ڪراچي،ڪچرو ،زهريلي سياست ۽ ڪپتان!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏24 سيپٽمبر 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    لڳي ٿو ته وزيراعظم عمران خان لاء پهرئين ڏينهن کان جيڪو ٽريپ وڇايو ويو هو هاڻي هو انهيء ۾ پوريء طرح ڦاسي چڪو آهي جنهن ڪري کيس هٽائي سندس متبادل آڻڻ جون تياريون عروج تي آهن.انهيء کي عمران خان جي بد قسمتي چئجي يا سندس معاملن کي نه سمجھڻ جي صلاحيت جو حڪومت ۾ اچڻ کان پوء تحريڪ انصاف نه رڳو بنان ڪجهه ڊليور ڪرڻ جي عوام ۾ مايوسي پکيڙي ڇڏي آهي بلڪه سندس پنهنجن مخلص ڪارڪنن کي به سخت بد دل ڪري ڇڏيو آهي. گذريل سمورين حڪومتن جي ڪرپٽ مافيا ۽ پنهنجن ذاتي دوستن کي گڏ ڪري عمران خان جيڪا ڪابينا جوڙي هئي ۽ جهڙيء طرح تحريڪ انصاف سان سالن کان نڀائيندڙ ۽ ڏک سک ۾ ساٿ ڏيندڙ نظرياتي ماڻهن کي سائيڊ لائين ڪيوويو انهيء سان ان ”انقلاب” ۽ ” تبديليء“ جو فطري طور اهو ئي حشرٿيڻو هو جيڪو ٿيو.اقتدار جي نشي ۾ عمران خان کان اهو به وسري ويو ته معاملا سلجھائڻ لاء سچائي،محنت ،ايمانداري ۽ لياقت نه رڳو ٽيم جي ڪپتان ۾ ضروري آهي پر سندس ٽيم به ان لائق هئڻ گھرجي.جنهن ٽريپ جي ڳالهه اسان ٿا ڪيون سو ٽريپ نهايت ئي چالاڪيء ۽ مڪاريء سان اڻيو ويو ۽ هڪ سادي ۽ ناتجربيڪار اڳواڻ لاء انهيء ۾ ڦاسڻ نهايت ئي سولو ڪم هو.اصل ڪم اهو ٿيو جو عمران خان کي اصل ”اشوز“ طرف وڃڻ ئي نه ڏنو ويو بلڪه هن کي بار بار اهڙن ”نان اشوز“ ۾ ڦاسايو ويو جن جو نتيجو ۽ اثر آخر نيٺ پي ٽي آئي جي مجموعي ساک ۽ ڪارڪردگيء تي ناڪاري پيو.هڪ طرف پنجاب جهڙي اهم ۽ وڏي صوبي ۾ اهڙو سيٽ اپ قائم ڪرڻ جون صلاحون ڏنيون وييون جو اتي وزير اعليٰ نهايت ئي ڪمزور رهي ۽ هڪ ئي وقت ٻه ٽي پوروڇوٽ حڪومتون هلنديون رهن جنهنجو نتيجو حڪومت جي نهايت ئي خراب ڪارڪردگي ۽ پوليس اسڪينڊلز جي صورت ۾ نڪتو.مٿان وزير اعظم جو اهو بيان ته جيستائين هو وزير اعظم آهي تيستائين عثمان بوزدار ئي پنجاب جو وزير اعليٰ رهندو وارو جملو ان ڳالهه کي واضح ڪري ٿو ته عمران خان معاملن جي سنگينيء کي ڪيتري اهميت ڏيئي رهيو آهي.سنڌ ۾ هر وقت سنڌ حڪومت جي پويان ڪات ڪهاڙا کڻي پئجي وڃڻ ۽ مختلف طريقن سان وڌيڪ اختيار حاصل ڪرڻ جي راند ۾ به عمران خان کي فائدي جي بدران نقصان ئي پلئي پيو آهي.سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم جهڙيء طرح پنهنجن اصل ۽ ڪڌن مقصدن لاء عمران خان کي استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي انهيء سان سنڌ ۾ ايندڙ چونڊن اندر تحريڪ انصاف خلاف اها ئي ڪاوڙ جنم وٺي رهي آهي جيڪا ايم ڪيو ايم جي سنڌ دشمن پاليسين سبب سنڌي ماڻهن کي ايم ڪيو ايم سان رهي آهي.سنڌ جي حوالي سان عمران خان مڪمل نموني ايم ڪيو ايم جي ٽريپ ۾ ڦاسي چڪو آهي جنهن جو تازو مثال ڪراچيء کي وفاق هيٺ ڏيڻ لاء آئين جي آرٽيڪل 149 جو سهارو ڳولهڻ به شامل آهي.اصولي ڳالهه ته اها آهي جو نه رڳو ڪراچي پر پوري سنڌ بد نظمي ۽ خراب گورنس جو شڪار آهي ته پوء آرٽيڪل 149 جو سهارو رڳو ڪراچيء لاء ڇو؟ ٻي ڳالهه اها آهي ته گند ۽ ڪچرو ته سڄي ملڪ جو مسئلو آهي.ملڪ جي ٻين شهرن کي ڪهڙو پيرس يا نيويارڪ بڻايو ويو آهي جو رڳو ڪراچيء جو گند وفاقي حڪومت کان ڏٺو نٿو ٿئي.جيستائين امن ۽ امان وارين حالتن جو تعلق آهي ته اهي سنڌ کان وڌيڪ پنجاب ۾ خراب آهن.بيڊ گورنس ۾ به هن وقت پنجاب جو مثال ئي ناهي پوء ان آرٽيڪل کي لاڳو ڪرڻ جي شروعات پنجاب کان ڇو نٿي ڪئي وڃي؟ سڀني کي خبر آهي ته سنڌ ۾ اهو سمورو تماشو ايم ڪيو ايم جي چرچ ۽ خواهش تي ٿي رهيو آهي جيڪا پنهنجي زهريلي ۽ نسل پرست سياست تان اڃا تائين هٿ کڻڻ لاء تيار ناهي ۽ بد قسمتيء سان نسل پرستي ۽ نفرت جي ان سياست ۾ عمران خان ڄاڻندي ٻجھندي يا اڻ ڄاڻائيء ۾ ايم ڪيو ايم جو ساٿ ڏيئي رهيو آهي.پي ٽي ائي حڪومت کي ان کڏ طرف ڌڪو ڏنو پيو وڃي جتي جذبات جا الا دکي رهيا آهن ۽ سنڌ اندر نهايت ئي ڳڻتيء جوڳي ۽ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ڪئي پيئي وڃي.پي ٽي آئي حڪومت اهڙو احمقاڻو قدم کڻي ”سنڌ ڪارڊ“ وري پيپلز پارٽيء جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي.

    احتساب جي ڦوڪڻي جو جيڪو حشر ٿيو آهي انهيء معاملي تي پاڪستان جو چيف جسٽس چئي چڪو آهي ته احتساب جي باري ۾ سياسي انجنيئرنگ جو تاثر اڀرڻ نهايت ئي خطرناڪ آهي ۽ انهيء جو ترت سد باب ٿيڻ گھرجي.پي ٽي آئي حڪومت ۾ شامل سمورا وزير ۽ مشير احتساب کان بلڪل آجا گھمي رهيا آهن ۽ نيب کي وڌيڪ ٻنڌڻ وجھڻ لاء نئين قانونسازي تي غور ڪيو پيو وڃي.پرڏيهي پاليسي ۽ ڪشمير جي حوالي سان به سوشل توڙي عام ميڊيا تي جيڪي سوال اٿاريا پيا وڃن انهن سان شڪن ۽ شبهن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.مثال اهو سوال ته عمران خان جي ٽرمپ سان ملاقات۽ثالثيء جي ذڪر کان ترت پوء ڀارت ڪشمير جي آئيني حيثيت ڇو تبديل ڪئي،ڇا ان ملاقات ۾ ڪجهه اهڙيون ڳالهيون به ٿيون جن کان قوم کي بي خبر رکيو ويو يا وري اهو سوال ته ڇا حڪومت کي موديء طرفان ڪشمير جي باري ۾ کنئي ويندڙ ان اهم قدم جي اڳواٽ ڄاڻ هئي يا نه؟ اهي اهڙا سوال آهن جن جو حڪومت پاران ڪو تسلي بخش جواب نه پيو ڏنو وڃي ۽ وقت گذرڻ سان گڏو گڏ اهڙن سوالن ۾ واڌارو اچي رهيو آهي.احتساب جو عمل ايترو ته تڪراري بڻجي چڪو آهي يا بڻايو ويو آهي جو هاڻي صحيح ۽ غلط جي ڪا خبر نٿي پوي ۽ حڪومت سان گڏوگڏ رياستي ادارن جي ساک به متاثر ٿي رهي آهي.پورو هڪ سال اقتدار ۾ گذارڻ بعد لڳي ٿو ته ٻي ڪنهن به ميدان ۾ ڪا ڪارڪردگي ڏيکارڻ بدران ڪپتان به پاور گيم ۾ پنهنجو وڌيڪ حصو محفوظ ۽ مضبوط بنائڻ ۾ لڳي چڪو آهي ۽ معيشت کان وٺي هر اهم ميدان ۾ حالتون سڌرڻ بدران وڌيڪ خراب ٿي رهيون آهن.تازو وزير اعظم طرفان پنهنجن ئي ستاويهه وزيرن کي ريڊ ليٽر جاري ڪيو ويو آهي ته هو انهن وزيرن جي مجموعي ڪارڪردگيء مان خوش ناهي.انهيء جو ٻيو مطلب اهو ٿيو ته پنهنجي ناڪامين ۽ نا اهلين جي سموري ذميداري وقت اچڻ تي آسانيء سان ٻين تي منتقل ڪري سگھجي.جسٽس فائز عيسيٰ خلاف داخل حڪومتي ريفرنس جي ناڪاميء بعد حڪومت هاڻي وري هاڻوڪي چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته ان چيف اليڪشن ڪمشنر جي رٽائرمينٽ ۾ رڳو ڪجهه مهينا رهجي ويا آهن ۽ حڪومت سڪون سان ان کي رٽائر ٿيڻ ڏيئي سگھي پيئي پر خبر ناهي اهي ڪهڙا لڪيل هٿ ۽ سازشي ذهن آهن جيڪي لاڳيتو عمران خان کي نان اشوز جي ڄار ۾ ڦاسائيندا ٿا وڃن ۽ هر ڏينهن تي ڪا نه ڪا منفي حرڪت حڪومت طرفان ٿي پوي ٿي جنهنجو فائدو هر حال ۾ مخالف ڌر کي ئي پهچي ٿو يا ٻين لفظن ۾ حڪومت جي پوزيشن وڌيڪ ڪمزور ٿئي ٿي.انهن ئي ذهنن ۽ هٿن عمران خان کي ملڪ توڙي خطي جي سمورن اهم ۽ ٻرندڙ معاملن کان بي فڪر ڪري کيس ڪراچيء ۾ آڻي ڪچري جي ڍير تي بيهاريو آهي،اهڙو ڪچري جو ڍير جنهن کي جيترو وڌيڪ کوٽيو ٿو وڃي اوتري ئي بدبوء پکيڙي رهيو آهي!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو