سولر/شمسي توانائي جو بهتر استعمال ڪيئن ڪجي؟

'اليڪٽرانڪس' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏8 سيپٽمبر 2019۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    اڄڪلھ شمسي توانائي مان بجلي جي پيداوار عام آهي. هر گهر تي سولر پليٽ لڳي ڏسجي ٿي. ان بابت سوٽ محمد علي لغاري ڪافي مفيد مشورا ڏنا جيڪي بقول هن جي نيٽ تان مليل معلومات آڌار آهن. کائنس لکت ۾ اهي سڀ وٺي هتي ڏجن ٿا.
    سولر سسٽم متعلق معلومات.
    سولر پليٽ 12 وولٽ سسٽم تحت ڊيزائين ٿيل ھوندي آھي. (سيريز ۾ پليٽون جوڙي ان کي ضرورت مطابق 24 يا 48 وولٽ پڻ ڪري سگھجي ٿو).
    ليڪن عام طور تي فل سج جي روشني مھل پليٽ مان پئدا ٿيندڙ ڪرنٽ 18 وولٽ تائين ٿي سگھي ٿو. جيڪو بيٽري لاء نقصان جو باعث ٿي سگھي ٿو. ان لاء ڪنٽرولر استعمال ڪيو ويندو آھي.
    ڪنٽرولر جا 3 فنڪشن ھوندا آھن.
    1.پليٽ مان ايندڙ ڪرنٽ کي ڪنٽرول ۾ رکڻ، ۽ بيٽري کي اوور چارج ٿيڻ کان بچائڻ.
    2.پليٽ کان سپلاء بند ٿيڻ (جيئن رات)، يا گھٽ ٿيڻ (جيئن جھڙالي موسم ۾) بيٽري مان ڪرنٽ کڻڻ.
    3.بيٽري کي مڪمل ڊسچارج ٿيڻ کان بچائڻ.

    انھن ٽنھي فنڪشنز لاء وولٽيج سيٽنگ جا آپشن ڪنٽرولر ۾ موجود ھوندا آھن.

    اھي وولٽيج عام حالت ۾ ھن ريت آھن.
    چارجنگ وولٽيج: 13.8 کان 14.2 وولٽ.
    (13.8 کي فلوٽ وولٽيج چئبو آھي. اھو ان صورت ۾ رکبو آھي جڏھن اوھان جو سسٽم اھڙي ريت استعمال ٿئي ٿو جنھن ۾ بيٽري تي معمولي لوڊ پوي ٿو، مثال طور سسٽم صرف ڏينھن جي وقت استعمال ھيٺ آھي. اھڙي حالت ۾ بيٽري کي صرف مينٽين رکبو آھي ۽ ان لاء 13.8 وولٽ ڪافي آھن)

    لوڊ ڪٽ آف وولٽيج: 10.7 کان 11.4 وولٽ.

    چارجنگ ريڪنيڪٽ وولٽ: 12.7 وولٽ.

    جھڙالي موسم ۾ سج جي روشني گھٽ ھو ندي آھي. ان ڪري چارجنگ وولٽيج وڌائي 14.5 يا 14.6 تائين پڻ ڪري سگھجن ٿا.
    ياد رکو تہ بيٽري جا وولٽ اگر 12.7 يا ان کان مٿي ظاھر ٿين ٿا (بنا لوڊ ۽ بنا سپلائي جي وقت، مڪمل ريسٽ ۾)، تہ معني بيٽري مڪمل چارج آھي.

    يعني اگر ڏينھن جي وقت لوڊ آن آھي، ۽ بيٽري وولٽ 12.7 يا 12.8 آھن، تہ مطلب بيٽري تي لوڊ ناھي، ۽ اوھان جي پليٽ مان لوڊ پورو ٿي رھيو آھي.
    اگر ان وقت بيٽري وولٽ 12.9 يا مٿي آھن تہ معني لوڊ پورو ھجڻ سان گڏ بيٽري کي پڻ ڪرنٽ ملي رھيو آھي.

    ڪنٽرولر سيٽنگ:
    Buttons
    Left: button 1
    Centre: 2
    Left: 3
    جڏھن بٽڻ 1 کي ھڪ دفعو دٻائيندا تہ جيڪو آپشن ايندو اھو چارجنگ وولٽيج جو آھي. وري ساڳي بٽڻ کي press and hold for 5 seconds ڪندا. ھاڻ اھو انگ ٽمڪڻ شروع ڪندو. ان کان پوء بٽڻ 2 ۽ 3 ذريعي وڌ يا گھٽ ڪري سگھجي ٿو. وولٽ سيٽ ڪري پوء وري بٽڻ 1 کي press and hold for 5 seconds ڪندا، ھاڻ انگ ٽمڪڻ بند ٿي ويندا. معني. چارجنگ وولٽ سيٽ.

    اھڙي طرح بٽڻ 1 کي دٻائڻ سان نيڪسٽ آپشن ايندو. جيڪو ساڳي طريقي سان سيٽ ٿيندو.
    آپشنز جي ترتيب ھي آھي.

    1.چارجنگ وولٽ

    2.لوڊ ريڪنيڪٽ وولٽ.
    (آپشن 2، لوڊ ريڪنيڪٽ جو آھي. ان جي نوبت ورلي ايندي آھي.
    يعني بيٽري ڊائون ٿي. ۽ لوڊ ڊسڪنيڪٽ ٿي ويو. ھاڻي وري بيٽري ڪيتري چارج ٿئي جو ريڪنيڪٽ ٿئي؟ عام طور 12.6 وولٽ رکبو آھي.)

    3.وولٽ ڊسڪنيڪٽ.

    4. 12 ڪلاڪ \24 ڪلاڪ(يعني اوھان کي لوڊ رڳو ڏينھن جو کپي يا ڏينھن رات. 12 ڪلاڪ سيٽ ڪندا تہ سج لھڻ کان پوء آٽوميٽڪ ڪنيڪٽ ڪندو. ۽ اڀرئي کان پوء بند )
    5. b 1/2
    يعني بيٽريون ھڪ کان وڌيڪ ھجن تہ.


    بيٽري ايڪيولائزيشن equalization.

    لوڊ ھيٺ رھندڙ ليڊ ايسڊ بيٽري ۾ اليڪٽرولائيٽس جا ڪرسٽل ٺھي ھيٺ تري ۾ جمع ٿيندا رھندا آھن. جنھن سان بيٽري ج ڪارڪردگي تي منفي اثر پوي ٿو.
    ان لاء ھڪ وقت کان پوء بيٽري کي equalize ڪرڻ ضروري ھوندو آھي.
    ايڪيوئلائزيشن جو مطلب بيٽري کي وڌايل وولٽ تي چارج ڪرڻ ھوندو آھي، جيئن اھا ٻڙڪي ۽ سيٽل ٿيل اليڪٽرولائيٽ مڪمل مڪس ٿي وڃن.

    اھو وقت بيٽري مينوفيڪچرر جي مينوئل مطابق مختلف ٿي سگھي ٿو. عام طور تي سال ۾ ھڪ يا ٻہ دفعا ايڪيوئلائزيشن ڪجي.
    طريقو: 1.بيٽري تي لوڊ مڪمل آف ڪجي ۽ ڪجھ وقت ڇڏي ڏجي. ايڪيوئلائزيشن وقت اھا گرم نہ ھجي.
    2.ھاڻي بيٽري کي 14.5 کان 15.5،عام طور 15 وولٽ تي چارج ڪجي.
    ايڪيوئلائزيشن جو ٽائم اھو ئي آھي جيترو ٽائم اوھان جي بيٽري عام طور چارج ٿيڻ ۾ وٺي ٿي. يعني عام طور3 کان 9 ڪلاڪ.
    ايڪيوئلائزيشن سان بيٽري گرم ٿئي ٿي ۽ گئس خارج ٿئي ٿي. ان ڪري ڪمرو ھوادار ھجي.
    ايڪيوئلائزيشن کان پوء بيتري کي يڪدم لوڊ نہ ڏجي بلڪہ ٿڌو ٿيڻ ڏجي.
    اگر پاڻي جي سطح گھٽ ٿي وئي ھجي تہ اھا پوري ڪجي.
     
    عبدالقيوم. هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو