سوچـن تي ضابـطي جـا ست اهـم طريقا

'مختلف موضوع' فورم ۾ يوسف جميل لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏17 نومبر 2019۔

  1. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    258
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه
    ليکڪ: ميان جمشيد
    سنڌيڪار: يوسف جميل لغاري

    سوچڻ انتهائي سٺي ڳالھ آهي اِن سان اسان سُٺا فيصلا ڪري سگهون ٿا. پر حد کان وڌيڪ سوچڻ، سوچن تي ضابطو نه رکڻ جتي اسان ۾ ڪاوڙ پيدا ڪندو آهي اُتي ئي وري ڪنهن اهم موڙ تي فيصلي ڪرڻ جي سگھ کان به محروم ڪري وٺندو آهي.
    اسان مونجهارن جو شڪار ٿي پوندا آهيون. اِنهي ڪري اسان کان تمام اهم موقعا ضايع ٿي ويندا آهن ۽ بعد ۾ وري پچتائيندا آهيون.

    بري ۽ ڀلي وقت ۾ سهڻي نموني سان سوچي سمجهي فيصلو ڪرڻ ئي اسان کي ڪامياب ۽ نا ڪامياب بڻايندو آهي ته جناب جيڪڏهن توهان به سوچن ۾ پنهنجو ڪافي وقت گذاريو ٿا ۽ وقت سر ڪو سٺو ۽ وزنائتو فيصلو نه ٿا ڪري سگهو ته پوءِ هي اڄوڪو مضمون خاص طور تي توهان لاءِ ئي آهي. هن ۾ ٻڌايل سَت اهم ڳالهين تي غور ۽ فڪر ڪريو توهان جو مسئلو حل ٿي ويندو.

    مون کي فلاڻي ڏينهن تائين فيصلو ڪرڻو آهي:
    پنهنجي سوچن کي ڪنهن به ڳالھ يا ڪم تي سوچڻ لاءِ هڪ مقرر وقت ڏئي ڇڏيو. اِهو نه چئو ته ها ڏسون ٿا، سوچون ٿا، ڪري ٿا وٺون يا ڪري وٺنداسين، ائين بلڪل به نه ڪجو، هڪ مقرر وقت سوچڻو آهي ته آيا مون کي فلاڻي ڏينهن تائين هي ڪم يا هي فيصلو ڪرڻو آهي. ٿيندو ائين آهي ته جڏهن اسان سوچڻ جي معاملي ۾ سستي اختيار ڪندا آهيون ته اسان جون سوچون ٻي پاسي هليون وينديون آهن. جنهن سان فضول، وقت برباد ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون اچي ڪري ذهن ۾ جڳھ ولارينديون آهن. اِنهي ڪارڻ اصل مقصد واري يا ڪم واري سوچ هلي ويندي آهي. اسين سوچڻ ۽ فيصلي ڪرڻ جهڙن معاملن ۾ پهريان ئي ڪمزور آهيون وري مٿان هي سست رفتاري به اسان کي ڪمزور ڪري ٿي. پر جڏهن توهان پنهنجي دماغ کي ڪنهن مقرره وقت جو پابند بڻايو ٿا ته توهان جو ذهن به درست ڪم ڪرڻ لڳي ٿو ۽ توهان جا ڪم به تڪميل تائين پهچن ٿا.

    سوچن کي سڪونيت اختيار ڪرڻ ڏيو:
    جڏهن ڪنهن چڱي ڳالھ سوچڻ تي دل نه چوندي هجي. ڪجھ به سوچڻ تي موڊ نه هجي، ته انهي وقت ٿوري عرصي لاءِ آرام ڪري وٺو، زبردستي سوچڻ شروع نه ڪريون منهنجا ڀاءُ، جيڪڏهن بهترين فيصلا ڪرڻا اٿئو ته پوءِ توهان کي پنهنجي ذهن کي ڪجھ وقت سڪون ڏيڻو پوندو. بي چين ٿي ڪري، پريشاني ۾ مبتلا ٿي ڪري يا ڪنهن مونجهاري ۾ مبتلا هوندي توهان ڪڏهن به ڪو به ڪارگر حڪمت عملي نه ٿا سوچي سگهو. اِن لاءِ جڏهن اِهڙي قسم جي ڪنهن مونجهاري ۾ اوهين مبتلا هجو ته ان وقت ڪجھ کائو پيو، گهمو ڦرو يا ڪنهن سان ڪچهري ڪري وٺو ته جئين توهان جو موڊ درست ٿي سگهي ۽ توهان درست سوچي سگهو.

    سوچن کي ٻيائي نه ڪجي:
    جڏهن توهان پنهنجي دماغ کي ڪجھ عرصو سُٺي نموني فرحت بخش سڪونيت ڏني، آرام ڪري ورتو يا ڪنهن ٻي نموني دماغ کي تر و تازه ڪيو ته هاڻي جناب وڌيڪ سستي ڪرڻ جي ڪا به گنجائش ڪونه آهي. ائين نه ٿو جو وري اوهان چئو ته اڄ ڊرامو ڏسي وٺان،فلاڻو ڪم ڪري وٺان، فلاڻي جڳھ تي وڃي ڪري سوچيندس، اهڙي نموني جيترو توهان دير ڪندئو، ايترو ئي توهان جو دماغ غير اهم ۽ فضول سوچن جي گهيري ۾ اچڻ شروع ٿيندو، اِن فضول سوچن جي سبب توهان جو دماغ ٿڪجڻ لڳندو ۽ جڏهن توهان اصل معاملي کي سوچڻ شروع ڪندئو ته توهان جي دل اُن معاملي تي سوچڻ کان انڪار ڪندي. اِن لاءِ سائين پنهنجي مقرر ڪيل وقت ۾ ئي سوچڻ شروع ڪريو ۽ پنهنجي فيصلن کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ دير نه ڪريو. توهان جيتري جلدي صحتمنداڻي نموني سان سوچڻ جي شروعات ڪندئو توهان جو دماغ به انهي آڌار تي توهان کي جواب معيا ڪندو.

    صرف سوچن تي گذارو نه ڪجو:
    جڏهن توهان هڪ مقرر ڪيل وقت ۾ ڪنهن شئي جي باري ۾ ڪا سوچ اختيار ڪئي آهي ته اُن سوچ تي عمل ڪرڻ کان پهريان انهي بابت ڪا ٻي سوچ اختيار نه ڪجو. جيڪڏهن ڪنهن ڪم بابت توهان هڪ کان وڌيڪ رستا سوچيا آهن ته واري واري سان هر هڪ تي عمل ڪري ڏسو، جيڪڏهن توهان صرف انهن رستن کي سوچيدئو ۽ انهن تي عمل نه ڪندئو ته توهان کي متوقع نتيجا ڪونه ملي سگهندا ۽ خبر ناهي الائي ڇا مان الائي ڇا ٿي ويندو. يقين ڪريو اهڙي نموني توهان ڪڏهن به ڪو پر اثرائتو فيصلو نه ڪري سگهندئو. اهو به ياد ڪرڻ گهرجي ته نتيجي جي بابت سوچڻ به سٺي سوچ جو حصو آهي پر اصل حقيقت عمل ڪرڻ کان پوءِ ئي خبر پوندي آهي. انهي مهل جيڪا ڪمي يا ڪوتاهي رهجي ويندي آهي ته انهي کي وقت سر درست ڪري ڇڏبو آهي. ائين قطعي ڪونه آهي ته سوچڻ کان پوءِ هٿ تي هٿ رکي ويهڻو آهي ۽ سڄو ڪجھ پاڻ ٺيڪ ٿيڻ جي انتظار ۾ ويهڻو آهي.

    سڀ ڪجھ توهان جي اختيار ۾ ناهي هوندو:
    جيڪڏهن اسان هن ڳالھ تي يقين ڪندي هنن ترغيبن کي هيان سان سانڍي ڇڏيون ته يقين ڪريون اسان ۾ وقت آهر فيصلي ڪرڻ جي سگھ پيدا ٿي پوندي. پر اسان چاهيندا آهيون ته جئين اسان سوچيون ٿا ته اهو ڪم به بلڪل ائين ئي ٿي. اهو ممڪن ته ڪونه آهي. اسان هڪ ئي وقت مجبور به آهيون ته مختيار به، جن ڳالهين يا ڪمن تي توهان جو اختيار نه هوندو آهي انهن تي سوچڻ وقت کي ضايع ڪرڻ کان علاوه ٻيو ڪجھ به ڪونه آهي. ائين ڪرڻ سان اسان فضول ۾ ذهني دٻاءُ جو شڪار ٿيون ٿا. اهڙن معاملن جي اچڻ مهل رب ڪائنات تي اعتبار ڪندي اِهي معاملا انهي جي سپرد ڪرڻ کپن. غلط فيصلو ڪرڻ، يا غير متوقع نتيجا اچڻ انهي ڳالھ جي شاهدي آهي ته سڀ ڪجھ اسان جي وس ۾ ڪونه آهن.

    پنهنجي ماحول کي مثبت ۽ حوصلي وارو رکو:
    ياد رکو ته توهان ائين ئي سوچيندا آهيو ۽ اثر وٺندا آهيو جهڙو توهان جي اوسي پاسي جو ماحول هوندو آهي. اداسي جا گيت جيڪڏهن توهان ٻڌندا ته توهان انهي وقت ڪو صحت مند فيصلو نه ڪري سگهندا. سٺا ۽ بهترين فيصلا ڪرڻ لاءِ توهان جو بهترين ماحول ۾ اچڻ ضروري آهي. تواني سان سرشار ۽ پر جوش ماڻهن سان گڏ رهڻ سان ۽ اهڙي نموني جو مطالعو ڪرڻ سان توهان جي سوچ مضبوط ٿيندي. توهان کي پنهنجي سوچن تي ضابطي آڻڻ جو فن اچي ويندو، ڪيترو سوچڻو آهي؟ ڪڏهن ۽ ڪئين سوچڻو آهي؟ انهن سڀني ڪمن کي ڪرڻ لاءِ توهان کي پنهنجي ماحول کي مثبت ڪرڻو پوندو. توهان جو ٻاهريون دنيا جيترو خوبصورت ۽ دلڪشن هوندو توهان جي اندر جي دنيا اُتري ئي حسين هوندي.

    پهريان ئي الٽو نه سوچيو:
    تون ڏسي وٺجان ٽرين/بس ضرور ليٺ ٿيندي! فلاڻو ماڻهو اڄ ملندو ئي ڪونه، مون کي لڳي ٿو اڄ ڪجھ خراب ٿيڻ وارو آهي. آءُ ناڪام ٿي ويندس، مون کان نه ٿي سگهندو وغيره وغيره براءِ مهرباني اهڙن ڳالهين تي عمل ڪرڻ کان پهريان ئي انهن کي سوچڻ بند ڪريو. جيڪڏهن اهڙيون ڳالهيون توهان جي سوچن ۾ اچن به ٿيون ته انهن کي لفظن جي صورت نه ڏيو ۽ انهن کي زبان سان ادا ڪرڻ کان گريز ڪريو، اِهڙن سوچن جي اچڻ تي اهو چئي انهن جو رخ تبديل ڪيو ته رب ڪائنات آهي نه. اهو پاڻ سڀ ڪجھ درست ڪري وٺندو. اهڙن سوچن جي اچڻ تي توهان جي اندر ڪمزوري جو عنصر پيدا ٿيندو ۽ توهان جا اردا ڪمزور ٿيندا. توهان جي ذهن ۾ فضول ڳالهيون اچڻ شروع ٿينديون.

    دوستو - ٿي سگهي ٿو ته توهان کي هنن ڳالهين تي عمل ڪرڻ ٿورو ڏکيو لڳي پر يقين ڪريو ته ائين صرف شروع ۾ ئي ٿيندو، پوءِ آهستي آهستي توهان جون سوچون توهان جي تابع ٿينديون، توهان ۾ خود اعتمادي بحال ٿيندي، جنهن سان توهان جي شخصيت کي چار چنڊ لڳي ويندا.

    https://awamiawaz.pk/epaper/magazine/20191117/page13.php
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو