صادق سولنگي
سينيئر رڪن
اڄوڪي عبرت اخبار ۾ هڪ ڇرڪائيندڙ خبر پڙهيم ته محترمه بينظير ڀٽو کي اڳوڻي نائب صدر ڊڪ چيني جي حڪم تي سندس خصوصي ڊيٿ اسڪواڊ قتل ڪيو۔ سيمور حريش جو چوڻ آهي ته دنيا جي ڪيترن ئي ويب سائيٽن تي بينظير ڀٽو شهيد جي قتل جو شڪ به انهي يونٽ تي ظاهر ڪيو پيو وڃي، ڇاڪاڻ ته 2 نومبر 2007 تي شهادت کان اڳ محترمه بينظير ڀٽو الجزيره سان انٽرويو ۾ اسامه بن لادن جي قتل جو ذڪر ڪيو هو، جنهن کي بينظير ڀٽو جي چوڻ مطابق عمر سعيد شيخ قتل ڪيو هو پر انهن جملن کي ڊيوڊ فراسٽ جي جملن سان ختم ڪيو ويو. آمريڪي صحافي جو چوڻ آهي ته ان ڳالهه جو شڪ موجود آهي ته اهو ڄاڻي ٻجهي ائين ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته آمريڪي قيادت اهو نه پئي چاهيو ته اسامه کي مئل ظاهر ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ائين ٿئي ها ته افغانستان ۾ آمريڪي فوج جي موجودگي جو جواز ئي نه رهي ها ۽ نه وري طالبان خلاف ڪارروايون عمل ۾ اچن ها.. هڪ يورپي ويب سائيٽ پڻ انڪشاف ڪيو آهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو هڪ بهادر سياستدان هئي ۽ اها دنيا ۾ پيش ايندڙ لاهن چاڙهن کي ڄاڻندي هئي، جڏهن ته کيس اها به ڄاڻ هئي ته پاڪستان مخالف قوتون سندس وطن کي ايٽمي پروگرام کان محروم ڪرڻ گهرن ٿيون ۽ ڪيترن ئي فورمن تي محترمه بينظير دٻيل لفظن ۾ ان جي مخالفت به ڪئي، جيڪا يهودي لابي کي نه وڻي ۽ آخرڪار 27 ڊسمبر تي بينظير ڀٽو تي راولپنڊي ۾ قاتلاڻو حملو ٿيو ۽ هوءَ الله کي پياري ٿي وئي ۽ اڄ تائين اها ڳالهه سامهون ناهي آئي ته سندس قاتل ڪير هئا.
ڇا توهان آمريڪي جي مٿي ڄاڻايل ڳالهه سان يا حوالو ڏنل يورپي ويب سائيٽ سان متفق آهيو۔
يا توهان جي خيال ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جو ڪارڻ اڃان ڪو ٻيو هو۔
بهتر ٿيندو ته پنهنجي راءِ جو اظهار ڪجهه وضاحت سان ڏيندا
ڇا توهان آمريڪي جي مٿي ڄاڻايل ڳالهه سان يا حوالو ڏنل يورپي ويب سائيٽ سان متفق آهيو۔
يا توهان جي خيال ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جو ڪارڻ اڃان ڪو ٻيو هو۔
بهتر ٿيندو ته پنهنجي راءِ جو اظهار ڪجهه وضاحت سان ڏيندا