عظيم سنڌي تهذيب کي سلام

'مختلف موضوع' فورم ۾ همانگير سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏10 جولائي 2010۔

  1. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    قلمڪار؛نندن ڪمار

    ڪالهه جڏهن سڌارٿ (منهنجو پٽ) جي ڊاڪٽر وٽ Appointment هئي ۽ مان ٽائيم کان پنج منٽ پهرين جڏهن اسپتال پهتس، تڏهن سوچيم پئي ته هيلٿ جي سسٽم کي هنن اهڙو ته پيچيده ڪيو آهي، جو اگر ڪنهن کي مٿي ۾ به سور ٿو ٿئي ته اهو ماڻهو پوءِ ڦاٿو... ڪيترن ئي اسپيشل ڊاڪٽرن جي مختلف تحقيقاتي مرحلن مان کيس گذرڻو ٿو پوي. صحت جي باري ۾ ايترا ته محتاط آهن، جو پوري جرمن قوم هيلٿ انشورڊ آهي ۽ هر ماڻهو جي سراسري عمر 90 کان 95 سال آهي. خير پنجن منٽن کانپوءِ جڏهن مان ڊاڪٽر جي سامهون ويٺو هئس، تڏهن هن پهريون سوال اهو ئي ڪيو، جيڪو هر جرمن ڪندو آهي ته؛ ”ڪٿان کان آيا آهيو“؟ جرمني هڪ Immigrant ملڪ آهي، هتي دنيا جون اڻڳڻت قومون آباد آهن. يورپ جو سڀ کان وڏو انڊسٽريل زون هئڻ ڪري ڪيترائي ماڻهو روزگار جي سانگي جرمني اچي آباد ٿيا آهن. جرمن ٻولي ۾ Foreigner کي Auslander چئبو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ٻاهران کان آيل يا ڌاريو. هي هر ان ماڻهو کي به Auslander چون، جنهن وٽ ڇو نه جرمن پاسپورٽ ئي هجي. ٻي مهاڀاري جنگ کانپوءِ جڏهن اتحادين (آمريڪا، روس، انگلينڊ ۽ فرانس) جرمني جي نئين سر تعمير شروع ڪئي، تڏهن انهيءَ ڦٽل ٿٽل قوم کي انساني وسيلن جي ضرورت پئي ۽ اهڙي ڏکئي وقت ۾ ترڪي پنهنجو بهترين ڪردار نڀائيندي، افرادي قوت جو هڪ وڏو انگ جرمني اماڻيو. اڄ ترڪن جي ٽئين پيڙهي انهيءَ جرمني ۾ پيدا ٿي ۽ جوان ٿي آهي. ترڪي مان آيل اهڙن مزدورن کي Gast arbeiter چوندا هئا، جنهن جي معنيٰ آهي مهمان مزدور ۽ اهڙا مهمان مزدور جڏهن جرمني جي ايئرپورٽن تي لهندا هئا، تڏهن کين گلن جا هار پارائي موسيقي وڄائي سندن آڌر ڀاءُ ڪيو ويندو هو، اهو ئي سبب هو جو 1950ع جي ڏهاڪي ۾ ڪجهه ايشيا جي ملڪن کي، جن ۾ پاڪستان به شامل آهي جرمني اچڻ لاءِ ويزا جي ضرورت ڪونه هوندي هئي، جنهن جو سبب صرف مزدورن جي کپت هئي ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ پنجاب جي ضلعي گجرات مان ڪافي سارا ماڻهو جرمني آيا. گجرات واحد ضلعو آهي، جنهن جا ماڻهو سڄي يورپ ۾ سڀ کان وڌيڪ آهن. 9 ڪروڙ آبادي واري هن ملڪ ۾ 92 سيڪڙو جرمن ۽ 8 سيڪڙو ٻيا غير جرمن آهن. 8 سيڪڙو مان 6 سيڪڙو ترڪ مسلمان ۽ باقي 2 سيڪڙو سڄي دنيا جون مختلف قومون وسن ٿيون. جرمن ٻين قومن کي اڄ ڏينهن سوڌو ڌاريو سمجهن ٿا. هر پرڏيهي کي هتان جي ٻولي سکڻي پوي ٿي

