ڀارتي خلائي اداري "انڊين اسپيس ريسرچ آرگنائزيشن" طرفان چنڊ تي موڪليل مشن "چندريان ٽو" چنڊ جي بلڪل ويجھو ڪجھ منٽن جي مفاصلي تي ھو جو مشن جو زمين سان رابطو ٽٽي پيو. ڀارتي خلائي مشن چندريان ٽو، چنڊ جي ڏاکڻي قطب کان 2.1 ڪلوميٽر جي دوري تي ھو. جو لينڊر "وڪرم ماڊيول" سان رابطو ٽُٽِي پيو. ايئن ئي ڀارت سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ڪرڻ کان رھجي ويو. ان کان پھريان 2008 ع ۾ ڀارت جو پھريون خلائي مشن "چندريان ون" به چنڊ جي سطح تي لھڻ ۾ ناڪام ٿيو ھو پر ان ريڊار جي مدد سان چنڊ تي پاڻي جي موجودگي بابت تفصيلي ڄاڻ ڏني. ڀارت جي چندريان ٽو مشن کي چنڊ جي ڏاکڻي قطب تي لھڻو ھو ان کان پھريان دنيا جو ڪوئي به ملڪ ،چنڊ جي ان حصي تي ڪونه ٿي ويو. ھن مشن جو مقصد چنڊ جي سطح تي پاڻي ۽ معدنيات جي موجودگي ۽ چنڊ تي ايندڙ زلزلن جي باري ۾ پتو لڳائڻ ھو. مشن ۾ ناڪامي جو سبب مشن چندريان ٽو جي خلائي گاڏي جيڪا ٽن حصن تي مشتمل ھئي جنھن ۾ مَدار ۾ ڦِرَڻ وارو حصو "آربيٽر", چنڊ جي سطح تي لھڻ وارو حصو "لينڊر" ۽ چنڊ جي سطح تي گُھمڻ وارو حصو "روور" شامل ھئا, تنهن گاڏي جو، چنڊ جي سطح تي لھڻ واري حصي، لينڊر جنهن کي انڊين اسپيس ريسرچ آرگنائزيشن جي عظيم باني ڊاڪٽر وڪرم ساراڀائي جي نالي جي نسبت سان "وڪرم" رکيو ويو, تنھن سان انڊين ريسرچ آرگنائزيشن (اسرو) جي مرڪز ۾ ويٺل مشن کي آپريٽ ۽ مشن سان ڪميونيڪيٽ ڪندڙ سائنسدانن جو رابطو ٽٽي پيو. مشن چندريان ٽو ۽ اسرو ۾ ويٺل خلائي گاڏي کي سيٽلائيٽ ذريعي آپريٽ ڪندڙ سائنسدانن جا منظر ڀارتي چينلن تي براھ راست ڏيکاريا پئي ويا. دنيا جا اھل علم ۽ اھل شعور ماڻهو مشن جي ڪاميابي جي نتيجي ۾ ملندڙ نئين تحقيق جي آس ساڻ اھي منظر براھ راست ڏسي رھيا ھئا. جڏھن خلائي گاڏي جو رابطو انڊين اسپيس ريسرچ آرگنائزيشن جي مرڪز کان ٽٽي پيو ته انڊين اسپيس ريسرچ آرگنائزيشن جي مرڪز ۾ ويٺل سڀني سائنسدانن، اسرو جي مرڪز ۾ آئل ڀارتي وزيراعظم ۽ ميڊيا تي براھ راست مشن جا منظر ڏسندڙ ڀارتي عوام سان گڏوگڏ دنيا جي ھر تحقيق پسند ماڻھو جي چھرن تي اُداسي ڇائنجي وئي. پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته پاڪستان جي زنگ لڳل ذھنن چندريان ٽو جي ناڪامي تي ڀارت سان ملڪي رنجشن جي بنياد تي خوشي جو اظھار ڪيو ۽ پاڪستاني ميڊيا توڙي