ڇا مارچ وارو منجھيل معمو حل ٿيندو؟

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏8 نومبر 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    مولانا جي مارچ جي حوالي سان اڳڪٿيون،ڏند ڪٿائون ۽ ٽيڪا ٽپڻيون دستور موجب اڃا تائين جاري آهن پر اهو سٽ سلجھڻ بدران معمو وڌيڪ منجھندو ٿو وڃي.مختلف تجزيي نگار مختلف تجزيا ۽ تبصرا پيش ڪري رهيا آهن جن ۾ سازشن جون مختلف ٿيوريون به بحث هيٺ آهن.مطلب ته جيترا وات اوتريون ڳالهيون.پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ هر عمل ،اقتدار توڙي احتساب جي حوالي سان اسٽيبلشمينٽ ڌانهن آڱريون اڀيون ٿيڻ هڪ فطري ڳالهه آهي جو ماضيء ۾ اهي سڀ تماشا اسٽيبلشمينٽ جي ڇٽيء هيٺ ئي ٿيندا رهيا آهن.اسٽيبلشمينٽ ۽ سياستدانن جي ان راند مان عوام کي رڳو ايذاء ۽ آزار ئي سريا آهن.هن وقت به توڙي جو مولانا پنهنجن سمورن توپن جو رخ سڌو سنئون اسٽيبلشمينٽ طرف ڪيو بيٺو آهي تڏهن به ماڻهن جي اڪثريت ان ڳالهه کي مڃڻ لاء تيار نٿي ٿئي ته مولانا جي ايڏي وڏي قدم پويان ڪو اسٽيبلشمينٽ جو سڌو يا اڻ سڌو هٿ ناهي.

    ان سڄي قضيي ۾ سوال ته سوين آهن پر سمورن سوالن جو هڪڙو سوال نهايت بنيادي ۽ اهم آهي ته مولانا کي ان سموري احتجاج مان هٿ ڇا اچڻو آهي؟چئي سگھجي ٿو ته مخالف ڌر جي ٻن وڏين جماعتن جي اڳواڻن کي ان احتجاج ذريعي سياسي ۽ قانوني رليف ملي سگھي ٿو ۽ حالتون ٻڌائين ٿيون ته انهن کي ڪجهه رليف مليو به آهي ۽ رهيل رليف ترت ملڻ وارو معاملو به آخري مرحلن ۾ آهي.جيڪر اڄ عمران خان هميشه جيان اهي اعلان ڪري رهيو آهي ته ڪنهن کي به ڪو اين آر او نه ڏنو ويندو ته سندس ان بيان يا اعلان جي ڪهڙي اهميت آهي جو هو ماضيء ۾ انهن اعلانن باوجود به وک وک تي ڪيترائي ڪمپرومائيز ڪندو رهيو آهي ۽ ايندڙ وقت ۾ به ڪري سگھي ٿو.مخالف ڌر جي بهترين ڪارڪردگيء تي کين داد ان ڳالهه تي ڏيئي سگھجي ٿو جو اهي حڪومت جي انهن چوڏهن مهينن اندر عمران خان کي سياسي طور تي مجبور ڪري سندس اعليٰ اصولن ۽ وعدن تان دستبردار ٿيڻ ۾ گھڻو ڪامياب ويا آهن جيڪو عمل پڪ سان عمران خان جي شخصيت،ڪردار ۽ ساک تي جيڪي زبردست ناڪاري اثر وجھي چڪو آهي ان جو اندازو شايد خان صاحب کي پاڻ ته نه هجي پر روڊن رستن تي موجود عام ماڻهن جي زبان تي مايوسي،ڪاوڙ ۽ نااميديء جا ايندڙ لفظ اهو ٻڌائين ٿا ته ماڻهو هاڻي عمران خان جي وعدن ۽ اعلانن کي گھڻو سنجيدگيء سان نٿا وٺن.عمران خان ۽ سندس ٽيم جي غير ذميدارڻين حرڪتن سبب پهريون وڏو نقصان اهو ٿيو آهي جو سمورو احتسابي عمل توڙي ادارا تڪراري بڻجي چڪا آهن.نتيجو اهو نڪتو آهي جو جن ماڻهن قوم جا اربين روپيا غير قانوني طريقي سان هڙپ ڪيا اهي به هاڻي ماڻهن جي نظرن ۾ مظلوم بڻجندا ٿا وڃن.مخلاف ڌر جي ٻن وڏين جماعتن جي هن وقت تائين ڪابه عوامي ايجنڊا نه رهي آهي بلڪه هنن جي پوري ايجنڊا ۽ حڪمت عملي رڳو هڪ نڪتي جي چوڌاريء گردش ڪندي رهي آهي ته ڪنهن به نموني ماڻهن توڙي دنيا کي اهو باور ڪرائجي ته سندن خلاف قائم ڪيل ڪرپشن جا سمورا ڪيس سياسي انتقام جو نتيجو ۽ بدديانتيء جا الزام رڳو افسانا آهن.بدقسمتيء سان مخالف ڌر جي قيادت اهو بيانيو جوڙڻ ۽ وڪڻڻ ۾ گھڻي حد تائين ڪامياب ويئي آهي.رهيل ڪسر عام استعمال جي شين ،بجلي،گئس ۽ تيل جي اگھن ۾ ٿيندڙ تيزيء سان واڌ، حڪومتي ادارن جي ناقص ڪارڪردگي ۽ ملڪ ۾ وڌندڙ بي روزگاريء وارن مسئلن پوري ڪري ڇڏي آهي.پي ٽي آئي حڪومت ڊگھي عرصي تائين ”ماضيء جي حڪمرانن جي نا اهلين“ وارو چورن ڪاميابيء سان وڪڻندي رهي پر هاڻي اهو چورن به آئوٽ آف ڊيٽ بڻجي چڪو آهي.عمران خان جي ناڪامين جو داستان لکڻ وارن ۾ پراون کان وڌيڪ سندس پنهنجن جو ڪردار آهي.هن جي چوڌاريء جن ماڻهن جو ميلو متل آهي اهي سڀ موسمي پکي آهن جيڪي هڪ وڻ کان ٻئي وڻ تي ٽپا ڏيندا رهيا آهن.چوڻ وارا جڏهن چون ٿا ته حڪومت جي خلاف پوري مخالف ڌر پاڻ ۾ ئي متحد ۽ متفق ناهي ته اهي اهو وساري ٿا ويهن ته پوري مخالف ڌر ان نڪتي تي متفق آهي ته ڪنهن به طرح عمران خان جي ذات مان جان ڇڏائي وڃي.سندن ان پروگرام سان نه رڳو ملڪ جي اڪثر نوڪر شاهي متفق آهي پر خود عمران خان حڪومت ۾ ويٺل ڪيترائي بااثر پڻ ان تبديليء جي ڪوشش ۾ پنهنجون سموريون خدمتون خوشيء سان پيش ڪرڻ لاء هر وقت تيار نظر اچن ٿا.انهن مان گھڻن کي خان صاحب سان شڪايتون آهن ته ڪن کي محرومين جو احساس ستائي رهيو آهي.مولانا ڪراچيء کان هلندي بنان ڪنهن روڪ ٽوڪ جي اسلام آباد پهچي ويو ته ساڻس ٿيل ان نوازش ۾ ڪيترن ئي پردانشينن جا نالا اچڻ وارا آهن.سياست ڏاڍي بي رحم شيء آهي. اقتدار جي هوس ڪهڙيء طرح انسان کي سنگدل ۽ احسان فراموش بڻائي ٿي ڇڏي ان جي مثالن مان پوري انساني تاريخ ڀري پيئي آهي. ڪيترن ئي حڪمرانن پنهنجن سڳن ڀائرن ايستائين جو پنهنجن پيئرن کي به اقتدار جي هوس ۾ موت جي منهن ۾ ڌڪي ڇڏيو.