    ها ته مون ڳالهه پئي ڪئي ڊاڪٽر جي، سو ڊاڪٽر جڏهن پنهنجي پروفيشنل مرڪ ۽ پوءِ روايتي بي رخي (جرمن طريقي سان) مون کان نالو وغيره پڇڻ کانپوءِ ملڪ جو نالو پڇيائين، تڏهن منهنجي زبان مان بي اختيار ”سنڌ“ نڪري ويو، دل ۾ سوچيم هن کي ڪهڙي خبر سنڌ ڪٿي آهي، جلدي ۾ غلطي سڌارڻ خاطر پاڪستان چوڻ لاءِ جيئن ئي Entschuldigung (معنيٰ sorry) چيم، ڊاڪٽر ورائي پاڻ ئي چيو، ”ڇا توهان سنڌ مان آيا آهيو؟“ چيم، ”ها بلڪل“ سنڌ جو نالو ڪنهن جرمن جي واتان ٻڌي اندر ۾ ڏاڍي خوشي ٿي رهي هئي. چيائين، ”توهان موهن جي دڙي واري سنڌ جا آهيو؟“ دل ۾ لڳو هي ڪو جرمن ڊاڪٽر نه پر وڏو اينٿراپالاجسٽ آهي، چيم ”ها، ڇا توهان سنڌ ويا آهيو؟“ چيائين ”نه“، ”پوءِ ڀلا سنڌ بابت ڪيئن ٿا ڄاڻو؟“ چيائين، ”جرمني جي جڳ مشهور رسالي GEO جي اپريل 2010ع واري شماري ۾ جرمني جي مشهور سوشل سائنٽسٽ ۽ آرڪيالاجسٽ Michael Jansen هڪ ڪالم بعنوان؛

    Mohen Jo Daro

    Eine stadt der ratsel am Ufer des Indus

    انگريزي ترجمو:

    Mohen Jo Daro a city of mystery on the banks of the Indus

    لکيو آهي، جنهن کي پڙهيو اٿم، جنهن اهو ثابت ڪيو آهي ته دنيا جي قديم ترين مهذب قوم موهن جي دڙي ۾ آباد هئي، جيڪو سنڌو دريا جي ڪناري تي اڄ کان 4500 سال اڳ آباد هو. اهي سنڌي ماڻهو، سندن آزاد خيال ۽ آرٽ سان بي پناهه محبت جو مثال، اها Dancing girl (ناچڻي) جي مورتي، جنهن جي تصوير ان رسالي ۾ ڇپيل آهي، هن اهو به لکيو آهي ته دنيا جي ڦيٿن تي هلندڙ پهرين ڍڳي گاڏي جو تصور به پهرين انهيءَ قوم ڏنو“. اهو ڊاڪٽر منهنجي ننڍڙي کي چيڪ ڪرڻ وساري ڪيتري دير تائين موهن جي دڙي تي ڳالهائيندو رهيو ۽ پوءِ پنهنجي دراز مان اهو رسالو ڪڍي مون کي ڏيکاريندي چيائين، ”دنيا جي پهرين عظيم مهذب قوم جي ڪنهن فرد سان ملندي مون کي اڄ تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي“. مون اهو رسالو ڊاڪٽر کان گهريو، خوشي خوشي ڏئي ڇڏيائين. جرمن ٻولي ۾ لکيل اهو رسالو پڙهڻ ڏاڍو مشڪل هو، پر موهن جي دڙي جون ورتل تصويرون تمام گهڻيون خوبصورت هيون، پر ڪجهه خاص ڳالهيون، جيڪي آئون پڙهي سگهيو هوس، ان ۾ ڪجهه عالمي تهذيبن جي نرواڻ جون تاريخون هيون. مثال طور (پراڻو عراق)

    1.Mesopotamia: جي شهر Uruk ۾ دنيا جو قديم شهر آباد هو. چون ٿا لکائي جو هنر هتان شروع ٿيو، جيڪو تقريبن 3200 سال پراڻو آهي (هي يوناني تهذيب آهي، جنهن جون سرحدون ترڪي ۽ شام تائين هيون).2.Egypt مصر: جي تهذيب 2550 سال پراڻي آهي. Pharao chephren نالي شهزادي پنهنجي پيءُ King Cheops جي قبر تي غزه ۾ Monumental Pyramid (جنهن احرام مصر به چئون) ٺاهرايا.3.برطانيا Englend: ۾ پٿرن جي دور جون ٺهيل شاهڪار ڪل 2500 سال پراڻا آهن.4.ترڪ تهذيب Anatolia: جي تهذيب 2250 سال پراڻي آهي، جتي Troy نالي قديم شهر آباد هو، ڪاري سمنڊ جي پاسي ۾ باهه ۾ تباهه ٿيو.5.Middle Europe: جي تاريخ 2200 سال پراڻي آهي، جنهن ۾ پتل سان ٺهيل کوڙ سارا نوادرات مليا آهن ۽ اهو دور يورپ جو پٿر جي دور جي پڄاڻي هو.6.Kreta يوناني ٻيٽ، جيڪو 2000 سال پراڻي تهذيب رکي ٿو.7. عراقي شهر بابل ۾ نينوه: 1760 سال پراڻي تهذيب رکن ٿا.

    اهڙي طرح قديم تهذيبن ۾ سڀ کان پراڻي تهذيب موهن جي دڙي واري تهذيب آهي، جيڪا 4500 سال پراڻي آهي ۽ دنيا ۾ سڀ کان پهرين ۽ بهترين آرڪيٽيڪٽ جو بنياد وجهندڙ اها تهذيب سنڌو جي ڪناري تي موجود هئي، انهيءَ جرمن سائنسدان پنهنجي پر ۾ سنڌي ٽوپي سان هڪ سنڌي ماڻهو جي تصوير به ڏني هئائين. سڌارٿ جي نارمل چيڪ اپ کانپوءِ پنهنجو پرسنل ڪارڊ ڏيندي سيٽ کان اٿي بيهي هٿ ملايائين ۽ چيائين، ”سنڌ جي عظيم تهذيب کي سلام ڪريان ٿو“. کيس Vielen Dank چيم، جنهن جي معنيٰ آهي ”تمام گهڻي مهرباني“.

    دروازي مان ٻاهر نڪرڻ تائين هو اسان کي ڏسندو رهيو ۽ هڪ دفعو وري زور سان چيائين Aufwiedev Sehen ”وري به ملنداسون
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: عظيم سنڌي تهذيب کي سلام

    بيشڪ سائين سولنگي صاحب، سنڌ جي عظمت ۽ قدامت جي ته دنيا قائل آهي ۽ موئن جي دڙي جهڙي عظيم ثقافت ۽ رهائشي طرز ته دنيا وارن کي حيران ڪيو ڇڏي، ۽ وري جڏهن ماڻهون پرديس ۾ هجي ۽ ات ڪنهن ڌارئي کان سنڌ جي تعريف ۾ ڪلما ٻڌندي ئي جيڪا خوشي ملي ٿي سا ته بيان ڪرڻ جهڙي ناهي ۔۔۔

    ڏسو نه اسين سنڌ واسين ڪيترا نندن ڪمار جهڙا سنڌي پاڪستان جي نالي ۾ وڃائي ويٺا آهيون ۔۔۔ بيشڪ اسانجا هندو سنڌي غير مذهب هئا پر هئا ته سنڌي، کين سنڌي ٽوپيءَ ۽ اجرڪ سان پيار ڪندا هئا، سنڌي ٻوليءَ لئه ته ٺار ٺار پيا ٿيندا هئا، پر اڄ پاڪستان جي نالي ۾ جيڪي ماڻهون آيا آهن سي ته اسانجي ثقافت، ٻولي ۽ قوم جا خوني دشمن ٿي پيا آهن ۔۔۔ ڇو جو اسين سندن آڌرڀاءُ ڪيو ۽ جيءَ ۾ جايون ڏنيون ۔۔۔

    بس ڙي يار اهي سور نه پڇ ۔۔۔۔ الله اوهانکي خوش رکي ۔۔۔ آمين
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: عظيم سنڌي تهذيب کي سلام

    ادا ابڙا صاحب توهان سچ لکيو آهي ته اهي ئي ماڻهون اسان جا دشمن ٿئي بيٺا آهن جن کي اسان جيء ۾ جايون ڏنيوسين ۽ پنهنجا گهر ڏناسين، ( افسوس جو جن وٽ اتي هندستان ۾ ڪجهه به نه هو ۽ پاڻ اتي حجامڪو ڪم ڪندا هئا ، اهي به اچي هت اهيو چوڻ لڳا ته اسان وٽ جاگيرون هيون ۽ اسان اهي سڀ ڪجهه اسلام جي ڪري ڇڏي آيا آهيون،) ڀاء ابڙا صاحب علامه دائودپوٽه صاحب هنن پناهگيرن کي منهن تي سچ چوندو هو ته توهان اسلام جي آڙ ۾ پنهنجو پڇ لڪائي وٺي ڀڳا آهيو، ادا بس اهيا مهمانوازي ڳچيء ۾ پئجي وئي، جنهن جي قيمت شايد اسان جو ايندڙ نسل به ڏيندو رهي،
    سيئي سيلهه ٿيام، پڙهيام جي پاڻ لاء ​

    واڳون ٿئي وريام ، اکر اڳيان سيئي​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو