• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي سمري پيٽروليم واري وزارت ڏانهن موڪلي وئي

سوبيا

سينيئر رڪن
30petrolsasto1.jpg

اوگرا ايندڙ مهيني جي لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾گهٽتائي جي سمري پيٽروليم واري وزارت ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي.

رپورٽ موجب اوگرا طرفان موڪليل سمري ۾ ايندر مهيني جي لاءِ پيٽرول جي قيمت ۾ 2 روپيه 55 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي.

ان کان علاوه سمري ۾ هاءِ اسپيڊ ڊيزل 3 روپيه 23 پئسا، لائٽ ڊيزل آئل 2 روپيه 41 پئسا سستو ڪرڻ جڏهن ته گاسليٽ جي قيمت ۾ هڪ روپيو 19 پئسا في ليٽر اضافي جي سفارش ڪئي وئي آهي.

پيٽروليم ڊويزن سمري تي غور کان پوءِ ان کي ناڻي واري وزارت ڏانهن موڪليندي جيڪا قيمتن بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪندي. نئين قيمتن جو اعلان اڄ رات جو 12 بجي کان ٿيندو.

Sindhi Breaking News
Today Sindhi Breaking News
Sindhi Newspaper
Sindhi Website
 
Back
Top