پنهنجي گذري ويل سحر انگيز دور کي ساهه ۾ سانڍي زندگيءَ جا آخري پساهه کڻي رهيا آهن. سنڌ ۾ تعليم ڪاروبار ۾ تبديل ٿيڻ کانپوءِ استاد طبقي جو اهو مان مرتبو ته موڪلائي ويو آهي پر اهل استادن جي اڻاٺ به اهو ناسور بڻجي وئي آهي، جنهن بنيادي تعليم جا ترا ڪڍي ڇڏيا آهن. پراڻي وقت ۾ نه خانگي اسڪول هئا نه وري ٽيوشن جو آزار هوندو هو. استاد محنت سان اهڙا شاگرد سرڪاري اسڪولن ۾ ئي تيار ڪندا هئا، جيڪي علم جي روشنيءَ سان پنهنجي مان مرتبي جا مالڪ بڻجي ويندا هئا. پر سماج لاءِ به سندن حيثيت رول ماڊل واري هوندي هئي. پنهنجي دور جو تعليمي ماهر، علم، ادب تاريخ جي گهري ڄاڻ رکندڙ عبدالحڪيم ڏاهريءَ جو جنم هالا جي ڀرسان ڳوٺ ڪؤڙو ڏاهري ۾ ۱۹۱۰ع ڌاري ٿيو. ٻهراڙي جي عام شاگرد جيان هن جو ننڍپڻ پڻ گاهه پٺا ڪندي ۽ مال چاريندي گذريو. پر سندس تعليم سان چاهه، کيس ان منزل تي پهچايو، جيڪو پنهنجي خاندان ۽ برادري لاءِ فخر جو باعث بڻيو. هن سنڌي فائنل جو امتحان نمايان نمبرن ۾ پاس ڪيو. سنڌي فائنل جي امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ تعليم کاتي ۾ کيس پرائمري ماستريءَ جي نوڪري ملي ۽ هو مثالي استاد ثابت ٿيو. اهو انگريزن جو زمانو هو. هن انگريزن جي زماني به ۷ سال نوڪري ڪئي ۽ ورهاڱي جو اکين ڏٺو شاهد هو، جيڪو ان وقت جا منظر بيان ڪندي ڏکارو ٿي ويندو هو. تعليم جي ميدان ۾ هن گرامر تي تحقيقي ڪئي ۽ سنڌي ٻولي جي پڻ بنياد جو تاڃي پيٽو تيار ڪيو. ان سروس جي ٽريننگ دوران سندس تعلق جڏهن برک ڏاهن، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، شيخ محمد اسماعيل، سيد فتح محمد شاهه، محمد اسماعيل عرساڻي، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو سان جڙيو، تڏهن سندس علم ۾ بي پناهه اضافو ٿيو. ڪنهن به علمي موضوع تي بحث، تنقيد، ٻولي جي گهاڙيٽي تي کيس دسترس حاصل ٿي. جيتوڻيڪ ان سروس ٽريننگ جي ڪورس ۾ هن سڄي سنڌ ۾ ٽين پوزيشن حاصل ڪئي پر تعليم کاتي ۾ کيس مٿانهون عهدو ان ڪري ملي نه سگهيو جو سفارشي ڪلچر، کاتي ۾ پير ڄمائڻ شروع ڪري ڇڏيا. پنهنجي پيشي سان عشق ڪندڙ هن استاد پنهنجا مثالي شاگرد پيدا ڪيا. هيءُ ماستري کي صرف نوڪري نه پر مقدس پيشو سمجهندو هو. رائج ڪورس تي کيس ايڏي مهارت حاصل هئي جو هن ڪڏهن به ڪتاب کڻي نه پڙهايو پر ڪتاب ۾ موجود مواد کيس بر زبان ياد هوندو هو. تعليم کاتي ۾ چاليهه سال نوڪري ڪرڻ جي باوجود، هيءُ ڪڏهن به اسڪول کان ته غير حاضر نه رهيو پر ايتري عرصي ۾ موڪل به ڪو ٻه چار ڏينهن ڪيائين. ڪافي عرصو امتحان وٺڻ واري شعبي سان وابسطه رهيو. سندس نالو ٻڌي استادن ۽ شاگردن جا ڪن کڙا ٿي ويندا هئا. ڇاڪاڻ ته تعليم ۾ ڪوتاهي ڪندڙ عملي لاءِ هي پُڙي هوندو هو. ان ڪري استادن کي محنت ڪري ٻار تيار ڪرڻا پوندا هئا. جڏهن ڪنهن جڏي ٻار جا والدين شاگرد کي پاس ڪرڻ لاءِ کيس ميڙ منٿ ڪندا هئا، تڏهن کين چوندو هو؛ ”توهان ٻار جا سڄڻ نه دشمن آهيو. سفارش تي پاس ٿي ٻار ڦاڙها ڪو نه ماريندو پر توهان جو به نقصان ڪندو.“ مذهبي گهراڻي سان تعلق رکڻ جي باوجود، انتهائي روشن خيال استاد هو. سندس خاندان جا سڀ فرد، عورتون توڙي مرد، پڙهي لکي سٺي زندگي گذارڻ جي قابل ٿيا. سندس پوٽا ته سٺي مقام تي پهتا پر سندس پوٽين به سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ گريجوئيشن ڪئي. جنهن ڳوٺ ۾ ڪنهن ٻار کي داخل ڪرائڻ جو رواج ڪو نه هو، اتي ته فقط تعليم کي عام ڪيو پر سؤ سيڪڙو تعليمي ماحول به پيدا ڪيو. سندس تعليم سان چاهه سبب سندس ڳوٺ جا ته سؤ سيڪڙو مرد، عورتون، ڇوڪرا، ڇوڪريون تعليم يافته بڻيا پر آس پاس جي علائقي ۾ به هن ايڏي جاڳرتا پيدا ڪئي جو تقريبن ان علائقي ۾ سڀ فرد سندس محنت سان پڙهي سٺي زندگي گذارڻ جي قابل بڻيا. تعليم ۾ مهارت سبب سندس دوستن جو حلقو به ڏاڍو وسيع هو. اهو اڪثر ڪري ميرپورخاص خاصخيلين ۾، تاج پور جي نوابن وٽ، نصرپور جي ابڙن، شڪارپور جي ڀين، دولتپور جي ڏاهري قبيلي جي سردارن، سرهاري، شاهپور چاڪر ۽ ٻين شهرن ۾ ايندو ويندو رهندو هو. عبدالحڪيم ڏاهري ۱۹۹۰ع ۾ تعليم کاتي کان رٽائرمينٽ ورتي، پر سندس علمي ادبي سرگرميون جاري رهيون. رٽائرمينٽ کانپوءِ کيس هالا ۾ ”روشن تارا“ اسڪول هلائڻ جي آڇ ٿي پر هن رد ڪري ڇڏي. سبب اهو ته هو تعليمي ماهر سان گڏ سخت ايڊمنسٽريٽر به هو، جيڪو ڪنهن به غفلت کي برداشت نه ڪندو هو. هن سنڌ جي هڪ وڏي مذهبي عالم مولانا جان محمد ڀٽو سان به سٺو وقت گذاريو. جيڪو ان وقت منصوره جي ديني مدرسي جو سرواڻ هو. جماعت اسلامي جي ان ديني مدرسي ۾ عبدالحڪيم ڪيترا سال اسڪول وقت کان پوءِ بنا معاوضي انتظامي فرض ادا ڪندو رهيو. ٽيوشن جي سخت خلاف هو. سندس چوڻ هو ته؛ ”جيڪو استاد ٽيوشن ۾ شاگرد کان پئسا اوڳاڙي ٿو، اهو استاد پنهنجي پيشي سان سچو ناهي. علم درياءَ آهي ۽ اسين ڪک پن آهيون.“ سندس گفتگو، ڪردار جي بيباڪي ۽ سچائي سڀني جي دل ۾ گهر ڪري وئي. راڄ ڀاڳ جي فيصلن ۾ سندس صلاح تي عمل ڪيو ويندو هو. عبدالحڪيم ڏاهريءَ جي ڪتابن سان ايڏي دلچسپي هئي جو سندس گهر ۾ ناياب ڪتابن جو ذخيرو موجود آهي. زندگي جي پڇاڙڪن ڏهاڙن ۾ کيس آتم ڪٿا لکڻ جو شوق جاڳيو پر صحت سندس ساٿ نه ڏنو. هر هنڌ علم جي شمع روشن ڪندڙ عبدالحڪيم ڏاهري جو اهو عظيم ڪردار هو، جو هن پنهنجي هڙان وڙان غريب شاگردن کي تعليم ڏياري. منهنجي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ سندس مالي سپورٽ شامل آهي. سندس هزارين شاگردن مان ڪئين شاگرد اهم عهدن تي فائز آهن. رٽائر ٿيڻ کانپوءِ هو ڪتابن جو مطالعو ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويو. کيس ڪيترن ئي علمن تي دسترس حاصل هئي. کانئس رهنمائي حاصل ڪندڙ ماڻهن جو وڏو حلقو، سندس سنگ ۾ موجود هوندو هو. پڇاڙڪا ڏهاڙا ته هن گهر ۾ گذاريا. پر عمر جي وڏي گذري ويل حصي ۾ ڪيتريون ئي بيماريون وڪوڙي ويون، جنهن جو علاج حيدرآباد جي مک ڊاڪٽر بيکارام وٽ جاري هو. پر گهڻي مطالعي ڪرڻ سبب، سندس دماغ جا ٽشوز ختم ٿي ويا. پڇاڙيءَ تائين سندس نظر ته سلامت رهي پر کيس ڪا معذوري به درپيش نه هئي. آخري ڏينهن تائين هو پاڻ اٿندو ويهندو رهيو. کيس ۲۹ مئي تي تڪليف ٿي ۽ هالا جي خانگي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. مگر هڪ صدي تائين جيئندڙ هن عظيم انسان عبدالحڪيم ڏاهري جي ساهه جو سڳو ۳۰ مئي ۲۰۱۲ع تي ٽٽي پيو. هزارين ماڻهن کي لڙڪ ڏئي ويندڙ عبدالحڪيم جي جنازي سان ايترا ته ماڻهو گڏ ٿي ڪلهي ڪانڌي ٿيا جو سڀني جون اکيون حيرت ۾ ڦاٽي ويون. علم جي روشني ڏيندڙ ڏيئو وسامي ويو پر سندس علم جي ٻاريل شمع اڃا به روشن آهي. زندگي جي درياءَ ۾ هو پنهنجو سفر پورو ڪري ويو پر سندس يادگيرين جون روشنيون اسان جي اندر ۾ رهجي ويون آهن.