تقرير هڪ فن آهي! رب ڪريم هر انسان کي ڪنهن نه ڪنهن تخليقي نعمت سان نوازي ڪري پيدا ڪيو آهي. ڪن ماڻهن ۾ ڳالهائڻ جو ڏانءُ هوندو آهي ته ڪن ۾ لکڻ، پڙهڻ توڙي شين کي ٺاهڻ جو هنر هوندو آهي. ائين ئي پاڻ وري جڏهن ڳالهائڻ جي جزوي شڪل تقرير تي غور ڪنداسين ته پاڻ کي ائين معلوم ٿيندو ته هي به هڪ قسم جو فن آهي. هر ماڻهو کي سُٺو ۽ پُر اثرائتي نموني سان تقرير ڪرڻ ڪونه ايندو آهي. تقرير جو تاريخي پس منظر! تقرير جي تاريخي پس منظر کي پاڻ جڏهن معلوم ڪرڻ لاءِ تاريخ جو جائزو وٺون ٿا ته پاڻ کي ڪٿان به ڪو خاطر خواھ جواب نه ٿو ملي. ها ايترو ضرور معلوم ٿئي ٿو ته رب ڪريم هي فن پنهنجي خاص ٻانهن جهڙوڪ پيغمبرن کي عطا ڪيو هو. پنهنجي وقت جا رسول ۽ پيغمبر هڪ سُٺا مقرر هئا. ڇو ته سندن ڪم ئي تبليغ ڪرڻ هو ۽ تبليغ ۾ تقرير جو استعمال به وڏي پئماني تي ٿيندو هو. گفتگو ۽ تقرير ۾ بُنيادي فرق! تقرير ۽ گفتگو جي وچم هڪ وڏو خاص فرق اِهو آهي ته گفتگو ڪنهن به هڪ يا هڪ کان وڌيڪ مخصوص ماڻهن سان ڪئي وڃي ٿي. البته تقرير جو انداز به بنھ الڳ هوندو آهي ۽ تقرير ڪرڻ لاءِ ماڻهن جو هڪ وڏو ميڙ گهربل هوندو آهي. اُنهي ميڙ ۾ سون کان وٺي ڪري هزارين ماڻهو ٿي سگهن ٿا. گفتگو ۾ جيتوڻيڪ انداز بيان آهستي ٿي سگهي ٿو پر تقرير جي معاملي ۾ وري ماحول الڳ هوندو آهي ڇو ته تقرير تيز، تلخ ۽ جذباني انداز سان به ڪئي وڃي ٿي ته جئين سامهون وارن ماڻهن تي اثر انداز ٿي سگهجي. هر پڙهيل لکيل ۽ باشعور فرد جي اِها خواهش هوندي آهي ته سندس نقطه نظر ٻين تائين با آساني نموني سان پنهنجي سگهي. پنهنجي ڳالھ کي ٻين تائين پهچائڻ جا ٻه بنيادي طريقا آهن. هڪ تحريري ۽ ٻيو تقريري نمونو. تحريري بيان وري به پڙهندڙ جي مزاج ۽ دلچسپي تي دارو مدار رکي ٿو ۽ ان جي جاءِ تي تقريري پيغام ٻُڌندڙ کي پاڻ ڏانهن متوج ڪرڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿو. اِن لاءِ اچو ته اهو معلوم ڪريون ته هڪ بهترين تقرير ۾ ڪهڙن شين جو خاص خيال ڪيو وڃي! شخصي ڏيک! ڪنهن به ميڙ يا مجموعي کي خطاب ڪندڙ لاءِ اهو ضروري آهي ته سندس شخصيت، اُنهي تقريب يق ميڙ ميڙاڪي جي مناسبت سان مشاهبت رکندڙ هجي. فرض ڪريو جيڪڏهن توهان ڪنهن تعليمي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيا آهيو ته لازمي طور تي توهان جو ٻاهريو ڏيک ۽ تن تي لباس انهي نموني جو هجي. جنهن سان توهان تعليم يافته نظر اچو. ائين ئي جيڪڏهن توهان کي ڪنهن مذهبي ميڙ يا مجموعي ۾ ڳالهائڻ جو موقعو ملي ٿو ته توهان جو ڏيک به هڪ پرهيزگار ۽ ديندار جهڙو هجڻ گهرجي. ائين نه ٿي جو توهان جون ڳالهيون توهان جي شخصيت جو ئي نفي ڪن. اِهو فرق توهان جي ڳالهين کي کوکلو ڪندي ۽ توهان طرفان ڪيل ڳالهيون ماڻهن تي پنهنجو اثر نه ڇڏي سگهنديون. آواز جي چٽائي! تقرير جي معاملي ۾ اِهو به بنھ ضروري آهي ته توهان جو انداز بيان ۽ توهان جي ڳالهائڻ جو انداز ائين هجي جو توهان طرفان ادا ڪيل هر هڪ لفظ آسان ۽ مقصد ڀريو هجي ته جئين ٻُڌندڙ انهي کي با آساني سان ٻُڌي سگهي ۽ اُنهن لفظن کي ذهن نشين ڪري سگهي. ڪوشش ته اِها ڪرڻ کپي ته سامهون وارن فردن جي زبان کي مد نظر رکندي اُتان جي مقامي ٻولي ۾ پنهنجو موقف انهن آڏو رکجي ته جئين اُهي ڳالھ کي سمجهي سگهن. نرم ۽ نفيس لهجو اختيار ڪرڻ! لفظن جي ادائيگي مهل انساني زبان جو لهجو وڏي اهميت رکي ٿو. توهان جو لهجو جيترو نرم ۽ نفيس هوندو. توهان جي ڳالھ اوتري ئي اثر ڪندي. ان لاءِ ڪنهن به موضوع يا عنوان تي ڳالهائڻ مهل ڪوشش ڪري پنهنجو لهجو نرم ۽ نفيس رکجي. تلخ لهجو اڪثر طور ٻڌڻ وارن تي بيزاري واري ڪيفيت طاري ڪندو آهي ۽ سامهون وارا اهو گمان به ڪري سگهن ٿا ته هي شخص اسان کي نفسياتي طور ڀڙڪائي رهيو آهي. مثالن، چوڻين ۽ ٽوٽڪن جو استعمال ڪرڻ! پنهنجي ڳالھ يا موقف کي چٽي نموني سمجهائڻ لاءِ مثالن، چوڻين ۽ ٽوٽڪن وسيلي به مدد وٺي سگهجي ٿي. ڪجھ ڳالهيون اهڙيون هونديون آهن جيڪي مثالن کان سواءِ سمجهائي نه ٿيون سگهجن. ان لاءِ ضرورت آهر پنهنجي موضوع جي مناسبت سان ڪجھ مثال ڏيڻ به ضروري هجڻ گهرجن ته جئين ڳالھ جو اصل مقصد ۽ تت واضع ٿي سگهي. ضرورت آهر سامهون وارن کان سوال پڇڻ! ڪنهن به تقرير يا موضوع جي اختتام تي اهو ضرور معلوم ڪجي ته آيا سامهون ويٺل ميڙ کي ڳالھ ڪيتري حد تائين سمجھ ۾ آئي آهي. ان لاءِ تقرير جي وچ ۾ يا وري ختم ٿيڻ مهل لاڳاپيل موضوع جي بابت سوال پڇن. جنهن سان اِها ڳالھ پڌري ٿيندي ته توهان جو پيغام ڪيترن ماڻهن تائين پهتو آهي. مٿي بيان ڪيل ڳالهين جي روشني ۾ جيڪڏهن توهان ڪنهن ميڙاڪي يا مجموعي ۾ ڪنهن به موضوع تي تقرير ڪندا ته يقينن توهان کي ڪاميابي نصيب ٿيندي.