ڪالهه جو استاد بادشاهه ۽ اڄ جو استاد ملازم ...!! شرف الدين مرکنڊ انسان کي خدا پاڪ اشرف المخلوقات، اعلى نعمتن ۽ انعامن سان پڻ نوازيو آهي. انسان ذات جا ڪيترائي رشتا ملندڙ جلندڙ هوندا آهن جن ۾ ابو، امان، ڀيڻ، ڀاءُ، زال، مڙس ۽ ٻيا به رشتا آهن پر انهن کان وڌيڪ اهميت ۽ قدر داني وارو رشتو جي آهي ته اهو استاد جو رشتو ۽ تعلق آهي، جيڪو هر انسان کي هر وقت، هر هنڌ، هر ڏکي سکي وقت ۾ ۽ زندگيء جي هر موڙ تي ملندو آهي. حديث شريف ۾ آهي ته “ابو ثلاثه” يعني انسان جا دنيا ۾ ٽي والدين آهن، انهن مان استاد به هڪ آهي جنهن کي روحاني والد ڪوٺيو ويو آهي، ڏٺو وڃي ته والدين اولاد کي جنم ڏئي انهن کي دنيا ۾ آڻيندا آهن ۽ انهن کي کارائيندا پياريندا آهن چار يا ڇهه ورهين کان بعد اسڪول يا مدرسه ۾ تعليم جي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ويهاريندا آهن ۽ استادن جي حوالي ڪندا آهن پوءِ استاد انهن کي دنيا جا رستا ڏيکاريندو آهي، انهن جي ذهن ۾ علم جو نالو پيدا ڪندو آهي، انهن کي دنيا ۾ هلڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ جو طريقو سيکاريندو آهي. استاد شاگرد کي اعلى منزل تائين پهچائڻ جو هڪ اهم ذريعو آهي. ڏٺو وڃي ته استاد هڪ انمول خزانو آهي، استاد جا معاشري تي وڏا احسان آهن، جيڪي اسان ڪڏهن به نٿا لاهي سگھون. اڄ جي دور ۾ ڏسجي ته دنيا جيڪا به ترقي ڪئي آهي ۽ ڪري رهي آهي ۽ ڪندي اِها سڀ استاد جي توجهه، ڪوشش، محنت ۽ بي لوث خدمت جي وجهه جي ڪري ئي آهي. استاد جيڪو اسڪول، ڪاليج، مدرسو ۽ اعلى ادارن ۾ تعليم جو درس ڏئي ٿو ۽ ٻيو استاد اهڙو آهي جيڪو سماج ۾ ويهي انسان کي هنر ۽ ڪاروبار ڪرڻ جا طور طريقا سيکاري ٿو. استاد علم جو چشمو هوندو آهي، جنهن مان شاگرد پنهنجي اُڃ کي ختم ڪندو آهي. قومن جي تعمير ۽ ترقي ۾ استاد جو ساٿ هوندو آهي، استاد نئين ۽ ايندڙ نسل جي تعمير ۽ ترقي، معاشري جي ڀلائي ۽ ماڻهن جي تربيت جي ڪري عزت جي نگاهن سان ڏٺو ۽ سمجھيو ويندو آهي. استاد شاگردن جي تربيت ۾ ائين مشغول نظر ايندو آهي جيئن فصل پوکڻ وارو هاري پنهنجي زمين ۾ پوکيل فصل جو خيال ۽ سار سنڀال ڪندو رهندو آهي. حضرت علي ڪرم الله وجهه جو قول آهي ته! “ جنهن مون کي هڪ اکر به پڙهايو ان جو مان غلام آهيان، اهو مون کي کپائي ڇڏي، آزاد ڪري يا چاهي ته مون کي پاڻ وٽ قيد ڪري رکي”. استاد معاشري جي ڪردار ٺاهڻ ۾ بادشاهه آهي. هڪ محقق جو قول آهي ته استاد بادشاهه نه هوندو آهي پر بادشاهه پيدا ڪندو آهي. اڄ پنج آڪٽوبر جو ڏينهن آهي، جنهن کي اسين استادن جو عالمي ڏينهن ڪري ملهائي رهيا آهيون. اڄوڪي هن ڏينهن تي ڪافي سارا عظيم ۽ داناءُ انسان پنهنجي استادن کي خراج تحسين پيش ڪندا ۽ پنهنجي ڪاميابين ۾ ۽ انهن جي خصوصي توجهن ۽ ڪاوشن کي ياد ڪندا. استادن ڪرام کي خراج تحسين پيش ڪرڻ يقينًا! قابل عزت ۽ قابل تعريف جوڳو ڪم آهي ڇو ته استاد معاشري جو هڪ اهم فرد آهي، استاد وٽ قوم جي خوشحالي جو هنر آهي، استاد هميشه پنهنجي قوم ۽ ملڪ جي خوشحالي جو سوچيندو آهي، جنهن ڪري ابن آدم معاشري ۾ ترقي ڪري ٿو. حقيقت کي ڏٺو وڃي ته استاد جو شان ۽ مرتبو وڏو اتم ۽ اعلى آهي، پر هن وقت اسان جي معاشري ۾ استاد جي اها عزت ناهي رهي، جنهن جو هو لائق آهي، اسان جي معاشري ۾ استاد جي اهميت نه ڪالهه هئي نه وري اڄ آهي.استاد کي معاشري جي عام انسان جيان سڃاتو وڃي رهيو آهي اهو ئي سبب آهي جو اسان ترقي يافته رهي ڪري به غربت جي لڪير کان هيٺ واري زندگي گذاري رهيا آهيون. اچو ته اسان اڄ جي استادن جي عالمي ڏهاڙي جي مناسبت سان پنهنجي استادن جي ادب، احترام ۽ انهن جي خدمت ڪريون، اچو ته اسان استادن کي اهو شان ۽ مانُ وٺرائي ڏيون جنهن جا هو لائق آهن، ٻار جڏهن ننڍو ٿي وڏو ٿيندو آهي ته سندس تربيت ۽ بهترين پرورش ۾ سڀ کان پهريان ان ٻار جا گهرڀاتي، ان جا والدين ۽ پوءِ استاد ئي هجي ٿو، جيڪو ان جي تربيت ۽ سٺي تعليم ڏئي کيس اعلى کان اعلى انسان بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. اهو استاد ئي آهي، جنهن جي تربيت ۽ توجه ۾ رهي انسان ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪري ٿو. استاد ئي آهي جيڪو ٻار کي سنواري سڌاري ٿو، پر افسوس جو اسان جي اڄ جي معاشري ۾ ان ئي استاد کي ماستر ڪوٺيو وڃي ٿو ۽ جيڪو ٽيڪنيل شين جو مستري يا ڊرائيور آهي ان کي وري استاد چئي پڪاريو وڃي ٿو.