شرف الدين مرکنڊ اسان جي معاشري ۾ اڃان به انڌير نگري ۽ چرٻٽ راجا وارو دور هلي رهيو آهي، جاڏي به نظر ڦيرائجي ته معلوم ٿيندو ته اسان انسانن مان محبت جو ميٺاج ختم ٿي ويو آهي، جڏهن ته هر طرف منافقت پنهنجي عروج تي وڃي رهي آهي، عدل ۽ انصاف جا دروازا بند ٿيندا پيا وڃن، جنهن به طرف اک کڻي اشارو ڪجي ٿو ته افراتفري، قتل و غارت، ڦرون ڌاڙا، محبت جي روپ ۾ جسم فروشي، مظلوم کي مجبور ڪرڻ، ظالم جو ساٿ ڏيڻ، اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ، اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽي جي تعليم تباهه، تعليمي ادارن ۾ زيرتعليم نوجوانن توڙي نياڻين جو پراسرار قتل، جن کي بعد ۾ خودڪشين جو رنگ ڏيڻ، مطلب ته اسان جي سماج جي اندر عجيب و غريب سماجي بيمارين منهن ڪڍيا آهن، جن کي ختم ڪرڻ، موجوده حڪومت ۽ عوام جي چونڊيل نمائندن جي ذميواري ۽ سندن تي فرض آهي. ۽ اهڙي نموني سان اسان تي به اهو فرض ٿو بنجي ته اسان به عملي قدم کڻي پنهنجو فرض پورو ڪيون، جنهن سان سماج ۾ ٿيندڙ ظلم و ستم بند ٿي سگهي ٿو ۽ سماج ۾ محبت جو ذخيرو جنم وٺي سگھي ٿو، پر جڏهن اسان پنهنجي اندر کي ڏسون ٿا ته اسان مان فائديمند شيون ختم ٿينديون پيون وڃن، اسان جي وجودن مان انساني اخلاق، ميٺ محبت، پنهنجائپ، همدردي، سهڻو سلوڪ ۽ مهمان نوازي جھڙيون قيمتي نعمتون الوداع ڪنديون پيون وڃن، حضرت علي ڪرم الله وجهه جو قول آهي ته: محبت اُها شيء آهي جيڪا اسان کي پري واري شي سان ملائي ڇڏيندي آهي، ۽ وري ساڙ يعني حسد اها شيء آهي جيڪا ويجھي واري کي به پري ڪري ڇڏيندي آهي. يقينًا! جيڪڏهن اسان سندن جي قول تي ٿورو غور فڪر ڪريون ته اسان کي هن قول مان سڀ معلومات ملي ويندي، جڏهن هن قول کي سامهون رکي ڪري اسان پنهنجي معاشري ۾ ڏسون ته محبت نالي جي وڃي رهي آهي. وڏي افسوس سان چوڻو پوپي ٿو ته اسان جي معاشري ۾ رهندڙ ڪجهه ماڻهو، دولت جھڙي گندي شيءِ جي نشي ۾ مست ٿي امڙ جھڙي پياري رشتي کي ڪاري قرار ڏئي ڇڏين ٿا، کيس پيرسني جي عمر ۾ ڌڪاري گهر کان ٻاهر ڪڍي ٿا ڇڏين، پنهنجي اولاد کي شڪ جي بنياد تي قتل ڪري ڇڏڻ، ٿاڻن تي ڪوڙا ڪيس ٻين تي ڪري اسان پنهنجي سماج تي سراسر ظلم ڪري رهيا آهيون. جنهن جي ڪري اسان جي گھرن مان برڪت نڪرندي پئي وڃي. هن وقت جي سنڌ جي سرزمين تي نظر ڪبي ته ڏينهون ڏينهن قتل جا واقعا برپا ٿيندا پيا وڃن. روزانو ظلم ۽ زيادتين وارن واقعن سان اخبارون ڀريون پيون ملن ٿيون، روزانو مختلف واقعن جون خبرون پڙهي دل ڏڪي وڃي ٿي، لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا، اسان اهڙي مالا مال سنڌ ڌرتي جا رهواسي آهيون، جتان روزانو جي بنياد تي ڪروڙين اربين روپين جي ماليت جو نڪرندڙ تيل، ڪوئلو، لوڻ سميت ٻيون ڪيتريون ئي اڻلڀ شيون سنڌ کان ٻاهر ٻين صوبن ڏانهن وڃن ٿيون، اسان اهڙي ملڪ ۾ رهون ٿا جتي رهندڙ هڪ مالهي مان عرصي ۾ کرب پتي ٿي وڃي ٿو، سندس گهر مان ڪروڙين رپين جي ماليت جون گاڏيون جو پتو پوي ٿو، اسان اهڙي ڌرتي تي رهون ٿا، جتي روز معصوم نياڻين قتل جي آڙاهه ۾ اڇليون وڃن ٿيون. تازو سوشل ميڊيا تي مشهور ٿيل ميرپورخاص جي واقعي هانءُ ڏاري وڌو آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ ميرپورخاص جي اسپتال ۾بيماري دوران علاج لاءِ آندل نينگر فوت ٿي وڃڻ بعد وارثن پاران اسپتال انتظاميه کان ايمبولينس جي گهر ڪئي، عملي پاران ٻه هزار روپيه ڏيڻ جو شرط رکيو ويو، ٻالڪ جا والدين غريب هجڻ جي ڪري اها سگهه نه رکي سگهيا، هو لاش کي موٽر سائيڪل تي کڻي وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ مزدا جي ٽڪر ۾ ان فوتي جو والد ۽ سندس چاچو به اجل جو شڪار ٿي ويا، اسپتال عملي جي ٿورڙي لاپرواهي جي ڪري گهر مان ٽي لاش پهچي ويا، ڪهڙي ڪيفيت هوندي ان وقت، جڏهن پٽ جي علاج لاءِ والد، چاچو ۽ سندس بيمار نينگر گهر مان دعائون وٺي اسپتال علاج لاءِ نڪتو هوندو، کڻي انتظاميه ڪاغذي ڪارروائي جو پيٽ ڀرڻ لاءِ ٻن ڊاڪٽرن ۽ ٻن ڊائيورن تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو پر ٿيندو ڇا؟ ڇا اهي واپس ورندا؟ ڪڏهن به نه. ان مسئلي کان پوءِ اڃان هن واقعي جي ڳالهه پراڻي ئي نه ٿي هئي ته مٿان وري شڪارپور جي هڪ ڳوٺ سان تعلق رکندڙ معصوم ٻالڪ مير حسن ابڙو پنهنجي جيجل امڙ جي هنج ۾ سنڌ جي راڻي شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ ڀٽن جي نالي سان پوري ملڪ سميت دنيا جي ڪنڊڪرڇ ۾ سڃاتو ويندڙ لاڙڪاڻي جھڙي شهر ۾ هڏڪي ڀريندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو!. هڪ معصوم 10 ورهين جو ٻار جڏهن پنهنجي امڙ جي هنج ۾ تڙپي تڙپي دم ڌڻي حوالي ڪرڻ واري ڪيفيت ۾ هوندو ته ان وقت ان تي ڇا گذرندي هوندي؟ مير حسن ته موڪلائي ويو پر لاڙڪاڻي مان چونڊيل نمائندن لاءِ هزارين سوال پويان ڇڏي ويو، ڪتي جي چڪ کان بچاءَ واري ويڪسين نه هجڻ واري حوالي سان اتان جي انچارج پڻ ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته اسان وٽ في الحال اهي سيون موجود ناهن، پر وڏو افسوس ته اهو به آهي جو 4 ڏينهن اڳ سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شهر حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ هڪ ڏينهن ۾ 76 ڄڻن مريضن کي آندو ويو، جن کي ڇتن ڪتن ڏاڙهي وڌو هو، نه ڄاڻ روز اسان جي شهرن توڙي ٻهراڙين وارن علائقن ۾ ڪيترن ئي اٻوجهه، معصومن کي ڇتا ڪتا پنهنجي بک اجهائڻ لاءِ ڏاڙهي وجهن ٿا، پوءِ لاعلمي ۽ لاپرواهي ۽ غربت جي ڪري اهي مسڪين ماروئڙا انهن کي ويڪسين نه ٿا ڪرائي سگهن، جنهن ڪري اهي ريبيز وڌي جسم تي حملو ڪري وجهن ٿا ۽ پوءِ ٻار يا اهو ڪتي جو ڏاڙهيل مريض جلدي موت جي منهن ۾ هليو وڃي ٿو. ڪروڙين رپين جي بجيٽ رکندڙ سنڌ جون اهي وڏيون اسپتالون جن ۾ اها ويڪسين اڻلڀ ڪئي وئي آهي، آخر انهن ڪامورن جو مطلب ڪهڙو آهي؟ اهو سوال سنڌ جي صحت کاتي جي ذميوار عملدارن لاءِ ڇڏي رهيو آهيان....!!؟؟ Sharfdinmarkhand@gmail.com