• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هوا کي چئو پرينءَ جي گهر گهڙي آهستي آهستي.

سجاد علي چنا

سينيئر رڪن
انتظامي رڪن
ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ
هوا کي چئو پرينءَ جي گهر گهڙي آهستي آهستي.
ٻڌي ٻانهون جهُڪِي خوشبو چمي آهستي آهستي.

ڪڪر پرتي هٽو هاڻي ته ڪا تارا زيارت ڪن،
پري ٿيو روشني پيرين پوي آهستي آهستي.

سويري سج جا ڪِرڻا ڪرڻ ديدار ايندا سو،
اسُر سان ماڪ ٽيهو ٿي ڏئي آهستي آهستي.

اتان طوفان ٿي پهتس، هِتان نڪران ته دم نڪري،
ڪٿي ماڻهو اُٻهرو آ، ڪٿي آهستي آهستي.

طَلبَ واريءَ جي ڀِڪ ناهي، کڻي منڇر جي ڇر سمجهو،
تپي آهستي آهستي، ٺري آهستي آهستي.

ڊڪي راڪيٽ کان تڪڙو، پوي ڪاٿي نه ٿاٻڙجي،
صلاحون ڏيو زماني کي هلي آهستي آهستي.

متان محسوس ٿئي دل کي، متان معلوم ٿئي من کي،
تڏهن استاد ٿو تڙپي لڇي آهستي آهستي.
_________
استاد بخاري
(نه ڪم نبريو، نه غم نبريو)
 
متان محسوس ٿئي دل کي، متان معلوم ٿئي من کي،
تڏهن استاد ٿو تڙپي لڇي آهستي آهستي.

واھ استاد واھ

ڀلا استاد جي ان ڪتاب جي ڪمپوزنگ ڪٿي پھتي؟
 
Back
Top