تحرير: مرڪ منان چانڊيو اڪثر ڪري مختلف ميڊيا تي ڏسندا ۽ پڙھندا ايندا آھيون ته ڪنهن هاري، موچي، حجم، ڊکڻ، ريڙھي هلائيندڙ، هوٽل هلائيندڙ، ۽ گڏھ گاڏو هلائيندڙ، وغيره جي نياڻي يا پُٽ ڪميشن پاس ڪري اسسٽنٽ ڪمشنر، سول جج، ليڪچرار، ڊاڪٽر، انجنيئر، ڊي ايس پي، ۽ ڪنهن ٻئي ڊپارٽمينٽ ۾ 17 اسڪيل جا آفيسر بنجي ويا. اها الڳ ڳالھ آھي ته واقعي ايئن هوندو آھي يا صرف ميڊيا تي ايئن رپورٽ ٿيندو آھي. بهرحال منهنجي زندگي جو هڪ خواب هيو ته مان به وڏن ادارن ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪري ڪنهن حقيقي هاري جي نياڻي طور پاس ٿي ڪري هڪ مثال قائم ڪيان. پر اهڙي منزل جي حاصلات لاءِ منهنجي آڏو ٻه اهم رڪاوٽون هيون، هڪ ته مان جنهن قبيلي ۽ ذات سان تعلق رکان پئي ان ۾ نياڻين کي پڙھائڻ عيب سمجهيو ويندو آھي، ٻيو ته مان هڪ غريب گهراڻي سان تعلق رکندڙ هڪ ھاري جي ڌيءُ آھيان انڪري وڏن ادارن جون فيسز افورڊ ڪرڻ انتهائي ڏکيو مرحلو هيو، هڪ اهم ڳالھ ته منهنجو بابا سائين ۽ ڀائو سياسي سماجي ڪارڪن ۽ ليکڪ پڻ آھن تنهن ڪري اهي ان دقيانوسي ۽ مدي خارج ريتن، رسمن ۽ سوچن جي خلاف آھن، انهن جي اخلاقي سپورٽ جي ڪري مان به پنهنجي خواب کي ساڀيان ڪرڻ لاءِ پختو عزم ڪري ڇڏيو ته مان پنهنجي محنت ڪري ۽ پنهنجو خرچ پاڻ ڪري يونيورسٽي جي ٽيسٽ ڏئي ميرٽ تي پاس ٿي نسلن جي تقدير بدلائيندس ڇو جو اگر مان اهڙي دقيانوسي ماحول مان نڪري اعليٰ اداري تائين پهچان هان ته سڀاڻي منهنجي ننڍي ڀيڻ جي لاءِ به راھ ھموار ٿي پئي هان ۽ ان سان گڏوگڏ ايندڙ نسل جو مستقبل به سنوارجي پوي هان. مان ڇهين ڪلاس تائين پرائيويٽ اسڪول ۾ پڙھيس، اهم ڳالھ ته ان اسڪول جو مالڪ بابا جو دوست هيو تنهن ڪري فيس وغيره جو ڪو خاص مسئلو نه هوندو هيو ڪڏھن ڏيندا هياسين ته ڪڏھن ڪو نه، ۽ ان کان پوءِ هائير سيڪڊري گرلس اسڪول وارھ ۾ ايڊميشن ورتي، ۽ اتان هن سال انٽر پاس ڪيم ان سان گڏوگڏ مان ننڍي هوندي کان وٺي ڪري ٽُڪ جون رلهيون ۽ ٻيو ڀرٿ وغيره جو ڪم ڪري پنهنجون ذاتي ضرورتون، پڙهائي جو خرچ، لٽا ڪپڙا چوڻ جو مقصد ته پنهنجي هر ننڍي وڏي ضرورت پاڻ پوري ڪئي ۽ ڪڏھن به بابا يا امي تي بار نه رکيو. بهرحال جيئن ته مان فيصلو ڪري چڪي هيس ته مون کي يونيورسٽي وڃڻو آھي سو مان پنهنجي ڀاءُ سان