• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌسلامت سٿ کي “شاه لطيف ايوارڊ” سان نوازيو ويو

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
السلام عليڪم ساٿيو!
توھان سڀني کي اِھو ٻڌائيندي خوشي ٿي رھي آھي تہ، سنڌ حڪومت جي ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتي پاران ھر سال جيان ملھائجندڙ ”شاھ عبداللطيف ڀٽائي رح“ جو 276 ھون عُرس مبارڪو ملھايو ويو. ثقافت کاتي پاران سنڌسلامت سٿ جي ڪاوشن کي ساراھيندي، ان جي حوصلہ افزائي لاءِ سٿ کي ”لطيف ايوارڊ 2019“ سان پڻ نوازيو ويو، سنڌ سلامت سٿ لاءِ "شاھ لطيف ايوارڊ 2019ع" وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه هٿان سنڌسلامت جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد سليمان وساڻ ۽ مون وصول ڪيو.
ايوارڊ ڪميٽي ۽ وزير ثقافت ۽ سياحت سيد سردار علي شاهه جون مھربانيون جن جديد ٽيڪنالوجي جي ضرورتن کي سمجهيو ۽ شاھ لطيف جي پيغام کي ڊجيٽل تحقيقي ڪم تي اوارڊ جو سلسلو شروع ڪيو جنھن جي ھن سال هي ٽين ڪڙي آهي.

 
ماشاء الله هي تمام وڏو اعزاز آهي سنڌ سلامت جي سٿ لاء. محنتي دوستن جي اڻٿک محنت جو نتيجو آهي، جيڪي بنا ڪنهن مفاد جي سنڌي ٻوليء جي خدمت لاء پاڻ پتوڙي رهيا آهن.
تمام دوستن کي مبارڪون پيش ڪجن ٿيون.
 
Back
Top