ماضيء جو آئينو؛ سوات جي خوبصورت واديء جو تاريخي جائزو.

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏14 آڪٽوبر 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    سوات جي وادي پنهنجي فطري سونهن سبب بيشڪ پاڪستان جو هڪ خوبصورت ترين علائقو آهي.ان جا قدرتي نظارا،شفاف نديون،جادوئي ڍنڍون،بلند جھرڻا،شور ڪندڙ درياء ۽ رونق ڀريا ميداني علائقا هر شخص جو من موهي وٺن ٿا.سوات جي تاريخ تي جيڪر نظر وڌي وڃي ته ان زميني خطي جو ذڪر قديم ترين ڪتابن ۾ به اچي ٿو جن ۾ ان کي ”اديانا“ جي نالي سان سڏيو ويو آهي جيڪو سنسڪرت جو لفظ آهي جنهنجي معنيٰ آهي ”باغ“.انهيءمان ظاهر آهي ته هي علائقو پراڻي وقت کان ئي پنهنجي سونهن ۽ زرخيزيء جي لحاظ کان نرالو رهيو آهي.ان جي ان حسن ئي ٻاهرين حملا آورن کي سندس طرف منهن ڪرڻ تي اڀاريو۽ سندس اها سونهن ئي هن لاء مصيبت بڻي رهي.ڪڏهن کيس ايرانين ته ڪڏهن يونانين لتاڙيو.ٻڌ جي پيروڪارن کي به هي علائقو گھڻو پسند رهيو.سڪندر اعظم جي دور ۾ يوناني مورخن هن علائقي کي ”سواستو“ سڏيو هو جيڪو لفظ بعد ۾ ”سوات“ بڻجي ويو.تاريخ جي ڪنهن به دور ۾ وادي سوات ۾ ڪنهن منظم حڪومت جي قيام جي ڄاڻ نٿي ملي البت ٻڌمت جي دور ۾ ڪنهن حڪومت جي جوڙجڪ جو ڌنڌلو عڪس نظر اچي ٿو جنهن دوران علائقي ۾ سڙڪن جو بنياد وڌو ويو،نيون نيون آباديون عمل ۾ آيون ۽ هڪ ڀرپور تهذيبي،سماجي ۽ مذهبي زندگيء جي شروعات ٿي.ان کان پوء ٿوري عرصي لاء هن سرزمين تي هندو شاهيا به ان وقت پنهنجو جھنڊو بلند ڪيو جڏهن يوسفزئي قبيلو هاڻوڪن علائقن کان پري افغانستان ۾ آباد هو.تنهن هوندي هندو شاهيا جوڏيئو هتي گھڻو وقت روشن نه رهي سگھيو ۽ سلطان محمود غزنويء جي فوجن هٿان انهيء جو خاتمو ٿيو.سوات جي سرزمين اهڙن ئي واقعن سان منهن ڏيندي رهي.وقت گذرندو ويو.مغلن،درانين،سکن ۽ انگريزن هڪ هڪ ٿي پنهنجي طاقت آزمائي ڏٺي پر انهن مان ڪوبه حملا آور هن علائقي تي پنهنجي حڪومت قائم نه ڪري سگھيو.نيٺ 1850ع ۾ سيد اڪبر شاه باقائدي هڪ شرعي حڪومت قائم ڪري ورتي پر سندس وفات بعد سوات وري قبائلي دور ۾ هليو ويوايستائين جو 1914ع ۾ سيد عبد الجبار شاه کي سوات جي واڳ حوالي ڪئي ويئي پر قادياني مسلڪ سان تعلق هئڻ سبب کيس معزول ڪيو ويو ۽ 1917ع ۾حضرت عبدالغفور اخوند صاحب سوات جي اولاد مان ميان عبدالودود هڪ مضبوط حڪومت جو بنياد وڌو جنهن اڳتي هلي هڪ فلاحي رياست جي شڪل اختيار ڪئي.326 قبل مسيح ۾ جڏهن سڪندر اعظم افغانستان پار کان هندستان تي حملو ڪرڻ ويو ته ان وقت سوات،دير،بونير،جندول ۽ باجوڙ جا رهاڪو ٻڌ مذهب جا پيروڪار هئا.ڪنڙ جي واديء مان نڪري سڪندر باجوڙ جي علائقي ۾ داخل ٿيو.