ان حوالي سان ڳالھ ٻولھ ڪئي جنهن منهنجي سپورٽ ڪرڻ جو واعدو ڪيو ته مان توهان کي يونيورسٽي ضرور موڪليندم. مان ڀائو کي چيو ته مون وٽ ڪجھ پئسا آھن اوهان ان لاءِ پريشان نه ٿيو. ڪجھ ڊاڪيومينٽس گهربل هيا جيئن شناختي ڪارڊ، ڊوميسائيل ۽ ٻيا ڪجھ ضروري ڪاغذ، سنڌ يونيورسٽي جي ٽيسٽ ۾ صرف ٻه هفتا رهيل هيا، مان 18 آڪٽموبر تي بابا کي ساڻ ڪري نصيرآباد نادرا آفيس ويس عمر پوري نه هئڻ ڪري ارجنٽ B- Form ٺھرائڻو پيو ڇو جو 25 آڪٽومبر فارم جي آخري تاريخ هئي، ان کان پوءِ ڊوميسائل ٺھرائڻ لاءِ بابا کي چيو پر ڪجھ سببن جي ڪري وڃي نه سگهياسين پر ڪنهن دوستِ ٻڌايو ته فارم لاءِ پنهنجي والد يا والده جو ڊوميسائل ڏئي سگهو ٿا اهو Accept (قبول) ڪيو ويندو، تنهن ڪري اهو مسئلو حل ٿي ويو. ان کانپوءِ ٻئي ڏينهن ڀائو کي پئسا ڏئي لاڙڪاڻي موڪليو ڇو جو بورڊ مان مارڪس شيٽ ۽ پاس سرٽيفڪيٽ ڪڍرائڻا هئا ۽ ان سان گڏوگڏ بئنڪ مان يونيورسٽي جو ٽيسٽ فارم به وٺڻو هيو جنهن جي فيس 2500 مقرر ٿيل هئي. اهڙي طرح سمورن ضروري ڪاغذن جي حاصلات لاءِ 6 کان 7 هزار خرچ اچي ويو جيڪو سڀ جو سڀ منهنجي هٿ جي پورهئي مان گڏ ٿيل هيو. جڏھن سمورا ڪاغذات مڪمل ٿي ويا ته پوءِ فارم آن لائين ڀرڻ لاءِ هڪ دوستِ جيڪا سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙھندڙ آھي ان سان رابطو ڪيو، فارم ۾ 30 چوائزز ڏنل هيا جن مان اسان جيترا چاهيون رکي سگهون پيا، مان 16 چوائزز رکيا جن مان پهريون Commerce، ڪامرس, ٻيون Economics، ايڪانامڪس ، ٽيون Mass Media، ماس ميڊيا, چوٿون Public Administration، پبلڪ ايڊمنسٽريشن، پنجون English Language & Literature، انگلش لينگويج ۽ لٽريچر ، ۽ ٻيا. ٽن ڏينهن کانپوءِ سلپ به نيٽ تي اچي وئي جيڪا به ان ئي دوستِ ڊائونلوڊ ڪري ڏني جنهن ۾ منهنجو سيٽ نمبر 3679 هيو جيڪو IBA ڊپارٽمينٽ ۾ ھيو. اهي سڀئي مرحلا طئه ڪرڻ کان پوءِ ٽيسٽ جي تياري لاءِ مون وٽ صرف هڪ هفتو هيو، اهم ڳالھ اها به آهي ته آءُ ٽيسٽ جي تياري لاءِ ڪو به پرائيويٽ سينٽر جوائن ڪو نه ڪيو ۽ نه ئي ڪنهن کان گائيڊنيس ورتي. منهنجي هڪ تمام پياري دوستِ جيڪا يونيورسٽي ۾ پڙھندي آھي ان ڪجھ نوٽس موڪليا جن جي آڌار مان تياري ڪئي، اتي اهو ٻڌائيندي هلان ته ان دوستِ سان مان ڪڏھن به روبرو ڪو نه