شفيق الرحمان شاڪر اسلام آباد جا رهواسي اقتداري ايوانن جي بلڪل سامهون موجود ”ڊي چوڪ“ جي اهميت کان بلڪل اڻ واقف ناهن.اسلام آباد جو ڊي چوڪ عام چوڪن ۽ چوراهن وانگر ايئن ئي صبح ۽ شام جو مشاهدو نٿو ڪري بلڪه اهو پنهنجي بلڪل سامهون موجود جھمهوريت جي علمبردار ايوانن جون ڪاروائيون به پنهنجي سامهون ٿيندي ڏسي ٿو ۽ اهو ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ٿي رهيو آهي.ان چوڪ بندوق بردارن کي پارليامينٽ جا جھنگلا ٽپندي به ڏٺو آهي ته اتي اسي جي ڏهاڪي ۾ هڪ مذهبي جماعت جو خوفناڪ مارچ به ڏٺو آهي جنهن جا ميمبر پارليامينٽ اندر به وڃي پهتا ۽ پنهن جا مطالبا مڃائڻ ۾ ڪامياب ٿيا هئا. اهو ڊي چوڪ ڪڏهن ” لبيڪ لبيڪ“ جي صدائن سان به گونجندو رهيو، اهڙيء طرح انهيء ئي ڊي چوڪ جي بلڪل سامهون پارليامينٽ جي عمارت سان گڏ عدالت عاليه جي ديوارن تي شلوارون ٽنگيل ڏٺيون وييون ۽ انهيء ئي ڊي چوڪ ته پارليامينٽ ۽ پي ٽي وي تي حملا آورن کي به پاڻ وٽان رستو ڏنو هو ته ”وڃو ۽ فتح ڪري وٺو.“ بهر حال انهيء ڊي چوڪ جو قضيو گھڻو پراڻو آهي.اهو عادي آهي پنهنجي اڱڻ ۾ هجوم،تشدد ۽ نعرن جي گونج ٻڌڻ ۽ چپ چاپ سهندو رهڻ جو ۽ تبديل ۽ تحليل ٿيندڙ اسيمبليون ڏسڻ به ان ڊي چوڪ جي روايت رهي آهي.خير، ڊي چوڪ جي عادتن ۽ اطوار کان سمورو ملڪ هونئن ئي واقف ان ڪري آهي جو اهو اڪثر خبرن جي سرخي به بڻجي ٿو ۽ هاڻي ته مولانا جي نالي سان گڏ به هڪ دفعو وري ڊي چوڪ جو نالو ورتو پيو وڃي.مولانا فضل الرحمان جو آزادي مارچ پنهن جي نوعيت جي نرالن انتظامن مان گذري رهيو آهي. ان سموري قصي ۾ اسلام آباد جو ڊي چوڪ هڪ دفعو وري سينگارجڻ وڃي رهيو آهي.هونئن ته ڊي چوڪ ۾ اڪثر ڀيرا ڌرڻا ۽ احتجاج جاري رهندا آهن پر آخر اهڙو ڇا ٿو ٿئي جو هر نئين حڪومت جڙڻ کان سال بعد اهو چوڪ وري هڪ نئين محفل سجائڻ طرف هليو وڃي ٿو؟ايئن لاڳيتو گذريل ٻن حڪومتن سان به ٿيو آهي.ان کان اڳ ڊي چوڪ سججڻ جو انداز ڪجهه جدا نوعيت جو هوندو هو،هن ڀيري هاڻوڪي حڪومت کي ڏکيائي اها سامهون آهي جو ايوانن ۾ ويٺل حڪومتي ميمبر به انهيء ئي ڊي چوڪ ۾ ڌرڻا سياست بعد ايوانن تائين پهچي سگھيا آهن.هاڻي جڏهن انهيء حڪومت کي مولانا جي صورت ۾ هڪ وڏي مزاحمت کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، حڪومتي وزير پاڻ پريشان آهن،وات کولي تنقيد به ڪري نٿا سگھن ڇو ته هاڻوڪي حڪومت پاڻ به ان ڊي چوڪ جي سونهن رهي آهي.ان حالت ۾ ڪشمير جو مسئلو بهترين دوا جي طور تي استعمال ڪيو پيو وڃي پر هاڻوڪي حڪومت جون پنهن جون پاليسيون به وسيع تر قومي مفاد کان ٻاهر ئي رهيون آهن. پنجين آگسٽ تي ڀارت پاران رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي تاريخي جغرافيائي حيثيت تبديل ڪرڻ بعد حڪومت کي ملڪ جي اندر سياسي ڏڦير جي ماحول کي قابو ڪري هڪ زبان ٿي ڪشمير جو ڪيس وڙهڻو هو پر نه، حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ ڇڪتاڻ جاري رهي،نيب جون هڪ طرفيون ڪاروائيون به جاري رهيون.ان سڀ جو نقصان اهو ٿيو جو اندروني طور تي ملڪ جي وڏين سياسي جماعتن جا اختلاف وڏي پيماني تي کلي ڪري سامهون ايندا رهيا.اپوزيشن اتحاد جيڪو ڪچو پڪو ئي سهي پر ڪٿي نه ڪٿي هن حڪومت جي خلاف سدائين رهيو ان اپوزيشن نيٺ حڪومت کي به سخت مزاحمت ڏيکارڻ جو فيصلو ڪري ورتو.ان جا وڏا مثال انهن ڏينهن ۾ ڏٺا ويا جن ڏينهن ۾ ملڪ کي هڪ آواز بنجڻو هو.ان نهايت ئي سنجيده وقت تي پڻ حڪومت توڙي اپوزيشن جو رويو نهايت ئي غير سنجيده رهيو.اپوزيشن جي وڏين جماعتن جا اهم اڳواڻ جيلن جي سونهن بڻجي ويا.اهڙي ماحول ۾ هڪ اهڙي جماعت جيڪا هميشه کان هر ايندڙ حڪومت سان اتحاد ڪري پنهن جي ڪرسي پڪي ڪندي رهي هئي تنهن احساس محروميء وچان حڪومت کي ڀرپور مزاحمت ڏيکارڻ جو فيصلو ڪيو.ان جماعت جو اڳواڻ مولانا فضل الرحمان سدائين هر حڪومت جو حصو رهيو پر هن ڀيري عجب اهو ٿيو جو مولانا کي حڪومت ۾ جڳهه نه ملي سگھي ۽ سندس ٻين دوست جماعتن جي اڳواڻن کي به جيل وڃڻو پيو.مولانا حڪومت مخالف هلچل هلائڻ جو اعلان ڪيو.اپوزيشن جون ٻيون جماعتون پهريان ته پوئتي رهيون پر آهستي آهستي انهن به جزوي يا مشروط حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو.هاڻوڪي وزير اعظم ۽ مولانا جي وچ ۾ فاصلو گھڻو ڊگھو رهيو آهي ۽ اهو شروع کان آهي.مولانا جي هاڻوڪي مزاحمت جو هڪ وڏو سبب اهو به آهي.بهر حال چوڻ وارن جو اهو چوڻ به آهي ته نون ليگ حڪومت جي سال بعد هاڻوڪي حڪومت جا اڳواڻ ڌرڻو هڻي ڊي چوڪ جي زينت بڻيا هئا ۽ هاڻي به تحريڪ انصاف جي حڪومت جي هڪ سال بعد به اهو ٿيڻ وڃي رهيو آهي.ان سموري راند ۾ ڏسڻ وارا ڪٿي نه ڪٿي مقتدر قوتن جو سڌو يا اڻ سڌو ڪردار ڏسي رهيا آهن.چوڻ واراهو به چئي رهيا آهن ته خان کي وزارت عظميٰ جي ٽوپي پارائيندڙ هاڻي پاڻ به بيزار ٿي پيا آهن ۽ اهي هاڻي مائينس خان تبديليء جي حق ۾ آهن.سنجيده حلقن ۾ اهي انومان به آهن ته ملڪ جي موجوده مجموعي صورتحال جي تناظر ۾ ڪشمير جو مسئلو اهم آهي.انهن جي خيال ۾ مولانا ملڪ دشمن ايجنڊا تي عمل ڪري رهيو آهي.پر ڇوته مولانا به گھڻو سياڻو آهي ۽ هو هڪ ڊگھي عرصي تائين ڪشمير ڪميٽيء جو چيئرمين به رهيو آهي ان ڪري هن پنهنجي مارچ جي شروعات لاء 27 آڪٽوبر جو ڏينهن مقرر ڪيو يعني ان ڏينهن تي هونئن ئي پوري ملڪ ۾ والاريل ڪشمير تي ڀارتي قبضي خلاف هر سال ڪارو ڏينهن ملهايو وڃي ٿو ان ڪري دانشورن کي چپ ڪرائڻ لاء مولانا وٽ به کوڙ جواب موجود آهن. ان سڄي صورتحال ۾ ڊي چوڪ هڪ ڀيرو وري بحث مباحثن ۽ دلچسپيء جو مرڪز ۽ محور بڻجي رهيو آهي.مولانا پنهنجن ڏنڊا بردار جانبازن جي تربيتي مشقن بعد انهن کان سلامي به وٺي چڪو آهي ۽ هيڊو لباس پهريل هڪ ڏنڊا بردار فورس اسلام آباد جو رخ ڪرڻ وڃي رهي آهي.ڊي چوڪ کي خبر آهي ته تبديليء جا خواب ڪڏهن،ڪٿي ۽ ڪيئن ڏٺا ويندا آهن ۽ انهن جي تڪميل لاء ڪيئن ڊي چوڪ جو استعمال ڪبو آهي ۽ ڊي چوڪ ته اهو به ڄاڻي ٿو ته تبديليء جي اوسر ڪرڻ وارا جڏهن ڪنهن تبديليء کان خوف کائيندا آهن ته اهي ڪهڙيء ريت ڊي چوڪ کي واپس سينگاريندا آهن ۽ پوء وري هڪ نئين تبديليء جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويندو آهي ۽ اهڙيء طرح هر ڀيري ڊي چوڪ سجائڻ جو سامان ٿيندو رهندو آهي!