    [​IMG][​IMG][​IMG]
    محققن مطابق باجوڙ يا سوات ويجھو ڪا آبادي هئي جتي سخت جنگ وڙهي ويئي ۽ اها شايد پاڪستان جي سرزمين تي سڪندر اعظم جي پهرين باقائدي جنگ هئي.نون مهينن جي جنگ بعد اتان جي رهاڪن کي شڪست ٿي جنهن بعد سڪندر اعظم کي سوات جي هڪ ٻي مضبوط طاقت ”اسڪانين“ سان مقابلو ڪرڻو پيو پر اسڪانين کي به شڪست ڏيڻ بعد سڪندر ”مساگا“ طرف وڌيو.تاريخدانن موجوده ”منگلور“ کي مساگا قرار ڏنو آهي جيڪو سوات جو هڪ مشهور ڳوٺ آهي. هتان ڪيترائي قديم آثار مليا آهن جن ۾ سڪندر جي دور جا سڪا به شامل آهن. سڪندر اعظم جي حملي بعد 304 قبل مسيح ۾ جڏهن سندس مشهور جرنيل”سلوڪيس“ ٻيهر هندستان تي حملو ڪيو ته هن سنڌو درياء جي هن پار فتح ڪيل علائقي جن ۾ سوات،بونير وغيره جا علائقا به شامل هئا،هندستان جي راجا ”چندر گپتا“ جي حوالي ڪري ڇڏيا.چندر گپتا انهن علائقن جي رهاڪن کي پوري مذهبي آزادي ڏني ۽ انهن تان اجايون پابنديون ختم ڪري ڇڏيون.چندر گپت موريا ٻڌمت قبول ڪري ورتو هو،هن ٻڌمت جي پرچار ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو پر سندس گھڻو ڌيان هندستان جي ٻين علائقن تي رهيو جنهن ڪري گنڌارا ( سوات،بونير،مردان،چارسده ۽ ٽيڪسيلا وغيره) ۾ ٻڌمت جي ڪنهن غير معمولي سرگرميء جي ڄاڻ نٿي ملي.گنڌارا ۾ چندر گپت جي پوٽي ”اشوڪ“ جي دور ۾ٻڌمت کي ترقي ملي پر اشوڪ جي وڃڻ بعد ٻڌمت جو زوال شروع ٿي ويو.وري هندومت مٿو مٿي کنيو.سوات پراڻي دور ۾ ان وقت ترقي ڪئي جڏهن هتي ٻڌمت کي عروج حاصل هو.چيني سياح ”هيون سانگ“ ان وقت هن علائقي جي ايراضي اٽڪل 833 ميل ظاهر ڪئي آهي .ٻڌمت جا جيترا قديم نشان سوات ۾ مليا آهن ايترا پاڪستان جي ڪنهن ٻئي حصي ۾ ناهن مليا.سوات ۾ ٻڌمت جا مشهور آثار بٽ ڪڙو،نجي گرام،اوڊي گرام،بري ڪوٽ ۽ جهان آباد وغيره جي هنڌن تي مليا آهن. يارهين صديء جي شروع م جڏهن سلطان محمود غزنويء افغانين جي لشڪر جي مدد سان هندستان تي حملا شروع ڪيا ته افغاني لشڪر جي سردار پير خوشحال سوات جي غير مسلم بادشاه “گيرا“ کي زبردست شڪست ڏني ۽ سوات ۾ اسلام جي روشني پکيڙي.ان جنگ ۾ پير خوشحال پاڻ به شهيد ٿيو هو جنهنجي مزار سوات جي مشهور تاريخي ڳوٺ اوڊي گرام ۾ آهي.

    سوات جا قديم رهاڪو جيڪي سواتي پٺاڻ سڏائيندا هئا سوات مان لڏي ضلع هزارا ۾ آباد ٿيا هئا جيڪي اڄ به اتي آباد آهن تن جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته اهي محمود غزنويء جي دور حڪومت ۾ اتي آباد ٿيا هئا.1516ع ۾ مغل بادشاه بابر جڏهن افغانستان کان هندستان تي حملو ڪرڻ وڃي رهيو هو ته رستي ۾ ڪيئي قبيلا سندس مزاحمت ۾ آيا جڏهن هو خيبر پهتو ته سندس اندازن جي ابتڙ کيس اهڙن ماڻهن سان واسطو پيو جيڪي بهادري ۾ پنهنجي سرزمين تان سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ لاء تيار هئا پر بابر به آڻ مڃڻ وارو نه هو.هن وقتي طور تي هندستان تي حملي جو ارادو ترڪ ڪيو ۽ پهريائين قبائلين سان ٻه هٿ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.ان سلسلي ۾ هن جي پهرين نظر يوسفزئين تي پيئي پر هو يوسفزئين کي مڪمل طرح ختم ڪري نه سگھيو.جنهن کان پوء يوسفزئين جي سردار شاه منصور جي ڌيء ”بيبي مبارڪه“ سان شاديء کان پوء يوسفزئين ۽ بابر جي وچ ۾ مفاهمت ٿي ويئي ۽ يوسفزئي قبيلي جا ڪيترائي جنگجو بابر جي فوج ۾ شامل ٿي ويا.اهڙيء طرح بابر هتان ٿيندو هندستان فتح ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو.بابر جي مرڻ بعد همايون سوات کي تلوار جي زور تي فتح ڪرڻ گھريو پر هو ڪامياب نه ٿي سگھيو.

    شاه منصور جي وفات بعد بايزيد انصاري پير روشن وزيرستان،تيراه،پشاور،دير،بونير ۽ سوات ۾ مذهبي رنگ ۾ اقتدار حاصل ڪيو،هن پنهنجي مريدن جو باقائدي لشڪر جوڙيو.هندستان جي مغل بادشاه اڪبر جڏهن دين الاهيء جي نالي سان نئون مذهب جوڙيو ته بايزيد انصاريء اڪبر خلاف مهم شروع ڪئي.1585ع ۾ جڏهن اڪبر اعظم جي فوج مان سنگهه جي اڳواڻيء ۾ ڪابل وڃي رهي هئي ته ان وقت سنڌو درياء ۽ ڪابل جي وچ وارن علائقن جا قبائلي اڪبر جي سخت خلاف ٿي ويا.جڏهن شاهي لشڪر پشاور پهتو ته يوسفزئي ۽ منڊر قبيلن ڪابل جي اترئين طرف کان جڏهن ته بايزيد روشن سنڌو درياء جي الهندي طرف کان شاهي لشڪر تي حملو ڪيو،ان حملي م شاهي لشڪر جي اٺن هزار ماڻهن مان ڪجهه قتل ٿيا،ڪجهه زخمي ٿيا ۽ قبائلي انهن جو مال ۽ سامان کسي هليا ويا.1585ع جي آخر ۾ جڏهن پير روشن تيراه هليو ويو ته اڪبر جي صوبيدار محسن خان ڪابل کان پير روشن تي فوج ڪشي ڪئي.پير روشن فوج جو مقابلو ڪيو پر لڙائيء دوران هو بيمار ٿي پيو۽ بيماريء جي حالت ۾ تيراه مان ڀڄي بونير هليو ويو جتي سندس وفات ٿي.پير روشن بعد ان جو پٽ جلاله پنهنجي پيء جو جانشين بڻيو ۽ مغلن خلاف جنگ جاري رکيائين.1586ع ۾ اڪبر زين خان ۽ بيربل جي اڳواڻيء ۾ هڪ وڏي فوج يوسفزئين کي قابوء ۾ آڻڻ لاء موڪلي.اڪبر جي لشڪر بونير تي حملو ڪيو.ان حملي م شاهي فوج کي سوات ۽ بونير جي يوسفزئي قبيلن ۽ جلاله زبردست شڪست ڏني.اڪبر جو درباري بيربل ڀڄندي ماريو ويو ۽ ان کان سواء اٺ هزار سپاهي قتل ٿيا.اورنگزيب جي دور کان 1748ع تائين بونير ، سوات ۽ باجوڙ پوريء طرح آزاد رهيا.1749ع ۾ جڏهن افغانستان جو بادشاه احمد شاه دراني هندستان م مغل سلطنت کي مرهٽن کان بچائڻ لاء دهليء وڃي رهيو هو ته سوات ۽ بونير وغيره جي قبيلن پنهنجي مرضيء سان احمد شاه درانيء جي بيعت ڪئي ۽ هن سان جنگ ۾ شامل ٿي ويا.1823ع ۾ جڏهن سردار عظيم خان گورنر ڪشمير سکن تي حملو ڪيو ته يوسفزئي قبيلن جي لشڪر درانيء سان گڏجي ان جو ساٿ ڏنو.ان جنگ بعد امير دوست محمد خان جي ڀائرن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي جنهن سبب ڪشمير ۽ پشاور تي سک قبضو ڪري ويا.يوسفزئي قبيلا ڪابل جي سردارن سان بدظن ٿي خودمختيار بڻجي ويا ۽ سکن خلاف جدوجهد شروع ڪري ڇڏي.درانين جي وڃڻ بعد پشاور ۾ سيد احمد شهيد اقتدار ۾ آيو جنهن سکن خلاف جنگ جو اعلان ڪيو.يوسفزئي قبيلن جو لشڪر به احمد شهيد سان شامل ٿي ويو پر بد قسمتيء سان احمد بريلويء سان مذهبي اختلافن سبب سوات جا قبيلا سيد احمد شهيد کان جدا ٿي ويا.سيد احمد بريلويء جي شهادت بعد سوات ۽ بونير ۾ اخون صاحب ( سيدو بابا) جو تسلط قائم ٿيو.1839ع ۾ جڏهن مهاراجا رنجيت سنگهه مري ويو ته ترت ئي سکن جو زوال اچڻ شروع ٿيو ۽ انهن ۾ ايتري طاقت نه رهي هئي جو اهي سوات تي حملو ڪري سگھن.1849ع ۾ جڏهن سک شاهي ختم ٿي ۽ انگريزن قبضو ڪري ورتو ته سوات جي اتمان خيل قوم انگريزن تي حملو ڪري ڏنو پر اهو حملو ناڪام ويو.سوات صدين کان قبائلي دور مان گذري رهيو هو ته 1850ع ۾ اخون صاحب سوات (سيدو بابا) سوات ۽ بونير جي رهاڪن جي صلاح سان سٿاني جي رئيس سيد اڪبر شاه کي سوات جو بادشاه چونڊيو.جديد سوات جي پهرين شرعي حڪومت جي گاديء جو هنڌ ”موضع غاليگي“ بڻيو.اسلامي شريعت جي نالي سان حڪومت ڪم شروع ڪيو.ان دوران هندستان جي جنگ آزادي 1857ع شروع ٿي.ان وقت جڏهن ان جنگ جون خبرون سرحد جي سرزمين ۾ پهچڻ لڳيون هيون،11 مئي 1857ع تي سيد اڪبر شاه گذاري ويو. سندس وفات بعد پهرين حڪومت جو به خاتمو ٿي ويو.انگريزن کي ان حڪومت مان خطرو محسوس ٿي رهيو هو جنهنجواندازو سر هربرٽ ايڊورڊ جي هنن لفظن مان لڳائي سگھجي ٿو.هو لکي ٿو ؛ جيڪر سوات ۾ شرعي حڪومت ۽ جنگجو قبيلن جو سربراهه سيد اڪبر شاه زندهه هجي ها 1857ع واري جنگ جو نقشو ڪجهه ٻيو هجي ها.“
     
    آخري ترميم: ‏16 آڪٽوبر 2019
  2. zaheer hussain

    zaheer hussain
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 آگسٽ 2019
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    29
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    تمام بهترين معلومات
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو