• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

غزل: نه ته ڳالهه کلي پوندي

سجاد علي چنا

سينيئر رڪن
انتظامي رڪن
ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ
هر مهڻي تي ڏج مرڪي، نه ته ڳالهه کلي پوندي
ڪاوڙ نه ڪجان تڪڙي، نه ته ڳالهه کلي پوندي

چرچي تي ڪري چرچپ، هن ڳالهه جو رخ ڦيرج
اُٿجان نه ڪڏهن ڀڙڪي، نه ته ڳالهه کلي پوندي

هو مرڪي ڪندئي طنزون، ٽهڪن جا ڀتر هڻندئي،
تون رهج فقط کلندي، نه ته ڳالهه کلي پوندي

زخمن تي رکي آڱر، معصوم ٿي کوٽيندئي،
اُف ڀي نه ڪجان ڪائي، نه ته ڳالهه کلي پوندي

هي لوڪ ته ايئن ئي بس افسانا گهڙيندا پيا،
وڃجانءِ نه تون بهڪي، نه ته ڳالهه کلي پوندي

هر ٻل ٻه ارٿو رک، هل چال ڀي چوتالي،
ڏِنگن سان ٿي پئهِ ڏِنگڙي، نه ته ڳالهه کلي پوندي

ــــــــــــــــ ايم ڪمل
 
Back
Top