شفيق الرحمان شاڪر اسان جي ملڪ ۾ سياسي اشرافيا مان هرهڪ ”صادق“ ۽ ”امين“ هئڻ جو دعويدار آهي انهن مان جيڪڏهن ڪنهن جي خلاف اهو آواز بلند ٿئي ته هو صادق ۽ امين نه رهيو آهي ايستائين جو ملڪ جون اعليٰ عدالتون به ڀلي انهن جي خلاف ڪو اهڙو فيصلو ڏيئي ڇڏين پر هو آخر تائين ”صادق“ ۽ ”امين“ ئي رهي ٿو.هن ملڪ ۾ اها ناانصافي رڳو عوام سان ئي آهي جيڪي نه رڳو ملڪي قانونن جو احترام ڪن ٿا بلڪه پابنديء سان ٽيڪس ۽ يوٽيلٽي بل به ڏين ٿا،پوء انهيء حق حلال جي ڪمائيء مان ڏوڪڙ بچائي حج به ڪن ٿا،ٻارن کي سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم ڏيارين ٿا ۽ سرڪاري اسپتالن مان علاج ڪرائين ٿا.شناختي ڪارڊ،پاسپورٽ،لائسنس،پگھار ۽ پينشن وغيره لاء اس،گرمي توڙي سرديء ۾ ڊگھيون ڊگھيون قطارون ٺاهي بيهن ٿا.ستم ظريفي اها جو اهو ئي عوام ٽيڪس ۽ يوٽيلٽي بل جمع ڪرائڻ لاء پڻ وڏين وڏين قطارن ۾ بيٺل نظر ايندو جتي انهن کي هر قسم جي اذيت ۽ تضحيڪ جو نشانو بنايو وڃي ٿو.ڪنهن حادثي يا قدرتي آفت اچڻ جي صورت ۾ اهو ئي عوام سڀني کان اڳ پنهنجن هم وطنن جي مدد لاء ڊوڙي ٿو ايستائين جو پنهنجي رڳن مان رت ڪڍي ٻين جي جان بچائڻ لاء انهن جي نسن ۾ منتقل ڪري ٿو.جڏهن به صادق ۽ امين لفظ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته ذهن ۾ اسان جو سياسي نظام اچي ٿو ڇوته ان لفظ جو پڙاڏو حڪومتي ايوانن ۾ ئي گھڻو ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ۽ ايئن محسوس ٿيندو آهي ته صادق ۽ امين جيڪر ڪٿي موجود آهن ته اهي رڳو سياسي برادريء ۾ آهن يا وري سرڪاري برادريء ۾.رهي عوامي برادري ته عوام ڪهڙي باغ جي موري آهي ۽ ان جي حيثيت ۽ اوقات ئي ڇا آهي جو ان برادريء ۾ به ڪو ماء جو لال صادق ۽ امين هجي! هيء ته اها برادري آهي جيڪا صادق ۽ امين هئڻ جي مهر هڪ پرچيء تي لڳائي صادق ۽ امين اميدوار جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏي ٿي ۽ هر پنجن سالن بعد ان عمل کي رنيو به ڪري ٿي.هونئن صادق ۽ امين شخص کي ڪيئن پرکيو وڃي،مطلب ته اهڙي ڪهڙي ڪسوٽي آهي جنهن سان اسان کي معلوم ٿئي ته فلاڻو شخص صادق ۽ امين آهي.پوري دنيا ۾ ان کي ماپڻ جو هڪڙو ئي ماپو آهي ته اهو شخص ايماندار هجي، حق حلال جي روزي ڪمائيندو هجي،باقائدي ٽيڪس ادا ڪندو هجي،ملڪي قانونن جي پابندي ڪندو هجي،سندس ماضي بي داغ هجي،محب وطن هجي،پنهنجا يوٽيلٽي بل پابنديء سان ادا ڪندو هجي وغيره وغيره.سموري دنيا ۾ اهڙن شهرين کي ڪيتريون ئي اضافي سهوليتون مهيا ڪيون وڃن ٿيون ۽ انهن کي معزز سمجھيو وڃي ٿو،حڪومتي سطح تي اهڙا ماڻهو قابل عزت ۽ احترام هوندا آهن پر ڪڏهن به انهن ۾ ڪنهن به قسم جو تفاوت نٿو رکيو وڃي توڙي اهي عوامي برادريء مان هجن يا اشرافيا جي طبقي مان.پر اسان وٽ قصو ان جي ابتڙ آهي،هتي سڀ کان وڏي تذليل انهن جي ئي ٿئي ٿي جيڪي قانون پسند ۽ ايماندار شهري آهن.