هوليءَ جي رنگن جھڙو شاعر، منصور سرمد

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏1 آڪٽوبر 2019۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    هوليءَ جي رنگن جھڙو شاعر، منصور سرمد...!
    فقير محمد سنڌي
    پهچي ته ڀلا ڪيئن پھچي صدا ،
    پيغام کڻي نٿي بادِ صبا،
    خاموش اسان لئه آهي فضا،
    نه ڪو توکي ٻڌي نه ڪو مونکي ٻڌي.( سرور منگي )
    فارسي شاعر جون سٽون آهن ته :،،وطن جو ڪنڊو، مون کي سنبل ۽ ريحان جي گلن کان وڌيڪ سهڻو ٿو لڳي،،سنڌي ٻوليءَ جو شاعر منصور سرمد پنهنجي ديس جي هر اهنج کي پنهنجو ٿو سمجهي، منصور سرمد جي نظمن ۾ هوليءَ جا سڀ رنگ موجود آهن. جيڪي پيار ۽ محبت جا اصل مينار جوڙي قوم کي ويساھ جو دڳ معيا ڪن ٿا، باقي خود غرض کان سنڌ جو هر ڪوي منهن موڙي ٿو ڇڏي. اهڙي طرح منصور سرمد هيءَ سٽون :سماج ۾ اڻ برابري ۽ پاڻ وڻائڻ کي آئينو ٿو ڏيکاري ۽ فرد کي پنهنجي رهڻي ڪهڻي، ٻولي، ثقافت ۽ ادب جي واقفيت ٿو ڏئي.
    ،، جدت جي چڪر ۾،
    ڪانچ لاهي،
    نيڪر پائڻ وارئو،
    پوتڙو ڇو نه ٿو وڻي اوهان کي!
    هڻي ٻوليءَ جي ڀينگ ڪئي اٿوَ!
    گلزار ٿيڻ لاءِ گهڻو ڪجھ کپي ٿو!
    نسيم کرل ڪونه ٿي سگھندو ڪوئي!
    ملڪ نديم ٿيڻ جي ناڪام ڪوشش نه ڪيو!
    مور جي ٽور سکڻ جو انجام ڇا ٿيندو جڳ کي خبر آهي،،
    لوڪ ادب ۾ پنهنجو رس ۽ گل ڦلندا آهن، جيڪا پنهنجي علائقي جي رهڻي ڪهڻي ۽ تهذيب جي بقا جي ضمانت هوندي آهي جيڪا گھڻي گهڻي وقت تائين زنده رهندي آهي،منصور سرمد جو هيءُ نظم ڳوٺاڻي سماج جو ڀرپور عڪس آهي.
    عورت زندھ باد!
    هٿن ۾ آ ٺپيل ڏاٽو،
    مٿي تي گاھ جي پوتي،
    ۽ پيرن ۾ ڇڳل پادر،
    اکيون شمشير جهڙيون ۽
    جگر دل شينھن وارا ٿس،
    پگھر ۾ ڇل هارياڻي،
    ڪڻڪ جو لاب لاهي ٿي،
    ۽ پنهنجو ڀاڳ ڳاهي ٿي!.
    بيگم بادام ناتوان جو خيال آهي ته :،، هر ليڊر خود غرضي ۽ خوش پروري ۾ مبتلا آهي، هر آفيسر رشوت مستاني ۾ محو آهي، عوام پنهنجي جهالت ۾ اڻ ڄاڻائي ڪري صحيح انتخاب ڪرڻ کان قاصر آهي،، اهڙا ئي لمحا ۽ خيال منصور سرمد جي زندگي جو حصو بڻجن ٿا۽ شاعر جو من عوام جي آواز جي سازن جو ترجمان آهي، جيئن منصور سرمد هي سٽون.
    پگهار ڇا وٺندئو؟
    مون چيو منهنجي مزدوري جي حساب سان جيڪا مناسب سمجهو!
    لفظ مزدور ٻڌندي ئي باھ ٿي ويو،
    تون اڃان پاڻ کي مزدور پيو سمجهين پوءِ آفيسر ڪڏهن ٿيندي؟
    مون کلندي چيو :بنيادي طرح پاڻ سڀئي مزدور ئي ته آهيون،
    هن لسٽ مان منهنجو نالو ڪٽي ڇڏيو!
    اڄ مزدورن جي عالمي ڏينهن تي،
    هو پنهنجي اداري پاران ڪوٺايل پروگرام ۾ مزدور جي،
    حوالي سان خصوصي خطاب ڪري رهيو آهي!
    جنھن ۾ سڀ آفيسر هئا!!!!
    منصور سرمد جي اک معاشري کي چڱي طرح سان ڏسي ٿي ۽ سندس سوچ سهل پسندي جو مظاهرو نظم جي صورت ۾ اتساهه ڏيندڙ آهي، منصور هر نظم ۽ ان جو بيان ڪرڻ جي سگهه نج عوامي آهي.
    ڪنڀارڻ....
    چڪ تي نازڪ هٿڙا ڦيري،
    خلقيئي ويٺي کوڙ اسم!
    ميرو چولو مرڪي پيو!
    چيڙھ چڳن ۾،
    ٽنئور اکيون!
    ذلف مٽيءَ سان کيڏن پيا،
    هاڙھَ هٺيلو، باهه بٺي جي!
    نم جي ڇانون ۽ ٿڌڙا ساھ
    ڪير وساري ڪافر ٿيندو!
    ڳاڙها ڳل ڪنڀارڻ تنهنجا!
    جديد دور ۾ هر ڪو پنهنجي هجڻ جو احساس ڏيئاري ٿو، پوءِ سماجي ڪارج ڪهڙو به هجي، تجربا، مشاهده، اصلاحي ۽ تخليقي هجن يا نه هجن پر قد آورن جي صف ۾ بيهڻو ضرور آهي، اهڙي مزاج رکندڙ شخصن جي عڪاسي منصور سرمد جي نظمن ۽ شاعراڻي نثر ۾ موجود آهي. ڏسو منصور جي خيال ته :
    ادبي جھنگل...
    لنگورَ
    پوڙهي شينھن کي چيڙائي رهيا هئا!
    پنهنجي هجڻ جو احساس ڏيارڻ لاءِ!.
    يا وري هيءُ شاعراڻو نثرڏسو.
    شاعري وڪرو ٿي پئي ڏک ٿيو سور ٿيو!
    پر گراهڪ ڏسي ساڙ ٿيو!
    دل ته سڀني جي سيني ۾ آهي، ارمان هر دل کي پنهنجو آهي، سوچ، گهرائي، لڇ پڇ پنهنجي طور جي آهي، ڦٿڪڻ هر جيو جو پنهنجو آهي، انساني فطرت ۾ ڪي اهڙيون جبلتون آهن جنهن سان هو هر ويل نڀائيندڙ آهي. اهڙيءَ طرح رسمون رواج ۽ زندگيءَ جا انيڪ معاملا آهن، جن کي مھذب ۽ غير مھذب طريقي سان استعمال ٿو ڪري، منصور سرمد اهڙن غير مهذب دردن تي نظر رکي ويٺو آهي چوي ٿو.
    وحشي نظرون،
    قاتل هٿ
    سسپَس سَسپس چپ ۽ ڪن،
    شھر وڳوڙن ور چڙهي ويو!
    مذهب ڪڏهن مھذب ٿيندو؟
    مورک ماڻهون!
    ٿڌڙا ٿڌڙا ساھَ ڀري ٿو!
    سنڌ جي ماضيءَ ڏانهن وري ٿو!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو