اُهو لنڊن جو هڪ ريلوي پليٽفارم هو. ريل گاڏي ڇُٽڻ واري هئي ۽ مسافر تڙ تڪڙ ۾ ريل گاڏئَ ۾ چڙهي رهيا هئا. انهن مسافرن ۾ ٻه ڄڻا سنڌ جا به هئا انهن مان هڪ ڄڻو ته صحيح گاڏي ۾ چڙهي ويو ۽ ٻئي کي جيڪو گاڏو مليو ان ۾ چڙهي پيو اندر پهچي ڇا ڏسي ته سڄي ٽرين ۾ هڪ اڪيلي ڇوڪري ويٺل آهي. گاڏي به هلڻ لڳي. هاڻي ڇا ڪري؟ هو هڪدم اُن ڇوڪري کي پٺي ڏئي دروازي ڏانهن منهن ڪري بيهي رهيو. ڇو؟؟؟ سندس ڳوٺ ۾ اهو رواج هو ته جڏهن به ڪنهن گھٽئَ مان عورتون لنگھنديون هيون تڏهن انهن جي اڳيان ڪو ٻار يا مائي (( پاسي پاسي )) چوندا هلندا هئا ۽ مرد ماڻهو ڀت ڏانهن منهن ڪري بيهي رهندا هئا جيستائين اهي عورتون لنگھي نه وينديون هيون سو هن به اُهائي پنهن ڳوٺ واري پَر پاري. اجنبي دوشيزه کيس ويهڻ لاءِ گھڻو ئي چوندي رهي پر هُن کان رڳو ايترو ئي اُڪليو ته (( سائڻ ، معاف ڪجو مان پرديسي آهيان. ڀُل سان هن گاڏي ۾ چڙهي پيو آهيان. ريل بيهي ته لهي ويندس!)) هن جي ان شرافت ۽ سادگئَ انهئَ اجنبي دوشيزه جي جئَ ۾ جاءِ جوڙي ورتي. ان پرديسي جو نالو امداد علي هو ۽ سندس پئُ جو نالو امام علي انصاري هو. ان جو جنم دادو ضلعي جي تاريخي ڳوٺ پاٽ شريف ۾ 9 اپريل 1886 ع تي ٿيو. جيڪو بعد ۾ علامه آءِ آءِ قاضي جي نالي سان ۽ اُها اجنبي دوشيزه مادام ايلسا گرٽرو ڊولش هئي جيڪا پوءِ (( امڙ ايلسا قاضي )) جي نالي سان سنڌ جي علمي ادبي حلقي ۾ مشهور ٿيا. ان حُسن اتفاق کان ترت ئي پوءِ علامه صاحب سان سندس شادي 1910 ع تي جرمنئَ ۾ ٿي. ننڍڙو امداد اڃا اسڪول وڃڻ واري وهئَ کي پهتو ته سندس پئُ کي حيدرآباد ۾ مختيارڪار مقرر ڪيو ويو. تن ڏينهن حيدرآباد ۾ آخوند عبدالعزيز جو مڪتب مشهور هو. علامه صاحب کي انهئَ مڪتب ۾ پڙهڻ لاءِ موڪليو ويو. پاڻ اٺن سالن جي عمر ۾ مسجد جي مؤذن جا فرض پڻ سرانجام ڏيندو هو. علامه صاحب ڏهن سالن جي عمر تائين ڪنهن به سرڪاري اسڪول ۾ داخل نه ٿيو. جڏهن باقاعدي اسڪول ۾ داخل ٿيو. تڏهن به آخوند عبدالعزيز ساڻس گڏ هوندو هو. ته جيئن هو عام ٻارن ۽ ماڻهن سان نه ملي سگھي. علامه صاحب جي اڪثر تعليم خانگي طور تي ٿي. 18 سالن جي عمر ۾ پرائيوٽ اميدوار جي حيثيت سان سنڌي ورنيڪيولر فائنل جو امتحان پاس ڪيائين. جنهن ۾ فارسئَ ۾ پهريون نمبر آيو. 1905ع ۾ بمبئي يونيورسٽئَ مان مئٽرڪ به خانگي طور تي پاس ڪيائين. ان کان پوءِ کيس اعليٰ تعليم پرائڻ لاءِ عليڳڙھ مسلم يونيورسٽئَ ۾ داخل ڪرايو ويو. 1907ع ۾ علامه صاحب جو ماسات سيٺ عبدالقادر حافظ بئريسترائٽ لاجي سَنَدَ حاصل ڪرڻ لاءِ انگلنڊ وڃي رهيو هو ته علامه صاحب که به عليڳڙھ مان گھرائي ساڻس گڏ انگلنڊ روانو ڪيو ويو. لنڊن ۾ علامه صاحب پهريون هڪ سال خانگي طور تي (( اقتصاديات )) جو اڀياس ڪيو. ٻئي سال لنڊن اسڪول آف ايڪنامڪس ۾ داخلا مليس. اتي ڊاڪٽري ڪَئنن سندس استاد هو. ان سان گڏوگڏ پاڻ ڊاڪٽر آرنلڊ کان نفسيات ۽ پروفيسر هابهائوس کان عمرانيات ۾ تعليم پرائيندو رهيو. (( طبيعات)) ۽ (( حياتيات )) جو پڻ پنهنجي ليکي اڀياس ڪندو رهيو. جامع الازهر جي استاد شيخ گوما کان سواءِ ڊاڪٽر ٽريٽن عربئَ ۾ سندس استاد رهيا. 1911ع ۾ علامه صاحب کي لِنڪُنس اِن مان پارائٽ لا ڪرڻ لاءِ ڪوٺ ڏني وئي. جتان اها سَنَدَ حاصل ڪري، وطن موٽي آيو. پر سُتت ئي لنڊن موٽي ويو. اتي رهي وڪالت ڪرڻ بدران پنهنجي تحقيقي ڪم کي ترجيح ڏنائين. 1919ع ۾ علامه صاحب سنڌ ۾ مستقل طور رهڻ لاءِ آيو ۽ ٽنڊي محمد خان ۾ مئجسٽريٽ مقرر ٿيو. پوءِ حيدرآباد ۾ سب جج هو ته خيرپور ميرس ۾ سيشن جج جي نئين عهدي تي ڏهن سالن لاءِ مقرر ڪيو ويو پر عدالتي معاملن ۾ رياستي اختيارين جي مداخلت سبب ٻن سالن کان پوءِ استعيفا ڏئي لنڊن هليو ويو. پاڻ لنڊن ۾ اسلام جي تبليغ لاءِ هڪ مرڪز قائم ڪيائين جنهن کي (( جميعة المسلمين )) نالي هڪ جماعت هلائڻ لڳي. پاڻ لنڊن ۾ اسڪول آف اورينٽل اسٽڊيز ۾ سنڌي پڙهائڻ شروع ڪيائين. کيس (( پوئٽري سوسائٽي آف انگلنڊ )) جو نائب صدر ۽ ((فلاسافيڪل سوسائٽي آف انگلنڊ )) جو تاحيات ميمبر مقرر ڪيو ويو. علامه صاحب کي سنڌي مسلمانن جي تعليمي، سماجي ۽ اقتصادي بدحالئَ تي ڏاڍي ڳڻتي هئي. ان ڏس ۾ هو سياستدانن آڏو عمل جوڳيون رٿون ۽ بنا اجوري پنهنجون عملي خدمتون پيش ڪندو رهيو. 1924ع ۾ لنڊن مان موٽي اچڻ تي جناح ڪورٽس ڪراچئَ جي مسجد ۾ پيش امام ٿي جمعي جو خطبو پڙهندو هو. سندس خطبي ٻڌڻ لاءِ عالم استاد توڙي نوجوان شاگرد اچي گڏ ٿيندا هئا. 1935ع ۾ مولانا ظفر علي خان جي سهڪار سان ڪراچئَ ۾ (( انجمن تبليغ اسلام )) قائم ڪيائين. انهن ڏينهن کي ياد ڪندي پروفيسر اڪرم انصارئَ لکيو آهي ته ( هو انسانيت جو هڪ عظيم استاد هو. اسان سندس ليڪچر ۽ خطبا چاليهن جي ڏهاڪي ۾ ٻڌا. آچر جي ڏينهن اسان وٽ ايندو هو ۽ مختلف موضوعن تي تقرير ڪندو هو. اسان کي پتو نه پوندو هو، ته ڪو موڪل جو ڏينهن آهي. کيس ٻڌڻ کان مٿي وقت جو ڪهڙو بهتر استعمال ٿي سگهي ٿو! اسين کيس غور سان ٻڌندا هئاسين ۽ اسان کي ائين محسوس ٿيندو هو، ته اسين بلندئَ طرف وڃي رهيا آهيون. هو اسان کي جمعي ۽ عيد نماز پڙهائيندو هو. سندس وعظ سان روح کي جنبش ۽ دل کي تحريڪ نصيب ٿيندي هئي ) علامه آءِ آءِ قاضي جيتوڻيڪ ڳچ عرصو انگلنڊ ۾ رهيو ۽ هميشه سوٽ بوٽ پائيندو هو، پر سندس روح سدائين مشرقي رهيو. علامه صاحب جو مطالعو ڏاڍو وسيع هو. مذهب، سائنس، فلسفي، ادب، شاعري، آرٽ، تاريخ ۽ تمدن، لغت ۽ منطق، نفسيات ۽ تصوف تي سندس گھري نظر هئي. پاڻ انهن علمن جي ڏاڍي نرمئَ سان ۽ سادي پيرائي ۾ تشريح ڪندو هو. سندس ذڪر ۽ فڪر جو محور قرآن شريف هو. پاڻ قرآن شريف کي سڄي انسان ذات لاءِ هدايت جو سرچشمو سڏيندو هو. قرآن شريف کان پوءِ علامه صاحب جو وڏي ۾ وڏو ماخذ (( شاهه جو رسالو )) آهي. پاڻ (( شاهه جو رسالو )) ترتيب پڻ ڏنو اٿس ۽ ايلسا قاضئَ جي شاه جي چونڊ بيتن جي انگريزي ڪتاب جو مهاڳ پڻ لکيو اٿس. چون ٿا ته علامه صاحب زندگئَ جي آخري ڏينهن ۾ لاکيڻي لطيف جو ((سُر سهڻي)) گھڻو پڙهندو هو. علامه آءِ آءِ قاضي صاحب جو وڏي ۾ وڏوزندهه ڪارنامو سنڌ يونيورسٽي جو قيام آهي. پاڻ تن ڏينهن لنڊن ۾ رهيل هو، جتان کيس 1915ع ۾ گھرائي سنڌ يونيورسٽئَ جو وائيس چانسلر بڻايو ويو. ان وقت سندس عمر 65 سال هئي. سنڌ يونيورسٽي دراصل علامه صاحب جي انهئَ خواب جي تعبير هئي، جيڪو پاڻ سنڌ جي مسلمانن جي تعليمي ترقئَ لاءِ ڏٺو هئائين. پاڻ پهرئين ڏينهن کان ئي سنڌ يونيورسٽئَ کي هڪ عظيم درسگاهه بڻائڻ جي ڪم ۾ جُنبي ويو. علامه صاحب سختئَ سان تعليمي معيار کي برقرار رکيو. سندس وقت ۾ ڪاپئَ يا سفارش جو نالو نشان به ڪونه هو. وائيس چانسلرئَ جي دور ۾ پنهنجي کيسي مان خرچ ڪري، وڪٽوريا بگئَ ۾ چڙهي، يونيورسٽي ايندو هو. جيڪي ڪاغذ قلم ۽ فائيل پنهن ذاتي علمي ۽ ادبي ڪم ۾ ڪتب آڻيندو هو، انهن جي قيمت به پاڻ ڀريندو هو. انتظاميا پاران يونيورسٽئَ ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت کي علامه صاحب ڪڏهن به پسند نه ڪيو. جنرل ايوب خان جي مارشل لا واري دور ۾ انتظاميا جي اهڙئَ مداخلت تي علامه صاحب استعيفا ڏئي ڇڏي. علامه صاحب پنهنجي رفيق حيات جي وفات کان پوءِ اڪيلو ۽ ويڳاڻو ٿي پيو ۽ پاڻ ايلسا قاضئَ جي وفات کان هڪ سال پوءِ 13 اپريل 1968ع تي وفات ڪيائين. سندس آخري آرامگاهه سنڌ يونيورسٽئَ ڪالوني ڄامشورو ۾ آهي. سندس تربت سان لڳ سندس رفيق حيات ايلسا قاضئَ جي تربت آهي. سنڌ يونيورسٽئَ علامه صاحب ۽ سندس رفيق حيات جا نالا نئين ۽ پراڻي ڪئمپس تي رکيا آهن ۽ علامه آءِ آءِ قاضي چيئر قائم ڪئي آهي
جواب: سنڌ يونيورسٽي جو بنيانگذار محترم علامه آ آ قاضي صاحب جهڙيون شخصيتون قومن وٽ صدين ۾ پئدا ٿينديون آهن، سنڌ هميشه مردم خيز سرزمين رهي آهي، پر افسوس ان ڳالهه جو ته جڏهن برصغير هند جو ورهاڱو ٿيڻ وارو هو ته اسانجا اهي مفڪر قسم جا اڳواڻ سنڌ کي هڪ آزاد ملڪ جي بجا اسلامي جذبي جي تحت پاڪستان جي قبضي ۾ ڏئي ڇڏيائون ۽ انگريزن جي چالاڪي ۽ سازش کي سمجهي نه سگهيا ۔۔۔ اڄ جڏهن اسين پاڪستان جي تاريخ ۽ سنڌ جي تاريخ تي غور ڪريونٿا ته فرق صاف نظر اچي ٿو ته اسانکي پاڪستان جي بجا آزاد سنڌ لئه جدوجهد ڪرڻ گهربي هئي، جنهن سان اسين هن گهڻ مصيبتي ملڪ کان بچي وڃون ها ۔۔۔ پر چوندا آهن ته پنهنجي ڪئي جو نه ويڄ نه طبيب ۔۔۔ ساڳي ڳالهه جو پڇتا محترم جي ايم سيد به ڪري ويو بلڪه مون کيس چوندي ٻڌو هو ته رب کيس جيڪڏهن ڪو گناهه نه بخش ڪندو ته اهو هو هندن جي خلاف جدوجهد ۽ مسلم ليگ جو ساٿ ڏئي پاڪستان ٺاهڻ جي قرداد پاس ڪرائڻ ۔۔۔ اسانجا اهي مفڪر ۽ ڏاها جي ان وقت اکيون کولن ها ته شايد هن وقت اسين غلام نه هجون ها ۔۔۔ اسين سنڌي ماڻهون سادگي سبب سازشن جو شڪار جلد ٿي ويندا آهيون ۔۔۔ ۽ نقصان ڪري ويهندا آهيون ۔۔۔ رب العالمين سنڌ کي پنهنجي امان ۾ رکي ۔۔۔ آمين