• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

حيدرآباد سانحي کي ايڪٽيهه سال گذري ويا پر ان جا قاتل اڄ به آزاد آهن: خالد مقبول

سوبيا

سينيئر رڪن
30Khalid-Makbool.jpg


متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي حيدرآباد سانحي 30 سيپٽمبر 1988 جي شهيدن جي 31هين ورسي جي موقعي تي چيو اهي ته هن ڏينهن 250 ڪارڪنن ۽ همدردن کي قتل ڪيو ويو پر ان جا قاتل اڄ به آزاد آهن. اسان هي سانحو ڪڏهن به وساري نه سگهنداسين.

ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي شهيدن جي خاندانن کي سلام تحسين پيش ڪندي چيو ته حيدرآباد ۽ لطيف آباد ۾ ايم ڪيو ايم جي آفيسن، هيرآباد، قلعه چوڪ، گرونگر چوڪ، تلسي داس روڊ، گاڏي کاتو ۽ ڪاري موري سميت مختلف علائقن ۾ ٿيندڙ قتل عام اڄ به اسان جي نظرن جي سامهون آهي.

ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته اڄ به قاتل آزاد آهن. شهيدن جا وارث انصاف جي آسري ۾ آهن. اسان وساري نٿا سگهون ته 30 سيپٽمبر 1988ع جي شام جو 7 بجي کان سڄي رات شهيدن جا جنازا ۽ زخمين کي اسپتال پهچايو پئي ويو.

ان ڏينهن مهاجرن جو رت وهائيندڙ 100 دهشتگردن کي سرڪاري سرپرستي حاصل هئي. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته اسان جي جدوجهد ۾ ساٿين ۽ قوم جي جوانن، بزرگن، مائرن، ڀينرن جو رت شامل آهي. جنهن سان اسان ڪڏهن به غداري نٿا ڪري سگهون.

1986ع کان اڄ تائين سمورن سانحن تي انصاف چاهيون ٿا ۽ اميد ڪريون ٿا ته اسان کي به انصاف ڏنو ويندو ۽ سازشي قاتل چهرا بي نقاب ٿيندا.
Sindhi News
Today sindhi news
Sindhi Pakistan News
Sindh news
Sindhi Latest News
 
Back
Top