• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

*تلور پکي جو شڪار اصل حقيقت*

zaheer hussain

سينيئر رڪن
تلور پکيءَ جو شڪار - اصل حقيقت

تحرير ظھير حسين ملوڪاڻي

عرب شھزادا جڏھن بہ شڪار تي ايندا آھن تہ اڪيلا ڇو ايندا آھن، انھن سان گڏ سندن خاندان وارا يا گھرواريون گڏ ڇو ناھن ھُونديون؟
انھن کي تلور پکي يا ھرڻ جو گوشت پسند ناھي پر اصل ڪھاڻي ڪجھ ايئن آھي تہ عرب شھزادا جڏھن شڪار گاه ۾ ايندا آھن تہ محل کان پري خيمہ بستي قائم ڪئي ويندي آھي، جتي ٻنپھرن کان پوءِ شڪار شروع ڪيو ويندو آھي، شڪار ۾ شڪرا گھوڙا، ڪُتا ۽ باز استعمال ٿيندا آھن، مغرب کان پھرين شڪار ختم ڪري مغرب جي نماز باجماعت ادا ڪئي ويندي آھي، جنھن کان پوءِ شڪار پچايو ويندو آھي، باربي ڪيو، ڪڙھائي، اسٽيم روسٽ سميت ڪيترن ئي قسمن جا طعام تيار ڪري عشاءَ کان پھرين کاڌا ويندا آھن، عشاءَ جي نماز باجماعت ادا ڪري شھزادا پنھنجن خيمن جو رُخ ڪندا آھن، جتي حُڪومت پاڪستان، مقامي انتظاميہ ۽ ماڻھن جي تعاون سان انھن شھزادن جي نفساني ھوس پوري ڪرڻ لاءِ ننڍي عمر جون مقامي ڇوڪرين کي پيش ڪيو ويندو آھي، انھيءَ ڳالھ جو خاص خيال رکيو ويندو آھي تہ ڇوڪريون مقامي مطلب پاڪستاني ھُجن جن جي عمر ٻارنھن يا چوڏنھن سالن کان مٿي نہ ھُجي، شھزادن کي پيش ڪرڻ کان پھرين انھن ڇوڪرين کي خاص تربيت ڏني ويندي آھي تہ شھزادن کي ڪنھن قسم جي مزاحمت يا پريشانيءَ کي منھن نہ ڏيڻو پوي، اندر جو ڳجھ تہ ڪير نٿو ڄاڻي تہ انھن ڇوڪرين سان ڇا ٿيندو ھوندو پر اھو ئي ٿيندو ھُوندو جيڪو ھڪ باز ڪنھن معصوم پکيءَ سان ڪندو آھي. ميجر صاحب ٻُڌايو تہ مون خيمن کان ٻاھر اُھي آواز ٻُڌا جيڪي ڪنھن عقوبت خاني مان ايندا آھن، ان تجربي کي ٻُڌائيندي ھڪ فوجيءَ جي اکين ۾ ڳوڙھا ھُئا، پاڻ سوچيو جتي ھڪ فوجيءَ جي ھمت جواب ڏيئي وڃي اُتي ظلم ڪيڏي انتھا تي ھُوندو، بربريت ڪيئن رقص ڪندي ھُوندي. شيخ زيد اسپتال جا ڊاڪٽر بہ ان ڳالھ جا شاھد آھن تہ ايمرجنسي ۾ اھي ننڍي عمر جون ڇوڪريون گھري اندروني زخمن جي وجہ سان ڪيترا ڏينھن اسپتالن ۾ گذارينديون آھن ۽ ڪي تہ پنھنجيون حياتيون وڃائي ويھنديون آھن.
منھنجو پوري قوم کان سوال آھي تہ ڇا اسان دلال آھيون يا ھي ملڪ ڪا ھيرامنڊي آھي، چند پئسن ۽ ويزائن جي انعامات جي عيوض اسين پنھنجيون نياڻيون وڪڻي ٿا ڇڏيون، ڪھڙي ڪم جو اسان جو ايٽم بم، ڪھڙي ڪم جي اسان جي آزادي جيڪا ھزارين جانيون ڏيئي حاصل ڪئي ھُئي، ڪيڏانھن ھلي وڃي ٿي اسان جي قومي غيرت جڏھن اھي شھزادا پاڻ ۾ ويھي پاڪستاني قوم جي عزت ۽ غيرت کي تار تار ڪن ٿا، اسين جن شھزادن جي جھڪي سلامي ڀريندا آھيون، انھن جو پورو ملڪ پاڪستان جي ڪنھن ھڪ شھر کان بہ ننڍو ھُوندو ۽ ڪمزور ايترو جيڪڏھن رڳو ھڪ برگيڊ فوج موڪلي وڃي تہ جنگ وڙھڻ کان سواءِ ھٿيار ڦٽا ڪري ڇڏين پر منھنجي خيال ۾ ڏوھ انھن شھزادن جو ناھي ڏوھ اسان جو آھي ڇوتہ جڏھن اسان قومي عزت ۽ غيرت کي ٿالھ ۾ رکي بازار ۾ بيھنداسين تہ خريدار تہ ڪوئي ڀي ٿي سگھي ٿو، ايتري بي عزتي ۽ خواريءَ کان پوءِ اسان کي اھو ايٽم بم پنھنجي دارالحڪومت ۾ رکي ھلائي ڇڏڻ گھرجي شايد ھتي ٻيھر جيڪا قوم آباد ٿئي تہ اھا اسان وانگر ھن ڌرتيءَ تي بوجھ نہ ھُجي...

اردو صفحي تان ترجمو ٿيل...bbc sindhi تان ورتل
 
Back
Top