ملي آھيان ان سان صرف سوشل ميڊيا ذريعي رابطو ٿيو ۽ اهو معلوم ٿيو ته اها ڇوڪريءَ بيسيلڪي لاڙڪاڻي شھر جي آھي جنهن جو علم ادب سان به چاھ آھي. ان کانسواءِ هڪ ٻئي دوستِ جيڪا به پڻ يونيورسٽي پڙھندي آھي ان به ٽي ڪتاب ڏياري موڪليا هيا ۽ هر روز ڪجھ نه ڪجھ نوٽس ۽ پاسٽ پيپر موڪليندي رهندي هئي، جنهن مان ڪافي گائيڊنيس ملندي رهي، ان اهو به ٻڌايو ته هر سال ٽيسٽ جو Pattern (طريقيڪار) ساڳيو ئي هوندو آھي بس صرف سوال تبديل ٿيل هوندا آھن ۽ ڪڏھن ڪڏھن پاسٽ پيپرن مان پڻ ڪجھ سوال ڏنل هوندا آھن. ٽيسٽ ۾ 30 سوال انگريزي جا، جنهن ۾ ايڪٽوِ وائيس، پيسوِ وائيس، نيريشن، اينٽانيم، سينانيم، پريپزيشن، ڪريڪٽ اسپيلنگ، ۽ ڪريڪٽ سينٽينس هوندا آھن، 30 سوال جنرل ناليج جنهن ۾ مثال طور پاڪستان ٺھڻ جا سبب، ان ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ شخصيتون، قومي شيون، تاريخي ماڳ درياھ، ۽ تاريخي واقعن کانسواءِ ڪرنٽ افيئر مثال طور تي پاڪستان جو موجوده صدر، وزير اعظم، وفاقي منسٽر، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جا اسپيڪرز، سينيٽ چيئرمينز، اپوزيشن ليڊرس، چئن ئي صوبن جا گورنر، وڏا وزير، ۽ سندن صوبائي ڪابينائون ۽ پرڏيهي ملڪن جا سربراھ، انهن جي ڪرنسيز، گادي جا هنڌ، اوفيشلس ٻوليون، وغيره، 20 ايوري ڊي سائنس جا جنهن ۾ مختلف گرھن جي باري ۾ معلومات، مختلف شين جا ڪيمڪل فارمولا، سولر پلانيٽ بابت اهم سوال، بيماريون ٿيڻ جا سبب وغيره، 10 سوال ميٿ جنهن ۾ جُزا ۽ پرسنٽ ايج وغيره جا سوال، ۽ آخري 10 سوال آءِ ڪيو (ذھني ٽيسٽ) جا. مان تياري ان پيٽرن جي حساب سان ڪئي، هڪ هفتي اندر منهنجي تياري تمام بهترين ٿي وئي ۽ مون کي اهو يقين هيو ته آءُ پنهنجي محنت جي بنياد تي ميرٽ تي پاس ٿي ويندس. سلپ ۾ اسان کي 2 نومبر صبح جو 9 بجي تائين يونورسٽي جي مقرر ٽيسٽ واري مرڪز تي پهچڻ جو ٻڌايو ويو انڪري اسان کي مجبورن هڪ ڏينهن اڳ ۾ وڃڻ جي تياري ڪرڻي پئي. نيٺ 1 نومبر جو ڏينهن اچي ويو هڪ طرف ٽيسٽ ڏيڻ جي خوشي ٻئي طرف مسئلو اهو هيو ته يونيورسٽي تائين پهچڻ ۽ واپس ٿيڻ جو ڪرايو ۽ خرچ ڪٿان اچي مجبورن اسان کي هڪ پاڙي ۾ رهندڙ مائٽ کان اڌارا پئسا گهرڻا پيا جتان صرف هڪ هزار روپيا مليا، خير اسان توڪل ڪري گهران نڪري وارھ مان ڪراچي ويندڙ هڪ ڪوچ ۾ اچي سوار ٿياسين جنهن جو ڄامشورو تائين ڪرايو 800 روپيا هيو باقي بچيا 200 ڪيڏي نه مزي جي ڳالھ چئجي ته پڙھڻو آھي سنڌ يونيورسٽي ۽ جيب ۾ باقي 200 هاڻي توهان اندازو لڳايو ڀيڻ ۽ ڀاءُ صرف 200 روپين تي ڄامشورو تائين ڪيئن ٿا پهچن ۽ واپسي ۾ ڇا ٿيندو اهو ته اللله ئي بهتر پيو ڄاڻي، خير پاڻ شام جو وڃي ڄامشورو لٿاسين جتي اسان لاءِ ڀائو جا ٽي دوست اڳ ئي انتظار ۾ بيٺل هئا جن سان گڏجي سعيدآباد ڪالوني ۾ سندن گهر پهتاسين. جيئن ته اهي اصل وارھ جا ئي هئا پر سال کن اڳ ڄامشورو شفٽ ٿي ويا هيا ۽ جن اسان جي سنڌي ثقافت مطابق خوش اخلاقي ۽ تمام بهترين نموني سان مهمان نوازي ڪئي، رات اتي ئي گذاري پوءِ صبح جو مقرر ٽائيم ۽ جاءِ تي اچي پهتاسين جتي ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوار جن ۾ ھزارين ڇوڪريون به شامل هيون اهي پنهنجي خوابن کي ساڀيان ڪرڻ لاءِ اڻ ڳڻيون اميدون ۽ جذبا سيني ۾ سانڍي پهتل هيون جن جو اندازو سندن ٻھڪندڙ چهرن مان لڳائي سگهجي پيو. انهن سڀني جو هيڏو سارو هجوم ڏسي مون کي حيرت سان گڏ خوشي ۽ فخر به ٿي رهيو هيو ته اسان جي نوجوان نسل ۾ پڙھڻ جي ڪيڏي نه تڙپ خاص ڪري ڇوڪرين ۾ آھي، انهن سڀني شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ گهڻائي انتهائي مٿين طبقي سان تعلق رکندڙ خاندان جي هئي ۽ اڪثر انهن سڀني کي پنهنجا والدين وڏين وڏين گاڏين ۾ کڻي اچي ڇڏي وڃن پيا، پر ڪي ته اهڙا به شاگرد ۽ شاگردياڻيون هيون جن جي به مالي پوزيشن ڪجھ مون جهڙي ئي هئي. يونورسٽي جي حدن اندر کليل ميدان هيٺ ڇوڪرن لاءِ ٽينٽ لڳل هئا ۽ ڇوڪرين لاءِ مختلف ڊپارٽمينٽس جي عمارتن ۾ بندوبست ٿيل هيا. مون کي ڇوڪرين واري گيٽ تائين ڀائو ۽ ان جي دوستن ڇڏيو جتي اڳ ۾ ئي ڇوڪريون لائنون ٺاهيون بيٺيون هيون ۽ مان به اچي انهن مان هڪ لائن ۾ بيهي رهيم، سڀني جون سلپس چيڪ ڪرڻ کانپوءِ انهن کي اندر داخل ٿيڻ ڏنو ويو، ڊسيپلين برقرار رکڻ لاءِ هر 15 کان 20 فٽن جي فاصلي تي يونيورسٽي جون ئي ٽئلنٽ شاگردياڻيون والنٽيئر مقرر ٿيل هيون، ۽ ان کانسواءِ ڪجھ عورت پوليس اهلڪار جن جي هٿن ۾ ڪلاشن ڪوف رائيفلز هيون انهن جو الرٽ بيهڻ جو اسٽائيل ڏاڍو ڀوائتو پيو لڳي ڇو جو اهي پنهنجا جديد هٿيار هٿن ۾ تاڻيون بيٺيون هيون. آخرڪار اٽڪل اڌ ڪلاڪ جي پنڌ کانپوءِ والنٽيئرس جي رهنمائي هيٺ اچي پنهنجي سيٽ والاريم جتي مون کان اڳ ۾ پوري ملڪ ۽ سنڌ جي مختلف شھرن کان ڪهي آيل شاگردياڻيون ويٺل هيون. اسان جي بلاڪ ۾ مون سميت 50 ڇوڪرين جي ويهڻ جي گنجائش ھئي جن ۾ اڪثريت اردو اسپيڪنگ وارين جي هئي ٿوري دير کانپوءِ اسان کي هڪ بال پين ۽ منرل واٽر بوتل ڏنيون ويون ۽ ڪجھ ضروري هدايتون ڏنيون ويون. اهڙي طرح هڪ ٻن ڪلاڪن کانپوءِ اسان کي انسر شيٽ ڏني وئي جنهن ۾ هر هڪ جواب لاءِ چار چار آپشنس ڏنل هيا جن مان اسان کي صحيح آپشن واري سرڪل کي مڪمل احتياط سان ڀرڻو هيو غلطي سان به اگر ان سرڪل مان ذرڙي جيتري به لڪير ٻاهر نڪتي يا سرڪل ۾ ڪو ذرڙو به ڀرڻ کان رهجي ويو ته صحيح جواب به غلط ۾ ڪائونٽ ڪيو ويندو ڇو ته اهي انسر شيٽس جديد مشينري ذريعي چيڪ ٿيڻيون ھيون، ٿوري دير کانپوءِ لائوڊ تي انائوس ڪيو ويو ته ٽيسٽ شروع ڪئي وڃي، ٽيسٽ پيپر جيئن ئي اسان جي هٿن تائين پهتا ته ڏسڻ سان ئي اسان جا تاڪ نڪري ويا ڇو ته ٽيسٽ جو پيٽرن ئي تبديل ٿيل هيو اڃان ان ئي صدمي جي ڪري ٻُڏ تر جو شڪار هيوسين ته وري هڪ ٻيو اڻ وڻندڙ آواز ڪنن تائين پهتو ته ٽيسٽ لاءِ صرف 70 منٽ مخصوص ٿيل آھن، واضح رهي ته اڳ ۾ ٽيسٽ لاءِ 90 منٽ مخصوص ٿيل هوندا هيا، هڪ ته پيٽيرن تبديل، ٻيو وقت به گهٽايل ٽيون ته سرڪل کي احتياط سان ڀرڻ اهي اهڙا ته پيچيده مامرا هئا جو ذھن صفا مائوف ٿي ويو، پيٽرن ڪجھ ھن ريت تبديل ٿيل هيو ته ماضي کان وٺي انگلش جا 30 سوال جن ۾ 2 کان 3 synonym، ساڳئي معنيٰ وارا لفظ ۽ antonym، ضد وارا لفظ، هوندا هيا ۽ هن ڀيري اهي 10 ڏنا ويا هاڻي هڪ ته اسان کي بنيادي طور تي ووڪيب گهٽ پڙھايو ويو پر پوءِ به اسان هڻي ماري ڪافي ووڪيب پڙھيو، هاڻي مسئلو اهو هيو ته ساڳئي معنيٰ وارا انگريزي جا ٻيا لفظ پڙھڻ انتهائي ڏکيو هيو ڇو جو لکين ڪروڙين لفظ آھن اسان انهن مان ڪيترا ياد ڪري ڪيترا ياد ڪريون، ان ڪري هر دفعي انهن سوالن جو تعداد ٻه کان ٽي هوندو هيو پر هن دفعي انهن جو تعداد 10 رکيو ويو، ان کانسواءِ نه پيسوِ وائيس نه ايڪٽوِ وائيس ۽ نه ئي نيريشن ڏني وئي، جنرل ناليج جي 30 سوالن مان گهٽائي صرف 20 سوال ڏنا ويا جن ۾ نه ڪرنٽ افيئر جا سوال هيا نه ئي ملڪي سطح تي ڪي واقعا، نه ڪي تاريخي ڳالهيون نه وري مشھور