ليکڪ: قاسم علي شاھ سنڌيڪار : امتياز علي رند اڪبر بادشاهه درٻار ۾ موجود هيو ان هڪ عجيب سوال درٻار جي ماڻهن آڏو پيش ڪيو. سوال هي هيو ته هن جهان ۾ سڀ کان عظيم ڪير آهي؟ سڀئي درٻاري سوچ ويچار ڪرڻ لڳا پر ڪو مناسب جواب ٻڌائي نه سگهيا آخرڪار بادشاهه پنهنجي پاڻ کي ئي جهان ۾ سڀ کان عظيم قرار ڏنو. خوشامد ڪرڻ وارن درٻارين ها ۾ ها ملائي ڇڏي پر بيربل ٽوڪيندي چيو ته بادشاهه سلامت توهان سڀني کان عظيم ناهيو، ھڪ اھڙي هستي به آهي جيڪا توهان کان به وڌيڪ عظيم آهي. بادشاهه پڇيو ته اھا ڪھڙي هستي آهي؟ بيربل وراڻيو ته پوءِ ڪڏهن ٻڌائيندس. ڪجهه ڏينهن گذرڻ کان پوءِ بيربل ھڪ معصوم ٻار کي درٻار ۾ کڻي آيو ۽ بادشاهه اڪبر کي چيائين ته هي ٻار توهان کان به وڏي هستي آهي. بادشاهه وراڻيو ته ھي معصوم مون کان وڏي هستي ڪيئن ٿي ٿو سگهي. بيربل ٻار کي بادشاهه جي هنج ۾ ويهاريندي چيو ته اڄ مان هي ثابت ڪندس. ٻار بادشاهه جي مقام ۽ مرتبي کان ناواقف هيو. ان معصوميت وچان پهريان بادشاهه جون مڇون پٽڻ لڳو پوءِ ڪپڙا خراب ڪيائين پر بادشاهه ان جي حرڪتن سان خوش ٿيندو رهيو. يڪدم ٻار بادشاهه جي تاج کي لاهي زمين تي هنيو، بيربل فورا چيو ته بادشاهه سلامت ٻار کي سخت سزا ملڻ گهرجي پر اڪبر بادشاهه چيو ته نه بيربل هي ٻار آهي، هن معصوم کي ان حرڪت تي سزا ڪيئن ڏئي سگهجي ٿي. بيربل مناسب موقعو ڏسي ڪري فورا چيو ته اهيو ئي ته مان چيو هو بادشاهه سلامت ته توهان کان به هڪ عظيم هستي معصوم ٻار آهي، جنهن توهان جو تاج به لاهي ڇڏيو ۽ توهان برو محسوس نه ڪيو. بادشاهه بيربل جي نقطه نظر سان دلي طور تي اتفاق ڪيو. اسان کي پنهنجي ڳالهه ۽ جذبات کي ٻين تائين سهڻي نموني سان پهچائڻ جي لاءِ انهن جي ذهني سطح کي ڏسڻو پوندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ٻار سان گڏ ٻار ٿيڻو پوندو آهي. وڏا وڏا داناء ۽ صاحب فهم پنهنجي ٻارن جي سامهون نوَن نوَن لفظن جي ڊڪشنري کولي ويهندا آهن. انهيءَ ڪري چيو ويندو آهي ته ٻارن کي ڇڙٻون ڏيڻ سولو آهي پر انھن کي سمجهائڻ تمام مشڪل آهي. نفسيات جي اصولن جي مطابق ٻارن کي صرف نصيحتن ڪرڻ سان انھن جي اندر ڪا خاص خوبي پيدا نٿي ڪري سگهجي پر اها خوبي جيڪا توهان ٻار جي اندر پيدا ڪرڻ چاهيو ٿا اهو توهان پاڻ عملي طور تي ان کي ڪري ڏيکاريو. ٻار فطري طور تي ڪاپي ڪرڻ ڄاڻيندا آهن. توهان سچ ڳالهايو ته توهان جو ٻار به سچ ڳالهائي ڪري فخر محسوس ڪندو. توهان ديانتداري اختيار ڪندو ته ٻار توهان جي چوڻ کان بغير ديانتداري کي پنهنجو شعار بڻائيندو. توهان جي ذات تي اسلام نافذ هجي ته ٻار به اسلام کي مڪمل دين سمجهندو. توهان جي نماز توهان جي ٻار کي نمازي بڻائيندي. توهان جي سخاوت ٻار کي سخي ٿيڻ جو درس ڏيندي. ٻين کي بي لوث ڏيڻ جي حوالي سان بيشمار ڪتاب منهنجي نظرن مان گذريا آهن. مون ۾ ۽ منهنجي گهر واري ۾ هي عادت موجود هئي ته ٻار کي "Art of Giving" سيکارڻ جي لاءِ اسان هڪ مخصوص ڏينهن ۾ ٻار سان گڏ جي ڪري ڪجهه کاڌو ٺاهيندا آهيون. ان کاڌي ۾ اسان ٽنهن جي محنت شامل هوندي آهي. ان کان پوءِ ان کي گاڏي ۾ وجهي ڪري شهر جي ڪنھن اهڙي علائقي ۾ هليا ويندا آهيون. جتي ماڻهو سٺي کاڌي کان محروم آهن ۽ اتي وڃي اسان ٽئي ڄڻا پنهنجي هٿن سان اهو کاڌو انهن غريب مزدورن ۽ بکايل ماڻهن کي کارائيندا آهيون. انھن نادار ماڻھن جي چهري تي اطمينان ڏسي ڪري پنهنجي دل ۾ خوشي محسوس ڪندا آهيون. سڀئي ٻار هڪ ئي فطرت تي پيدا ٿيندا آهن. دنيا ۾ اچڻ واري ٻار جو نه ئي ڪو مذهب آهي، نه قوم، نه عقيدو ۽ نه ئي فرقو هي سڀ ڪجهه ان کي دنيا ڏنو آهي. اهو پنهنجي معصوميت جي ڪري گناهه ۽ ثواب کان آزاد هوندو آهي. هي اسان جي اختيار ۾ هوندو آهي ته ان خالي ڪتاب ۾ ڇا داستان لکجي. اسان جي تربيت ئي ان کي عروج تائين پهچائي سگهي ٿي ۽ اسان جي ڪوتاهي ان کي مختار جي بجاءِ مجبور بڻائي سگهي ٿي. اچو ته پنهنجي مستقبل کي شاندار بڻايون، پنهنجي حال کي بهتر بڻائي ڪري ته جيئن حال بدحال نه ٿئي ۽ مستقبل روشن ٿي وڃي.