سو عمران خان جهڙي ڪمزور ماڻهو کي خوشامدن جون بانسريون ٻڌائي ڪنهن کڏ ۾ ڌڪو ڏيڻ تجربيڪار۽ شاطر اقتدار پرست رانديگرن لاء ڪهڙو ڏکيو ڪم آهي.جيڪي چون پيا ته مولانا سان ملهه ٿي آهي ۽ کيس سياسي دوستن دوکو ڏنو آهي اهي شايد مولانا کي انڊر اسٽيميٽ ڪري رهيا آهن.مولانا ايترو سادو ناهي جيترو هو هن کي سمجھن ٿا.جيڪر ايئن چئجي ته هن وقت ملڪ ۾ مولانا جهڙو ٻيو ڪو ڏاهو ۽ سياڻو سياستدان ناهي ته ان ۾ ڪو وڌاء نه ٿيندو.سو مولانا ٻار ته ناهي جو هو بنان ڪنهن ڪلڪيوليشن جي ايڏي وڏي رسڪ کڻڻ لاء تيار ٿيو هجي.مولانا ڀلي ڀت سمجھي ٿو ته ساڻس گڏ هلندڙ سياسي ڌرين جا ڇا مسئلا آهن ۽ انهن کي ڇا گھربل آهي؟انهن سمورين سچائين کان باخبر هوندي به جيڪر مولانا صاحب نانگن جي ٻرن ۾ هٿ وجھي رهيو آهي ته پوء چئبو ته کيس پڪ آهي ته سوير يا دير سان سندس سپنا ساڀيان ضرور ٿيندا.ڪجهه اينڪر ۽ دانشور جيڪي حڪومت جي چاپلوسيء ۾ بار بار مولانا کي مهڻا ڏيئي رهيا آهن ته سندس مارچ يا ڌرڻو بنان ڪجهه حاصل ڪرڻ جي ختم ٿي رهيو آهي اهي مارچ يا ڌرڻي جي رڳو ترت نتيجن تي نظر گھمائي رهيا آهن پر انهيء مارچ پڄاڻان جيڪي ڪجهه سائيڊ افيڪٽس يا آفٽر شاڪس اچڻ وارا آهن انهن طرف سندن نظر ڏسڻ کان قاصر آهي.جيڪر عمران خان جي پنهنجي وزير دفاع جي ان بيان تي ڳوڙهي سوچ ڪجي جنهن ۾ هن چيو هو ته ” ان هائوس تبديليء تي ڳالهه ٿي سگھي ٿي.“ انهيء جو مطلب آخر ڪهڙو ورتو وڃي سواء ان جي جو ”مائنس ون“ فارمولا نه رڳو سوچ ويچار هيٺ آهي پر ان کي عملي شڪل ڏيڻ لاء غور ويچار به ڪري سگھجي ٿو.اهوئي اهو فارمولا آهي جنهن تي مخالف ڌر جون سڀ جماعتون،بااثر بيوروڪريسي ۽ خود پي ٽي آئي حڪومت جا ڪيترائي وزير ۽ مشير پڻ متفق آهن.اصل واڳ ڌڻين وٽ ان باري ۾ ڪهڙي سوچ آهي ان باري ۾ في الحال ته ڪجهه اڳڪٿي ڪري نٿي سگھجي پر اهو طيء آهي ته ملڪ ۾ ڪنهن به لاڳيتي سياسي ڇڪتاڻ واري ماحول کي اهي به گھڻي وقت تائين نظر انداز ڪري نٿا سگھن.اهو فارمولا ڪامياب ٿئي ٿو يا نه اها الڳ ڳالهه آهي پر هن وقت تائين ان فارمولا تي سنجيدگيء سان سوچ ويچار ٿي رهيو آهي.ضروري ناهي ته مولانا جي ڌرڻي جي نتيجي ۾ فوري طور تي ان فارمولي طرف ڪا واضح اڳڀرائي نظر اچي پر ايندڙ ڏينهن ۾ لچڪ ۽ مفاهمت ڀريا ڪجهه اهڙا فيصلا ۽ قدم ضرور سامهون اچڻ وارا آهن جيڪي ان فارمولا طرف اڳڀرائيء جي نشاندهي ڪري سگھن ٿا.
     
    Asghar Ali Jamali هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو