ادب جي نوبيل انعام بابت اڀريل نئون تضاد!

'ڪالم' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏13 آڪٽوبر 2019۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ادب جي نوبيل انعام بابت اڀريل نئون تضاد!

    ممتاز بخاري

    دنيا ۾ ادب هڪ اهڙي دنيا آهي جيڪا پنهنجي تخليقي ۽ تحقيقي جوهرن سبب توڙي اختلافن سبب وڌيڪ پڙاڏي جو سبب بڻبي آهي. مختلف شعبن ۾ سوئيڊش اڪيڊمي هرسال انعام ڏيندي رهي ٿي جنهن ۾ ادب جو انعام به شامل آهي. اتي به جيڪڏهن وڌ ۾ وڌ اختلاف يا سياسي مداخلت سامهون آئي آهي ته اها ادب جي شعبي ۾ ئي آئي يا وري امن بابت انعام ۾، جيڪو پڻ ڪنهن نه ڪنهن ريت هن شعبي سان سلهاڙيل هوندو آهي جو ان جا اڪثر انعام ماڻيندڙ تقرير ۽ تحرير سان به واسطو رکندڙ هوندا آهن. گذريل ٽن سالن کان ته ادب جي انعام بابت وڏي گڙٻڙ رهي آهي. 2017ع ۾ جڏهن آمريڪا جي نغمانگار ۽ ڳائڻي باب ڊلن کي ادب جو انعام مليو ته ادبي دنيا ۾ وڏو شور مچي ويو ۽ ڪن ته ادب کي موسيقي جي انعام سان ڀيٽيو. اڳين سال ئي سوئيڊش اڪيڊمي جي ادب بابت ڪاميٽي ۾ جنسي حراسمنٽ وارو اسڪينڊل ڦاٽو جنهن ڪري 2018ع ۾ ادب جو نوبيل انعام ملتوي ڪيو ويو. 10 آڪٽوبر 2019ع تي ٻنهي سالن لاءِ ادب جي نوبيل پرائيز جو اعلان ڪندي 2018ع لاءِ پولينڊ سان تعلق رکندڙ پولش ٻوليءَ جي ليکڪا اولگا توڪارچ کي اهو اعزاز ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو ۽ 2019ع لاءِ جنهن اديب کي اهو اعزاز ڏيڻ جو اعلان ٿيو ان سان نوبيل پرائز بابت شديد اعتراض سامهون اچي ويا. اهو اعزاز آسٽريا جي ليکڪ پيٽر هينڊڪي کي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو. جتي دنيا جي مختلف اديبن ۽ ادب دوستن جي هڪ سٺي انگ هينڊڪي کي انعام ملڻ بابت سوشل ميڊيا تي حيرت جو اظهار ڪيو آهي ۽ ڪيترن شديد اعتراض پڻ ڪيو آهي، اتي دنيا جي وڏين اخبارن ۾ به ان انعام بابت شديد ردعمل ڇپيا آهن، خاص ڪري ”واشنگٽن پوسٽ“ ۽ ”دي گارجين“ جون اسٽوريون هينڊڪي جي شخصيت کي وائکو ڪندڙ آهن. مٿس الزام آهي ته جڏهن سربيا جي فوجن ميلازووچ جي صدارتي ڏهاڙن ۾ سرائيوو ۾ قتل عام پي ڪيو ته هن ان کي جائز پي قرار ڏنو. ڪيترن ئي اديبن ۽ فلاسافرن کانسواءِ ”لٽريچر ااينڊ هيومن رائٽس آرگنائيزيشن پين آمريڪا literature and human rights organization Pen America“ جي صدرجينفر ايگان Jennifer Egan جيڪو پاڻ مشهور ناونگار آهي، 10 آڪٽوبر خميس ڏهاڙي، سخت ردعمل ڏنو آهي. هن جو چوڻ هو ته اسان جي تنظيم اهڙن معاملن ناهي پوندي پر اها حيراني جهڙي ڳالهه آهي ته ماڻهن جي قتل کي درست قرار ڏيندڙ ۽ سربيا جي اڳوڻي صدر ميلازووچ ۽ بوسنيا جي سرب اڳواڻ رودوان ڪاردزڪ جهڙن قاتلن سان بيهندڙ ليکڪ کي اهڙو انعام ڏنو ويو آهي. هن چيو ته اسان اهڙي فيصلي کي رد ڪيون ٿا ڇو ته هن جو ذڪر جنگي ڏوهارين وارن ڪاغذن ۾ به موجود آهي.
    پنهنجي ناولن ۽ لکڻين ۾ انسان جي اندروني سوچن بابت ادب سرجڻ جي حوالي سان پنهنجو الڳ مقام رکندڙ آسٽريا جي شهر گريفن ۾ 1942ع ڌاري جنم وٺندڙ هينڊڪي يورپ جي سٺن ڊرامانگارن ۽ ناول نويسن توڙي تحقيقي ۽ ٻي نثري ادب ۾ سڃاڻپ رکندڙ آهي. کيس سٺو لکاري تسليم ڪندي اهو به چيو وڃي ٿو ته هو ويهه سال اڳ به ان انعام جو مستحق هيو پر سرائيوو جي قتلِ عام بابت سندس موقف بعد کيس اهڙي اعزاز لاءِ نامناسب سمجهيو ٿو وڃي ايستائين جو سلمان رشدي کي به سوئڊش اڪيڊمي جي ادب بابت ڪاميٽي يا سندس نامزدگيءَ لاءِ نالو ڏيندڙ تي حيرت ٿي آهي. هاڻي ته 2008ع ۾ سندس دوست ليکڪ ناولنگار جاناٿن لٽل جو 2008ع وارو بيان به گهڻو ورجايو ٿو وڃي ته: ”هو بهترين تخليقڪار ته هوندو پر انسان طور هو منهنجو دشمن آهي.“ مشهور اخبار ”دي گارجين“ ۾ 11 آڪٽوبر واري اسٽوري ۾ ليکڪ الين فنڪيلڪراٽ کيس ”نظرياتي بلا“ سڏيو آهي. مٿس سڄي دنيا جي مختلف شعبن جا ماڻهو ۽ تنظيمون تنقيد ڪري رهيون آهن.
    پيٽر هينڊڪي اسڪول جي زماني کان ئي لکڻ شروع ڪيو هو. سندس پهريون ناول 1965ع ۾ ڇپيو جيڪو انگريزي ۾ The Hornets جي نالي سان ڇپيو. بعد ۾ سندس ٻيا ناول ۽ مختلف موضوعن تي ڪتاب ۽ لکڻيون به ڇپيون. هن ڊراما ۽ فلمون به لکيون آهن. 1996ع ۾ سندس هڪ سفرنامو به مقبول ٿيو. هو 2006ع تائين يورپ ۾ سٺو مقبول هيو پر هن جي سرائيوو قتلِ عام تي راين جي ڪري شديد تنقيد جي ور چڙهي ويو.
    2018ع لاءِ نوبل پرائز ماڻيندڙ خاتون پولش ٻوليءَ جي ليکڪا اولگا توڪارچ آهي جيڪا پولينڊ جي شهر سولچيو ۾ 1962ع ڌاري پيدا ٿي. سندس پيءَ اسڪول جي لئبريري ۾ ڪم ڪندو هو ۽ سندس ماءُ اسڪول جي استاد هئي ان ڪري سندس ڪتابن سان انسيت جو ڪارڻ اڳواٽ ئي وجود هيو. هوءَ ننڍپڻ کان ڪتاب پڙهندي هئي. هن فلاسافي ۾ ماسٽر ڪئي. سندس پهريو ن ڪتاب ناول هيو جيڪو 1993ع ۾ ڇپيو. کيس شهرت سندس ٽين ناول Primeval and Other Times وسيلي ملي, اهو 1996ع ۾ ڇپيو. ناولن کانسواءِ هن جو ٻيون لکڻيون به مشهور ٿيون. 2018ع ۾ ادب جي انعام جو اعلان نه ٿي سگهيو هو جيڪو 2019ع ۾ ٿيو. ان بابت به اهي سوال اٿاريا پيا وڃن ته ڇا 2018ع ۾ به هوءَ نوبل پرائز ماڻي ها! هونئن به سوئڊش اڪيڊمي تي اها تنقيد عام آهي ته انهن هيل تائين رڳو 15 عورت ليکڪائن کي اهو اعزاز ڏنو آهي ۽ ٻيو ته يورپ کان تمام گهٽ ٻاهر جي ليکڪن کي اهو اعزاز ملي پيو. سياسي ۽ آمريڪي دٻاءُ جو به ذڪر عام آهي.

    mumtazbukhari@hotmail.com

    پنھنجي اخبار تان ورتل
     
    TAHIR SINDHI هيء پسند ڪيو آهي.
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ممتاز بخاري رڳو ڪاوش ڪي ٽي اين سان سلھاڙيل ھڪ عام صحافي نھ آھي، بلڪ سندس ڳوڙھي نظر عالمي ميڊيا ۽ عالمي ادب تي پڻ رھندي آھي تنھن ڪري سندس ھن ليک جي پنھنجي جاءِ تي وڏي اھميت آھي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو