سارنگ جويو
سينيئر رڪن
سنڌوءَ جون سلطنتون ڪتاب تي تبصرو
سارنگ جويو
سنڌوءَ جون سلطنتون ھڪ ناياب ڪتاب Empires of Indus جو شاندار ترجمو آھي، ھن جي ليکڪہ ايلس ايلبائنيا ڪمال جي ليکڪہ ۽ ريسرچر آھي، ھن سنڌو درياءَ جو سير ڪراچيءَ کان تبت ۽ لداخ تائين ڪيو آھي، جنھن سير دوران ھن سنڌ، پنجاب، خيبر پختونخواھ، افغانستان، انڊيا ۽ چائنا جي ملڪن جو سفر ڪيو آھي، جيڪو ھن جو ھڪ ناياب تاريخي مُشاھداتي ۽ تحقيقي سفر آھي، ھوءَ ھڪ حساس دل رکندڙ ۽ حقيقتن جي پروڙ رکندڙ ڏات جي ديوي آھي، جيڪا سنڌو درياءَ ۽ ان جي ڪناري تي آباد ٿيندڙ سنڌو تھذيب جي ديواني آھي، ان عشق ھن کي اھو ڏُکيو ۽ موتمار سفر ڪرڻ تي مجبور ڪيو. ھن پنھنجي سفر جي شروعات ڪراچيءَ جي سامونڊي ڪناري کان سنڌ جي ٻيڙياتن سان ڪئي، پر ڪراچيءَ ۾ رھڻ دوران ھن ورھاڱي بابت اصل حقيقتن تان پڻ پڙدو کنيو آھي ۽ ان سان گڏ ھيٺئين پيڙھيل طبقي بابت لکيو آھي، پوءِ اھو گٽر صاف ڪندڙ عيسائي نوجوان ۽ ان جي فئملي ھُجي يا وري بدين جي شيدي ڪميونٽي ھُجي، ھن انھن جي رھڻي ڪھڻي، انھن جي ريتن رسمن ۽ انھن جي سماجي مسئلن تي پڻ لکيو آھي. ھن ڪراچي جي سامونڊي ڪناري کان ڪيٽي بندر ۽ شاھبندر جو سفر ڪيو ۽ اُتان کان ھن پنھنجي سفر جي شروعات سنڌو درياءَ ذريعي ڪئي پر سنڌوءَ جي سوڪھڙي واري حالت ڏسي ھن جي اکين ۾ ڳوڙھا ھُئا ۽ ھن پنھنجو اھوَ سفر ڪڏھن گاڏي ذريعي ۽ ڪڏھن سنڌو درياءَ ذريعي پئي ڪيو. ھيءَ بدين کان حيدرآباد سنڌ جي انمول ڪردار ۽ ليکڪ محمد صديق مسافر جي گھرڀاتين سان ملڻ آئي ۽ انھن سان رھي محمد صديق مسافر بابت ڄاڻ ورتي ۽ ان کان پوءَ ھوءَ ٻيھر پنھنجي سنڌوءَ جي سفر تي رواني ٿي. ھن ان سفر ۾ وڏين مشڪلاتن کي مُنھن ڏنو ۽ ھن رياست جي اُرھ زوراين تي ڪمال جو لکيو آھي، خاص طور تي سنڌو درياءَ مٿان غير قانوني طريقي سان قائم ڪيل ڊئمن ۽ ڪئنالن جو ذڪر ڪندي ھوءَ روئي ويھي ٿي ۽ اھو ٻُڌائي ٿي تہ ڪھڙي ريت سنڌوءَ مٿان منگلا ڊئم، چشما لنڪ ڪئنال، ٿل ڪئنال ۽ ٻيا ٺاھي سنڌوءَ جي پاڻيءَ کي سُڪايو ويو آھي ۽ ڊائون اسٽريم ۾ وڏي عرصي کان پاڻي نہ پوڻ ڪري سنڌ جي سموري ڊيلٽائي تھذيب ڪيئن نہ تباھ ٿي وئي آھي، اتان جي لکين ماڻھو لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آھن، سوين مڇين جا قسم مٺي پاڻيءَ جي نہ اچڻ جي ڪري ختم ٿي چُڪا آھن، تمر جا ٻيلا تباھ ٿي ويا آھن ۽ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي پيو. ھيءَ سنڌو درياءَ جو اھو سفر ڪري جڏھن اٽڪ پھچي ٿي ۽ پوءِ اتان افغانستان ۽ خيبرپختونخواھ جي خطرناڪ علائقن مان سفر ڪري ٿي، جتي ھوءَ طالبانن جي حملن کي ذري تان بچي ٿي ۽ وري واپس خيبرپختونخواھ اچي ٿي ۽ اتي مُلان سميع الحق کان انٽرويو وٺي ٿي ۽ اھڙا تہ راز فاش ڪري ٿي جو اسان جا چڱا ڀلا دانشور اھي ڳالھيون لکڻ تہ پري جي ڳالھ پر سوچيندي بہ ڏڪندا آھن. ھوءَ لکي ٿي تہ طالبانن کي ھتان جي ۽ آمريڪا جي فوج پالي ٿي ۽ انھن کي ھٿيار فراھم ڪري ٿي نہ صرف اھو پر ھوءَ اھو لکندي بہ نہ تہ ھٻڪي تہ اھي طالبان ملان آمريڪي شراب جا شوقين ۽ ڇوڪرن جا شوقين آھن ۽ انھن سان زيادتي پڻ ڪندا آھن. ايلس نہ صرف سنڌوءَ جو سفر ڪرڻ پئي چاھيو پر ان سان گڏ ھوءَ، سڪندر يوناني جنھن رستي تان سنڌ آيو ان رستي تي سفر ڪرڻ پئي چاھيو، جنھن لاءِ ھوءَ سنگلاخ جي ڏُکين پھاڙين تان بہ ھلي، چائنا بہ وئي ۽ جتي ھن چائنا پاران سنڌو درياءَ مٿان ٺاھيلھڪ وڏو ڊئم دارچين علائقي ۾ ڏٺو، جنھن کي ڏسندي ھوءَ روئي پئي ۽ سنڌوءَ جي ماضيءَ کي ياد ڪرڻ لڳي ٿي ۽ ان کان پوءِ وزيرستان، لداخ ۽ ڪيلاش پربت ڏانھن وڃي ٿي، جنھن رستي تي ھوءِ ٻُڌ جي مجسمن کي ٽُٽل ڏسي ٿي ۽ مذھبي انتھاپسنديءَ جو شڪار ٿيل انھن مجسمن جي ڪاريگري کي ڏسي ٻُڌ جي تعليم کي ياد ڪري ٿي ۽ اڳيان وري پھاڙين جي وچ ۾ وڏا پٿر لڳل ڏسي ٿي ۽ ڪيلاش جي ان قبيلي جو ذڪر ڪري ٿي، جتي جون عورتون ھڪ کان وڌيڪ شاديون ڪن ٿيون ۽ ھوءَ خودمختيار ۽ آزاد آھي. مون پنھنجي زندگيءَ ۾ چند ناياب ڪتاب پڙھيا، جن مُنھنجي زندگيءَ ۾ وڏي تبديلي آندي، انھن ڪتابن مان ھڪ ڪتاب ھيءُ ”سنڌوءَ جون سلطنتون“ پڻ آھي.