ڪنھن کي نہ چئبو ھاڻي،
ھرڪوئي پاڻ ڄاڻي؛
ڀلي سڀ ڪو موج ماڻي،
اي دادن ادا ڪُجهہ ڪم ڪر
گذري جو ڪِينَ غم ڪر،
ايندو منجهہ پڇاڻي،
ھرڪوئي پاڻ ڄاڻي.
________________________________________________ھرڪوئي پاڻ ڄاڻي؛
ڀلي سڀ ڪو موج ماڻي،
اي دادن ادا ڪُجهہ ڪم ڪر
گذري جو ڪِينَ غم ڪر،
ايندو منجهہ پڇاڻي،
ھرڪوئي پاڻ ڄاڻي.
خدا ھرڪنھن جي ٻڌندو آ، مگر ٿوري دير لڳندي آ
روئڻ جو داد ٿيندو آ مگر ٿوري دير لڳندي آ
ڇو ٿو تڙپائين ڪنھن جي دِل، متان توتي اچي ھِي مھل
ڪري سوئي ڀريندو آ مگر ٿوري دير لڳندي آ
ھميشہ گڏ خدا ھوندو صبر وارن سان ئي آھي
صبر ۾ فائدو پوندو آ، مگر ٿوري دير لڳندي آ
چوي جاويد عالماڻي خدا جو مان ڀي ھان ٻانھو
پنھنجي ٻانھن ڏي ڏسندو آ، مگر ٿوري دير لڳندي آ
آواز :
شاعر : جاويد عالماڻي