سياستدانن ۽ اخلاقي قدرن کان اڻ واقف پاڪستان جي بي سمجھ عوام سوشل ميڊيا تي، غير سنجيدگي جو مظاھرو ڪندي ان ناڪامي کي ڀارت جي ناڪامي قرار ڏئي طنز پئي ڪيو. حالانڪـه ھي ناڪامي، فقط ڀارت جي ناڪامي نه ھئي بلڪـ سائنس جي فيلڊ ۾ ايندڙ نئين تحقيق جي سلسلي ۾ ٿيندڙ ڪوشش جي ناڪامي ھئي. ڇاڪاڻ جو ان مشن ذريعي ملندڙ معلومات مان فقط ڀارت جو فائدو نه پر تمام عالم جو ڀلو ٿئي ھا, ھر ملڪ لاء نئين تحقيق سامهون اچي ھا، ھر فرد کي ڪائنات جي نون رازن جو پتو پوي ها. پر افسوس جو ڀارت سان ملڪي، سياسي ۽ سماجي اختلافن جي بنياد تي اسان پاڪستانين جون دليون ڀارت لاء ايترو بغض سان ڀرجي ويون آھن جو اسين حقيقتن ۽ فوائد توڙي مفادات بني آدم وارن قدمن کي سمجهڻ کان به ڪاسر آھيون. ڪاش ڪوئي ھن ديس جي زنگ لڳل ذھنن مان زنگ صاف ڪري ته ھنن کي پتو پوي ته بلب، بجلي، ڪمپيوٽر، موبائل فونز, ايئر ڪنڊيشنر، گاڏيون ۽ مشينري سميت تمام سائنسي ايجادون فقط ھڪ فرد، ھڪ گروھ، ھڪ قوم ۽ ھڪ ملڪ لاء ايجاد ڪونه ڪيا ويا ھئا بلڪـه سڄي عالم جي انسانن جي آساني ۽ ڀلائي خاطر، اھي ايجادون ڪيون ويون ھيون ۽ انهن سائنسي ايجادن جي پويان ھزارين ماڻهن، سڀني قومن، سڀني ملڪن جي ماڻھن جي سوين سالن کان ھلندڙ گڏيل تحقيق ۽ گڏيل جدوجهد ۽ اڻٿڪ محنت ھئي جنهن سان ھر ملڪ کي، ھر قوم کي، ھر فرد کي فائدو ٿيو . بلڪل ايئن ئي چندريان ٽو مشن جي ڪاميابي سان دنيا آڏو نيون ڳالهيون اچن ھا، نوان راز کلن ھا، نئين تحقيق سامهون اچي ھا جيڪو سڀني لاء ڪارآمد ھجي ھا پر افسوس جو ان ۾ ناڪامي ملي. پر ضروري ناھي جو ھر ويل ان ڪوشش ۾ ناڪامي ملي، نيٺ ته ڪاميابي ملڻي آ پوءِ ڀلي ذريعو ڪير به ھجي. پر اسان جي قوم قوم کي، اسان جي سماج کي اها ڳالهه سمجهڻ کپي ته ڀارت ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ پاڻ کي دنيا آڏو مڃائي چڪو آهي، موبائيل کان ويندي خلائي گاڏين تائين هر شيء ٺاهين پيا، پر اسان ته اڃان تائين ڪو ڪمپيوٽر يا سيل فون به ٺاهي ڪونه سگهيان آهيون ته پوءِ اسان کي ڪهڙو حق پڄي ٿو ته ٻين تي طنز ڪريون. آسمان ڏانهن ٿُڪ سَٽڻ سان ٿڪ واپس اچي پاڻ کي ئي لڳندي. ان ڪري اسان کي سمجهڻ کپي ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ اسان کان گهڻو اڳتي نڪتل ڀارت تي طنز ڪرڻ سان دنيا آڏو خواري اسان جي ئي ٿيندي.