صوفيت جو سماجي ڪارج ڊاڪٽر ساغر ابڙو صوفيت ، انسان سان گڏ وجود ۾ آيل واحد فڪر آهي جنهن جي تاريخ تمام گهڻي متنازعه رهي آهي. ايئن ئي جيئن خود انسان جي تخليق، پيدائش ۽ ارتقا بابت انيڪ خيال آهن، ساڳي ريت صوفيت جي آغاز، ڪارج ۽ ارتقا بابت به اوترا ئي خيال آهن. جيئن پهرين انسان جي دنيا ۾ موجودگي وقت ان جو نالو انسان نه هو، ساڳي ريت ان وقت هن فڪر جو نالو به صوفيت نه هو. پر انسان توڻي صوفيت، ٻنهي لاءِ هڪ ڳالهه ته ثابت آهي ته اهي مذهبن جي وجود ۾ اچڻ کان گهڻو آڳاٽا آهن. انسان سڀ کان پهريائين جنهن فڪر سان روشناس ٿيو، جيڪو منجهس جبلي طور موجود هو ان کي اڄ صوفيت ٿا سڏيون. ان فڪر جو بنياد پيار يا عشق تي رکيل هو، اهو انسان جو پاڻ سان يا آس پاس موجود مظهرن سان يا پاڻ جهڙن هم جنسن سان پنهنجائپ وارو ابتدائي جذبو هو. اڄ انسان جڏهن ارتقا ج ڏاڪا چڙهندي چڙهندي هيڏي ترقي ڪري چڪو آهي ته اتي صوفيت پڻ ساڻس گڏ اهو ارتقا جو سفر طئي ڪيو آهي. انسان ۽ صوفيت، اڄوڪي دور ۾ هڪجيترا پيچيده بڻجي چڪا آهن. ٻنهي لامذهبي دور کان سفر جي شروعات ڪئي ۽ هزارين سالن جي پنڌ کانپوءِ وري لامذهبيت ڏانهن واپس وري رهيا آهن. 21 صدي جي انساني سماج ۾ جتي مذهب، سياسي ۽ سماجي نظريا توڻي معاشي نظام پنهنجي اهميت وڃائي رهيا آهن اتي صوفيت اڄ به اوتري طاقت ۽ پوئلڳي سان موجود آهي ۽ سندس معترضين ان حيرت ۾ آهن ته آخر ان وٽ اهڙو ڇا آهي جو اها زوال پذير نه ٿي ٿئي. اهي ڀليل آهن ڇو جو ڌرتي تي جيسين انسان جو وجود قائم آهي تيسين صوفيت به قائم رهڻي آهي. صوفيت هڪ عالمگير فڪر آهي جيڪو مختلف قومن، ثقافتن ۽ علائقن ۾ مختلف رنگ ڍنگ سان موجود آ. انسانيت ۽ صوفيت هڪٻئي جي بقا لاءِ اڻٽر آهن ۽ اهي هڪٻئي تي مڪمل طور آڌارت آهن. موجوده صدي جي تيز ترين انساني زندگي ۾ صوفيت جو ڪهڙو سماجي ڪارج آهي، اچو ته ان تي نظر وجهون 1.. عالمي سياست: هن وقت مختلف سياسي ۽ معاشي اڻبرابرين ۽ اقتصادي مفادن سبب دنيا هر وقت جنگ جي ڪناري تي بيٺل آهي. جيڪي به سياسي نظريا ۽ مفڪر آيا انهن پنهنجي ماڻهن ۽ ملڪن جي مفادن جي تحفظ جي ڳالهه ڪئي ۽ ان جي حفاظت لاءِ ٻين کي ڪچلڻ جو سبق ڏنو. سرد جنگ هجي يا ان کانپوءِ واري صورتحال، انسانيت ڪڏهن به سڪون ۽ صلح جو زمانو نه ڏٺو آهي. صوفيت هميشه بقاءِ باهمي جي اصول جي ڳالهه ٿي ڪري ۽ انسانن ۾ جاگرافيائي يا لساني يا نسلي يا قومي بنيادن تي تفريق جي مخالف آهي. موجوده سياست منڍي ڪٽ مقابلي ۾ ايمان ٿي رکي پر صوفيت سڀني کي گڏ کڻي هلڻ جي ڳالهه ٿي ڪري. جڏهن وجود هڪ ئي آهي ۽ دوئي آهي ئي ڪونه ته پوءِ مقابلو ڪنهن سان آهي ۽ خوف ڪنهنکان آهي. پوءِ ته ڪوبه ذاتي ۽ قومي مفاد رهي ئي ڪونه ٿو صرف انساني مفاد عزيز ٿو رهي ۽ عالم جي گڏيل انساني ترقي ۽ تحفظ ئي واحد مقصد ٿو رهي. نئين عالمي نظام جي تشڪيل جيڪڏهن صوفيت جي وحدت الوجود واري نقطي تي تي ڪئي وڃي ته جنگ ۽ تباهي جي هٿيارن جي ڊوڙ تي خرچ ٿيندڙ اربين ڊالر سڄي دنيا جي انسانن جي زندگي کي سهولت ڏيڻ لاءِ خرچ ٿيندا ۽ ڪوبه غريب ۽ مصيبت جو ماريو ته رهندو. 2. مذهبي تعصب: مذهب به هڪ سماجي ادارو آهي جنهن کي انسانن ۾ تفرقي ۽ انهن جي استحصال لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي. مذهب جي بنياد تي فرقي پرستي ۽ تشدد سموري انسانيت جو مسئلو آهي. شدت پسندي ۽ عقليت دشمني هر مذهبي گروه جي خاصيت رهي آهي. ان کي ذاتي مفادن لاءِ ۽ پنهنجي نفسياتي تسڪين لاءِ استعمال ڪندڙن عالمي سياست ۽ ملڪي سياستن ۾ پڻ انجي استعمال جو رواج وڌو ۽ ان بنياد تي مارا ماري ۽ خودڪش بمبارن جهڙا نمونا پيدا ڪيا. عقليت ۽ شعور جي ڦهلاو کي روڪيو پيو وڃي ۽ علم جي ذريعن تي قبضو ڪري جهالت پکيڙي پئي وڃي. ساڳي مذهب جا پوئلڳ هڪٻئي جي خون جا پياسا آهن ۽ اتي ئي ٻين مذهبن وارن جا پڻ دشمن. اڄ دنيا لکين ڊالر خرچ ڪري رهي آهي ته بين المذاهب هم آهنگي قائم ٿئي ۽ انهن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ سهپ جو رستو کلي. صوفيت انهن سڀني مسئلن جو واحد ۽ اثرائتو حل آهي. سڀئي مذهب صوفيت جي ارتقا دوران ان مان ڦٽي نڪتا پر پوءِ انهن جي بانين پڄاڻان، انهن مذهبن جي پوئلڳن انهن کي ڪمائي جا دڪان بڻائي ڇڏيو. ان ڪري انهن سڀني مذهبن جي صوفياڻي بنياد کي هٿي ڏئي انسانن جي وچ ۾ محبت جو رشتو قائم ڪري سگهجي ٿو ۽ اهو ئي بين المذاهب هم آهنگي جو اڪيلو ازلي بنياد آهي جنهن تي صرف ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ ان تي ايڏو خرچ به ناهي جيڏو اڄ ڏينهن تائين ان تي ٿي چڪو آهي ۽ نتيجو ڪجهه به ناهي. شدت پسندن، انتها پسندن ۽ خودڪش بمبارن جي نظرياتي اصلاح پڻ صوفيت جي پيغام ۽ روح سان ئي ممڪن آهي. 3. انساني حقن جي صورتحال: عورتن، ٻارن ۽ اقليتن تي ٿيندڙ ظلمن جا بنياد پڻ اهي ئي ساڳيا آهن جيڪي مٿين ٻنهي نقطن ۾ بحث هيٺ اچي چڪا آهن. انساني حقن جي عالمي پڌرنامي ۾ موجود حقن جو عملي مظاهرو صدين کان صوفي حلقن ۽ دائرن ۾ جاري آهي. صوفيت انسانيت جي عظمت جي تحريڪ آهي جيڪا انسان، عورت، مرد ۽ ٻار کي هر مفاد کان مٿي سمجهي ٿي ۽ انهن ۾ ڪنهن به تفريق جي قائل ناهي. 4. تعليم: صوفيت تعليم وسيلي هڪ سائنسي روحاني دنيا سمجهڻ جو نظام تخليق ڪرڻ چاهي ٿي جنهن ۾ انسان جي جسم ۽ روح ٻنهي جي ضرورت پوري ٿئي ۽ دنيا ۾ وڌندڙ نفسياتي بيمارين ۽ خودڪشي جي رجحان کي گهٽ ڪري سگهجي. 5. اقتصاديات : صوفيت دنيا ۾ ٽيڪنالاجي جي غير ضروري ڊوڙ جي مخالف آهي ڇو جو ان وسيلي ترقي يافته ملڪ غريب ۽ ترقي پذير ملڪن جو استحصال ڪن ٿا. ٽيڪنالاجي ۽ ان جي هلائڻ وارن جو خرچ غريب ملڪن کي برداشت ڪرڻو پوي ٿو ۽ اهي هميشه قرضي رهن ٿا. جنگي هٿيار ۽ ٻيا پيچيده ٽيڪنالاجي وارا اوزار انهن جي معيشت تي اجايو بار آهن. صوفيت چاهي ٿي ته عالمي سياست وحدت الوجود جي بنياد تي ڪئي وڃي ته هٿيارن جي ڊوڙ ۽ پيداوار بند ٿي ويندي ۽ جنگ جو خوف ختم ٿي ويندو. ملڪن جون دفاعي بجيٽون گهٽجي وينديون ۽ اهي پئسا عوامي خوشحالي تي خرچ ٿيندا. ترقي پذير ۽ غريب ملڪن کي گهرجي ته اهي درمياني درجي جي ٽيڪنالاجي ڪم آڻن، جنهن جو خام مال اتي ئي موجود هجي ۽ انجا ٺاهيندڙ ۽ هلائيندڙ پڻ مقامي هجن جيئن اجايا قرض نه کڻجن 6. معاشيات: صوفيت سرمائيداري نظام جي سخت مخالف آهي ۽ هر ان معاشي ماڊل سان سلهاڙجي سگهي ٿي جيڪو انساني محنت سان گڏ ماحولياتي ترقي جو پڻ ضامن هجي. هن وقت شراڪتدار معاشيات ۽ معاشي ماحولياتي ڪميون تي ٻڌل نظام ئي صوفيت جي معاشي پاليسين جي قريب ترين آهي.