مجبور مولودائي توهان عاشق مجبور ته ڏٺا هوندا مگر هي مجبور مولودائي پڻ ڏسو http://www.youtube.com/watch?v=tqsYImaCp9w&feature=related
جواب: مجبور مولودائي ادا خبر اٿَو۔۔۔ انهيءَ مجبور مولودائي عرف خوني ماڻهو کي انهيءَ وڊيو جي ڪري مختلف شهرن ۾ مولوين جي هٿان سٽ ڪُٽ ٿي چڪي آهي۔۔۔
جواب: مجبور مولودائي ادا مست صاحب اهيو خوني ماڻهون اصل ۾ منهنجي شهر دادو جو رهواسي آهي ( سندس اصلي نالو خادم کوکر آهي ۽ پاڻ دادو شهباز ڪالوني ۾ رهندڙ آهي، ) ۽ هڪ انتهائي غريب ماڻهون هو، ۽ ان کي ٽي وي ۾ چانس ڏيارڻ وارو به منهنجو دوست نور علي زنئور ( جيڪو مون سان هت ڪراچي ۾ تقريبن اٺ سال گڏ پاٽنر رهيو آهي، ) آهي ۔ اهيو خوني ماڻهون ( ڪتر ڪتر ڪرڻ ) وارو ڪردار به هن کي نور صاحب ڏنو هو ۽ هاڻ ته سندس سڃاڻپ به اهيا ( خوني ماڻهون ) واري بڻجي وئي آهي، توهان کي اهيو به ٻڌائيندو هلان ته بقول نور زنئور صاحب ته ڪي ٽي اين جي مالڪ جناب علي قاضي صاحب خود هن جي فن جو قدر ڪندي هن جي گهر ٺهرائڻ ۾ هن جي ذاتي طور مدد ڪئي هئي، پر پوء هن ئي علي صاحب کي به پٺي ڏيکاري باقي رهي ڳالهه هن جي مٿان مولوين جي سٽ ڪٽ ( پادريشن ) جي ته اها مون کي خبر نه آهي پر اهيا ڳالهه به معلوم ٿي ويندي۔۽ حقيقت سامهون اچي ويندي۔
جواب: مجبور مولودائي ها ادا ۔۔ دادو سان تعلق رکندڙ انهيءَ دوست ڪي ٽي اين تي اچڻ کان پوءِ شهرت حاصل ڪئي نه ته پهرين سندس وڊيو سي ڊيز صرف مقامي سطح تي ئي هلنديون هيون۔۔
جواب: مجبور مولودائي مهرباني ادا خوني ماڻهو جو تعارف به ٿئي ويو پر اسان جا ٻار به پاڻ کي خوني ماڻهون سمجهن ٿا
جواب: مجبور مولودائي ادا صحيح پيا چئو۔۔ منهنجي ڳوٺ جا به سڀ ٻار ٻچا۔۔ پاڻ کي خوني ماڻهو سمجهندا آهن۔۔ توڙي جو ننڍڙي هجڻجي ڪري خوني کي ٿُوني چوندا آهن پر ننڍڙي لٺ، جنهن سان ٻڪرين کي هڪلبو آهي اها هٿ ۾ کڻي ۔۔ چوندا آهن اسان وڏا ٿوني ماڻهو۔۔۔۔