آخر اها نا انصافي رڳو عوام سان ئي ڇو جيڪي نه رڳو ملڪي قانون جو احترام ڪن ٿا پر باقائدي پنهنجا يوٽيلٽي بل ۽ ٽيڪس به ادا ڪن ٿا.انهن کي ئي آخر ڊگھين قطارن ۾ ڇو ٿو بيهڻو پوي؟وي آئي پي موومينٽ جي نالي تي سفر دوران انهيء ئي عوام کي روڊن رستن تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيهاري ڇڏيو وڃي ٿو.ڪيترائي مريض ان وي آئي پي موومينٽ دوران ايمبولنس کي رستو نه ملڻ سبب موت جو شڪار ٿي وڃن ٿا.انهن نام نهاد صادقن ۽ امينن هن پوري قوم جو آخر جيئڻ جنجال ڇو بنائي رکيو آهي؟اها ٽيڪس چور اشرافيا جڏهن گھرن مان نڪري ٿي ته عام روڊن ۽ رستن تي غير اعلانيل ڪرفيو لڳل هوندو آهي،عوام سان ٿيندڙ تضحيڪ ۽ ذلت جي اهڙي سلوڪ جو مثال دنيا جي ڪنهن به سڌريل ملڪ ۾ نٿو ملي.جيڪر انهن جي گاڏين سامهون ڪا عام گاڏي اچي وڃي ته اهڙا ته سائرن وڄڻ لڳن ٿا ڄڻ ته پوري ملڪ جا روڊ ۽ رستا انهن خريد ڪري رکيا هجن.ايئن لڳندو آهي ڄڻ هن ملڪ جي ڪنهن به شيء تي عام ماڻهن جوڪجهه به حق ناهي.ڳالهه رڳو اتي ختم نٿي ٿئي پر هن ملڪ ۾ سوين اهڙيون شاهراهون به آهن جيڪي هونئن ته گھڻيون ويڪريون آهن پر انهن تي مختلف هنڌن تي ٽريفڪ جام نظر ايندو آهي،ان جو سبب اهو جو انهن شاهراهن جي هڪ ٻه ٽريڪس انهيء اشرافيا جي غير قانوني قبضي هيٺ آهن.جڏهن پڇيو وڃي ته هي ڪهڙو ويل آهي ته جواب اهو ملندو ته حفاظتي انتظامن سبب ايئن ڪيو ويو آهي.حڪومت اها دعويٰ ته ڪري ٿي ته ڪراچيء سميت پوري ملڪ ۾ ڪا به ”نو گو ايريا “ ناهي پر هنڌ هنڌ تي ان اشرافيا توڙي سرڪاري ڪامورا شاهيء جون پيدا ڪيل نو گو ايرياز اڄ به موجود آهن جتان عوام جو گذرڻ پنهنجي جان جوکي ۾ وجھڻ جي برابر آهي.ڪجهه عرصو اڳ اها خبر آئي هئي ته لنڊن ۾ هڪ اڳوڻي وزير اعظم جي گاڏي غلط جڳهه تي پارڪ ڪرڻ سبب سندس چالان ڪيو ويو پر هتي ان جو تصور به نٿو ڪري سگھجي ڇو ته اسان جي ملڪ ۾ ٻه قانون آهن،عام ماڻهن لاء هڪڙو ۽ طاقتور مافيائن لاء ٻيو.اهي ماڻهو نه روڊن تي لڳل سگنل جي ڳاڙهي بتيء جو خيال ڪندا آهن ۽ نه ئي نادرا،پاسپورٽ آفيس،بينڪن يا انڪم ٽيڪس آفيسن جي ٻاهران ڊگھين قطارن ۾ لڳندا آهن.قانون ته رڳو انهن جي پيرن جي زنجير بڻجي ٿو جيڪي پنهنجو ووٽ ڏيئي انهن صادقن ۽ امينن کي قانون جوڙڻ لاء مٿي موڪلين ٿا ۽ پنهنجي کيسي مان ٽيڪس ادا ڪري انهن کي ڳريون پگھارون ڏين ٿا.انهيء لاء تي اهي مٿي وڃي عوام جا مسئلا حل ڪن پر اهي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ بدران پاڻ عوام جي لاء وڏو مسئلو بڻجي وڃن ٿا! هاڻي اهو تماشو گھڻي عرصي تائين هلي نه سگھندو،قانون جا اهي ٻه منهن ختم ڪرڻا پوندا جيڪر اسان کي دنيا جي برادريء ۾ هڪ مهذب ۽ سنجيده قوم جي حيثيت سان جيئڻو آهي.طاقت ۽ اختيار جي زور تي اهڙي داداگيري ۽ جهالت اسان جو سڀ ڪجهه وڃائي ڇڏيندي ۽ اسان کي جهالت واري دور جي ڪا مخلوق شمار ڪيو ويندو.