شيون، ايوري ڊي سائنس جي 20 سوالن کي وڌائي 30 ڪيو ويو جيڪي به اسان جي ڄاڻ کان چڙھيل هيا، ميٿ ۾ به ڪجھ اهڙا ئي سوال هيا باقي بچيا آءِ ڪيو جا سوال جن مان به ڪي ٻه يا ٽي ئي سمجھ ۾ آيا ڇو جو اڳئين ٽيسٽن جي حساب سان هن دفعي اهي به مختلف طريقن جا هئا. خير ٽيسٽ ته ڏيڻي هئي سو بسم اللله ڪري شروع ڪئي ڪجھ سوال سمجھ ۾ نه اچڻ جي ڪري پنهنجي بلاڪ ۾ رهنمائي ڪرڻ لاءِ مقرر ٿيل هڪ عورت ٽيچر کان اهو سوال سمجهڻ لاءِ پڇيو جنهن مون کي ٻڌايو ته جيڪي غلط جواب آھي ان جي آپشن کي ڀرڻو آھي مون حيرت سان ان کي ڏٺو ۽ پوءِ نظر پنهنجي پيپر تي رکي ڏٺم ته اتي ته لکيل هيو ته صحيح سوال واري آپشن کي ڀرڻو آھي، مون کي انتهائي افسوس ٿيو ته هڪ يونورسٽي جي ليڪچرار ڪيئن غلط گائيڊ ڪري سگهي ٿي، خير ٽائيم گهٽ ھئڻ جي ڪري منهنجا 10 کان 15 سوال رهجي ويا ۽ جيڪي سوال ڪيا انهن مان به ڪنفرم نه هيو ته هي صحيح به ڪيا آھن يا غلط، ٽائيم ختم ٿيڻ شرط ئي اسان کان ٽيسٽ پيپر ورتا ويا مان مئل قدمن سان هلندي بلاڪ کان ٻاهر نڪتس جتان هزارين ڇوڪريون کي ٽيسٽ ٽف هئڻ ۽ ٽائيم گهٽ ھئڻ جون شڪايتون ڪندي ٻڌندي رهيس ۽ ذھن ۾ ھزارين خيال اچڻ لڳا ته ڇا مان اعليٰ اداري ۾ تعليم حاصل ڪري سگهندس يا نه؟ ڇا هڪ غريب هاري جي ڌيءُ به امير گهراڻن سان تعلق رکندڙ ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن سان گڏ پڙھي سگهندي؟ ڇا ان کي به ''تعليم سڀني جو حق'' واري اعزاز سان نوازيو ويندو؟ اهي ڪجھ اهڙيون سوچون هيون جو ڪڏھن دل مايوس ته ڪڏھن خوش ٿيڻ واري ڪيفيت طاري ٿي پئي وڃي، ڪافي رش هئڻ ڪري مان هڪ ڪلاڪ کانپوءِ ٻاهر مين گيٽ تي اچي پهتس جتي ڀائو پنهنجن دوستن سان گڏ اڳ ۾ ئي منهنجي انتظار ۾ بيٺل هيو، انهن منهنجي ڪيفيت ڏسي منهنجي همت افزائي ڪئي ته مايوس ٿيڻ جي ڳالھ ناهي رب پاڪ بهتر ڪندو، ان کانپوءِ اسان رڪشا تي چڙھي اچي ان گهر پهتاسين جتي اڳ ۾ ئي رهيل هياسين، ٽيسٽ جا نتيجا رات جو اچڻا هيا سو جيئن ٽائيم گذرندو پيو وڃي تيئن عجيب وسوسا دل ۾ گهر ڪندا پيا وڃن نيٺ نتيجا سامهون آيا مون کي ان ساڳئي ئي دوستِ رزلٽ جو اسڪرين شارٽ موڪليو مان اکيون بند ڪري ڌڙڪندڙ دل سان اسڪرين شارٽ ڊائونلوڊ ڪري ڏٺو ته منهنجي اکڙين مان ڪجھ ڳوڙها لارون ڪري ڳلڙن تي ڪري پيا ڇو جو منهنجون مارڪس صرف 24 هيون، مان ڄڻ ته ڪوما ۾ هلي ويس، اها عجيب ڪيفيت هڪ ڪلاڪ تائين مون تي طاري رهي، عجيب عجيب خيالات ذھن جي نقشي تي ڊوڙندا رهيا منهنجي دل مان هڪ آھ نڪتي ته هڪ غريب هاري جي ڌيءُ جو اعليٰ تعليمي اداري مان تعليم حاصل ڪرڻ جو خواب، خواب ئي رهجي ويو ڪافي دوستين ڪال ڪري همت افزائي ڪئي ته ڪوئي مسئلو ناهي تنهنجي محنت رائگان نه ويندي تون اڃان سخت محنت ڪر پاس فيل زندگي جا ئي حصا هوندا آھن هڪ راھ بند ٿيڻ سان زندگي رڪجي ناهي ويندي، فيل ٿيڻ انسان لاءِ ھڪ وڏو سبق آھي پر ڪجھ ماڻھو فيل ٿيڻ کانپوءِ ڪجھ غلط فيصلا ڪندا آھن ۽ اڳتي پڙھڻ ۽ وڌڻ واري جدوجهد کي ترڪ ڪري ڇڏيندا آھن، ته ڪي وري پنهنجي جستجو جاري رکندا آھن ۽ مان به هڪ پختو عزم ڪيو ته مان به انهن ئي ماڻھن ۾ شامل ٿيندس جيڪي ڪيترا ئي دفعا فيل ٿيڻ کانپوءِ به همت ناهن هاريندا پاڻ مايوس ناهيون، بابا ۽ ڀائو به اهو سمجهايو ته مايوس ٿيڻ جي ڪائي ڳالھ ناهي توهان سان واعدو آ ته توهان کي اعليٰ تعليم ڏياري توهان جو مستقبل روشن ۽ خوشين سان ڀري ڇڏينداسين. هڪ دوستِ ٻڌايو ته پنهنجي ذاتي مفادن، اندروني اختلافن ۽ ڪرپشن کي لڪائڻ جي ڪري سنڌ يونيورسٽي جي ڪرپٽ وي سي ۽ انتظاميا هن سال ٽيسٽ جو پيٽرن ئي تبديل ڪري ڇڏيو، ٽائيم به گهٽ ڏنو ويو سبب ڇا هيو جو جنرل ۽ انجنيئرنگ جي ٽيسٽ گڏ ئي ڪئي وئي اگر الڳ الڳ ٿين هان ته وڌيڪ خرچ ٿئي هان، مون کي ٽيسٽ ٽف ڪڍڻ جا سبب معلوم ٿيا ته يونيورسٽي جي پڙھائي کي بهتر بنائڻ لاءِ ئي ٽف ٽيسٽ ڏني وئي ته جيئن هوشيار شاگرد سليڪٽ ٿي سگهن. مون کي حيرت ٿي ته پڙھائي اگر بهتر بنائڻي هئي، ۽ هوشيار شاگردن کي ئي سليڪٽ ڪرڻو هيو ته پوءِ انٽري ٽيسٽ جي فارمس کي ڪمائي جو ذريعو ڇو بنايو ويو؟ ان دوستِ اهو پڻ ٻڌايو ته پنهنجن ذاتي مفادن جي حاصلات جي ڪري هر روز يونيورسٽي ۾ احتجاج ٿي رهيا آھن جن جي آڙ ۾ اسان جا ڪلاسز ڪو نه پيا هلن، هتي سڀ ڪنهن کي پنهنجو ڀڀُ ڀرڻو آ، ٽي سال گذري وڃڻ کانپوءِ به اسان کي اڃان هاڻي صرف پنهنجي ڊپارٽمينٽ جي نالي جي مطلب جي خبر پئي آ ٻه سال ته اسان کي اها به خبر ڪو نه پئجي سگهي ته اسان جنهن ڊپارٽمينٽ ۾ پڙھي رهيا آھيون اهو ڪهڙي فيلڊ منسلڪ آ، ٻين صوبن جي شاگردن صرف هڪ سال ۾ ئي سڀ ڪجھ ڪليئر ڪري ڇڏيو جيڪو اسان ٽن سالن تائين به نه ڪري سگهياسين، يونيورسٽي ۾ پڙھندڙ شاگردن جا نه ڪلاس پيا هلن نه ئي ڪو معيار آ. هتي سوال اهو پيو پيدا ٿئي ته اگر واقعي پڙھائي ۾ بهتري آڻڻي هئي ته پوءِ هزارين غريبن کي ٽيسٽ جي آڙ ۾ ڦريو نه وڃي هان ۽ ٽيسٽ کان اڳ ۾ ميڊيا تي اهو موقف ڏيڻ کپي هان ته هن سال پيٽرن تبديل ڪيو ويندو، ته جيئن هزارين شاگردن جا خواب ٽٽڻ کان بچي سگهن هان ۽ اهي هلندڙ ڪافي سالن کان وٺي ساڳئي پيٽرن کي ڇڏي ڪري نئين پيٽرن لاءِ تياري ڪن هان، 17000 شاگردن جو فيل ٿيڻ سنڌي قوم تي ڪهڙا منفي اثر وجهي رهيو آھي؟ ڇا اها يونيورسٽي جي بدنامي نه آھي ته ان ۾ ٽيسٽ ڏيندڙ 17000 شاگرد فيل ٿي ويا، ٻين صوبن سان تعلق رکندڙ ماڻھن جا تاثرات ڇا هوندا ته ڇا سنڌي قوم ايڏي نالائق آھي جو ٽيسٽ ڏيندڙ 23000 شاگردن مان 17000 شاگرد فيل ٿي ويا. ڇا اهو هڪ مثبت پهلو چئي سگهجي ٿو؟ هڪ اهم خبر ذريعن کان اها به معلوم ٿي آھي ته يونيورسٽي، پرائيويٽ تعليمي سينٽرن جيڪي تعليمي مافيائون بنيل آھن انهن سان هم صلاح ٿي انهن کان ڪروڙين روپيا بطور ڪميشن وٺي انهن جي ئي ڏسيل پيٽرن کي اهميت ڏئي رهي آھي. اسان آخر ۾ اهو چونداسين ته تعليمي درسگاهن کي ڪمائي جو ذريعو بنائڻ بدران ان جي معيار کي اهڙي ڪسوٽي تي پرکيو وڃي ته جيئن هزارين غريب ۽ اهل شاگرد ۽ شاگردياڻين جي انهن تائين پهچ ممڪن ٿي سگهي (روزاني هلال پاڪستان، فاسٽ ٽائمز، عوامي فورم ، عوامي سنڌ، سنڌ ٽائمز، سرواڻ، گراف ۽ ٻين اخبارن ۾ ڇپيل
24 مارڪون کڻڻ کانپوءِ اهو سڀ چوڻ فطري ڳالهه آهي. هونئن ايوريج35 کام 40 مارڪس رزلٽ آئي آهي انهي ساڳي ڏکي ٽيسٽ هوندي به. ٽيسٽ ساڳي روايتي هجي ها ۽ 22000 ئي پاس ٿين ها ته يونيورسٽي وٽ 7000 جي لڳ ڀڳ ئي گنجائش آهي. ايترا ئي شاگرد داخلا ماڻين ها. يونيورسٽي 30 تي پاس لاءِ ويچاري رهي آهي. هن وقت تائين سنڌ يونيورسٽي جي داخلا ٽيسٽ جي تياري لاءِ ڪو به سينٽر ڪونه ٿو سجهي پر ادي ان سان يونيورسٽي جي ڪميشن سيٽ هجڻ جو الزام به هڻي ڪڍيو. ها اهو ضرور آهي ته انويجيليٽرس صحيح سان ٽرينڊ ٿيل ناهن هوندا. سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽنگ سينٽر کي ان تي توجه ڏيڻ کپي. رهي ڳالهه ڪلاس نه هلڻ جي ته ان ۾ رڳو وي سي استاد به ذميدار آهن پر وري به اڳي کان هاڻي حالتون بهتر آهن.